Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am


داستان ستون
1
چڙهيو سَر ڇانڀين، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ته �سنيها سانڀين، جي ٿا مُڪَئي سَڄڻان.�
2
ٽڪيو تي ٽارِيءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ڏئي سان زاريءَ، اُڀي سنيها سَڄڻان.
3
پارانڀا پويون، وجھي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛
ڪڍي آبُ اکين مان، نيهين نِچويون؛
لڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.
4
چڙهيو ڏار ڏئي، سنيها جي سڄڻان؛
ٿو ڄَڻ روح رڳُن مَون، نياپن ساڻ نِئي؛
جثو جاءِ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.
5
اَڄ ڪانگل آيو، ماٺ ڪندي مونجھ مَون؛
سو تا منهنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛
هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِهر سان.
6
اَڄ ڪانگا چئه ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟
حالَ اسان هِت هِهڙا، ڪي هُت ڀي هُئا هِئين!
جھامَ ڏئٖي جھُڙ جِئين، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.
7
ڏاها ٿيءُ نه ڏورِ، ويههُ مون کي ٿي ويجھڙو؛
ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙِي، جان هُئين رات حضور؛
دوستَ اڳين دستور، ڪِي تعِظيمان توکي ڏنيون؟
8
زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛
�پِريان سندي پار جِي، آهه تو کي واڌائي؛
�پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت ساجن سَڀائِي؛
�ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!�
مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.
9
الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛
وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄِيءَ جو پيغام؛
ڪري قدمن تي پَئي، سَوَ لَک ڏيج سلامَ؛
آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛
�اچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگھو طرف �سچوءَ� جي.�
10
نا ته مرِي ويندو هيءُ، الله لڳ اَچيج تون؛
تو توَن آهي هن جو، جانِي، صدقي جيءَ؛
لاههِ فراق فقير کَون، والِي ويجھو ٿيءُ؛
تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.
11
سَڀئِي ڏيج ساري، سنيها کي سَڄَڻان؛
�اوهان ٻاجھون سُپرين، هُت گوندرَ گذاري؛
�گھَڙِي نا گھاري، ميان محبوبن ري.�
12
پَکِي سوئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهين؛
رسيو وڃي اُتهين، سو پانڌي منجھ پَهَر؛
آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر؛
�هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِنيڙي منجھ حَشَر؛
�ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛
�هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي.�
13
ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسان دل کي؛
ته �صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيبَ کي.�
14
پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛
آءُ اُڏامِي اوڏڙو، تا جھوليءَ ۾ جھوليانءِ؛
سَڀَئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛
پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.


ڪافي 1
آيا ڏٺوَ، آيا ڏٺوَ، چئه ڪي پانڌِي آيا!

پرينءَ کي هِن پارَ ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي، سَعيا!
طرف اسان جي ڪَههُ ڙي ڪانگلَ، ها روح سندن جا رايا!
وري سگھو ميان ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.
�سچو� ساري مِيان گھڻو سنڀارَ، سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪايا.

ڪافي 2
چَشمن يارَ جي مون تي، چئه جا چوٽَ چلائِي!

درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.
اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ، تَنهن جي حُسن هلائِي.
ٻنِهي اکڙين سيف ستم جِي. چَو جا آڻي چمڪائِي.
بَڙڇِي بِرهَ جِي سِيني اَندر، �سچو� هِن خيالُ کُپائِي؛




ڪافي 3
منهنجي زاري زاري، سُهڻا سائين تو سان!

معلوم تو کي ڳالهه اسان جي
يارَ سڄَڻ سا ساري ساري.
هِيءَ تا هيڻِي واءُ وهيڻِي،
بِره اوهان جو باري باري.
دوستَ هِئين ۾ يار سمائين،
گھوٽَ نه وجھج گھارِي گھاري.
اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان،
يار اسان جِي ياري ياري.
طرفون تنهنجي يارَ �سچوءَ� کي،
آهه ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.

ڪافي 4
يارَ تو سان، ڪي تا ڏينهڙا لَنگھايَم!

راتيان ڏينهان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايَم.
پُڄاڻا اوهان جي ڏاها، ڏاڍا سي پور پِرايَم.
سِڪ تنهنجي سُپرين، سارا ئِي سورَ سَلايَم.
پِرين تنهنجي پارَ جا، ڏيهاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.
�سڇو� سي ئي آيا جَن لئه، فالان ٿي روز وجھايَم.

ڪافي 5
ساٿِي منهنجي يارَ کي،
ساري ڏيج سلام!

پِرت منهنجي روز اَزل کان، تو سان مُحب مُدام.
چئِي مَڪا هُئوَ يارَ سَڄڻ، ميان، اَچڻ جا اَنجامَ.
اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُلَ پَون هَنگامَ.
�سچوءَ� جيها ڪيترا، تنهنجي در غُلامَ.

ڪافي 6
تو سان يارَ سڄڻَ، منهنجي پِرت اَصل کَون پيئي.

اَصل اسان جو عشق توئي سان،
ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.
ڪڏهن مُڪو- ڪونه اسان ڏي،
ڏکين نياپو ڏيئي.
اَسين توئِي سان هِڪ ٿينداسين،
وچون وائِي هِجر جِي ويئي.
سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،
جانِي ڪيڙم تو سان جي ئِي.
جي ئِي ڪَيا هَم قولَ توئِي سان،
�سچو� پاڙيندس سي ئِي.

ڪافي 7
ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟
پِرين تو کي پاڻَ پُڇَڻ ٿا!

�جيهو تيهو آهه اسان جو�، چئه جو دوستَ چون ٿا.
ڪڏهن ماندو متان ٿئين تون، تنهنجي اڱَڻ اَچَن ٿا.
جڏهين ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.
پِرين تو کَون پَري نه آهن، ويڙهي ڄَڻُ ته وسَن ٿا.
ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي �سچو�، هو اَڄُ گوش گذارن ٿا.

ڪافي 8
مانَ پِريَن کي پوي، ڪنِ فرياد اَسان جِي!

عشقَ جو ماريون سُڻو سَڀيئِي،
اديون ڙِي ناهِيو اوي.
هن نماڻِيءُ جو يارَ سَڄڻَ کي،
حالُ وڃي ڪو چوَي.
هِيءَ تا تَنِ رِيءَ راتو ڏينهان،
راند روئڻ جي روي.
در دوسَن جي ڪيئي آهن،
سچوءَ� جيها سَوي.

ڪافي 9
ساٿِي تون يارَ مُنهنجي کي،
نيئِي پَهچاءِ سَنيهو هي!

ته �قيد الماء� جي قسمت، وڌِي، دوري تو کَون مون کي.
�سي پاڙج واعدا پنهنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.
�ڪتابَن ۾ وڌم مُنهن ٿي، ته ٿي خورسَندگي حاصل،
�لڳي دل اوچتِي تو سان، وساري بِره بي تي ثي.
�مون کي تو تا فراقِي ڪيو، اِها فرياد ڪنهن کي ڏيان؟
�هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ، �سچوءَ� کي ياد آهن سي.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: