Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري   شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 4:02 pm

داستان پهريون

1
لَيۡلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِيئَن، ڪُلِّي نَوۡمُ ڪَياءِ!
قُمۡ ٿِي، پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجۡلِسۡ تو نه جُڳاءِ؛
مُٺِي! مهِمانَنِ سين، ويهِي راتِ وِهاءِ؛
جيلان نِنڊَ ڪَياءِ، تي روزُ رَهِين ٿِي راهَ ۾.
2
اِجۡلِسۡ ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ؛
نَوۡمَ نَوازِينءَ؛ اُن جي، مَرۡحَبا موڏَنِ؛
رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَلۡيَوۡم سِيۡرُوۡا، سَسُئِي.
3
غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ! تُون ڪِيئن، اَڻاسِي! اوجِھرين؟
چُپاتا چَڙهِي ويا، وڃِي پَهُتا توڙِ؛
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِين.
4
آلوڙو اَکينِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
هاڻي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گھارِيان ڪارَڻِ ڪِن؟
اَديُون! اوٺِـيَڙَنِ، هِنئين سان هاڃو ڪَيو.
5
سُتِينءَ پَير ڊِگھا ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ؛
دَرَ ڀَرِ اُڀِئين دوسِتَ جي، ته سُرِ پُرِ هُوندَ سُياءِ؛
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نه سِياءِ؛
پُنهُونءَ سين پِياءِ؛ ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرِين!
6
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي.
7
سُتِينءَ سَنجھيئِي، مُنهُن ويڙهي مُئنِ جِئَن؛
اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئِي؛
هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيُنِ ڪَرِين!

داستان ٻيو
1
ڏُونگَـرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين؛
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهِين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو؛
اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
2
ڏُونگَـرَ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِين گَڏِجان ته چوان؛
ڀِنِيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ؛
چڱِي ڪانَ ڪَياءِ، پَيرُ وِڃايُءِ پِرِينءَ جو.
3
ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
”پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نه پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: ’وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!‘“
4
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛
گَھڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان هوتَ وَڃَنِ؛
تُون ڪِئن سَندا تن، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟
5
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛
هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛
گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!
6
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري.
7
ڏُونگَـرَ ڀُونيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين؛
هَهڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِينءَ ڪي ٻِيا.
8
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
ڪنهنکي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.
9
تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهِنجا لوهُ؛
ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.
10
ٻَـڙِيَ! ته ٻيلِي گَھڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ؛
رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَـرَ ڪاري ڏُکُ؛
آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهَنُما راه ٿِيو.

داستان ٽيون
1
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هِت، هوتاڻِي! هاڻِ؛
اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ؛
پورهيو ڪَندِيسِ پاڻِ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.
2
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ ’پاڻِ‘؛
جي ڀُلايُون ڀاڻِ، تن کي رَسُ، رَسِيلا، راهَ ۾.
3
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا؛
وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ؛
ڌَڙُ ڌُوڻِيو تنهن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جِئڻ نه ٿِئي!
4
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻارَوچَنِ جا؛
پُنهونءَ جي پَيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجھان رُڪَ؛
هَنيَمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪري.
5
جيهِي جي تيهِي، ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي؟
اَصۡلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئ آءٌ پيئِي؛
هُوءَ جا پائِينِ پيرَ ۾، تنهن جُتِي نه جيهِي؛
وِساري ويهِي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪِيئن رَهان؟
6
هُئِي، جي نه هُئِي؛ ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي؛
هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻَ هوتَ ڏي.

داستان چوٿون
1
ڳائِي نه وائِي؛ اَدِيُون! آرِيچَن جِي؛
ڪنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِھيان، جَبَلَ جھاجھائِي؛
جيڪسِ واجھائِي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لَءِ؟
2
هَلَڻُ سَهان نه هوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نه وَسِ؛
اَللهَ! آرِيچَن جِي، گولِي ميڙِئين گَسِ؛
پِرِين، پَنهوار! تو پُڇان، ڏُونگرِيا! مُون ڏَسِ؛
اَکِينِ جِي آرَسِ، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي.
3
مُون کي جنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا! اُنِين ري؛
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلان ڳالھِه ڳَرِي ٿِـئِي.
4
مُون کي جنِين مارِيو، سُڃاتِمَ سيئِي؛
پُنهون پَيڪانَ پَڇَنڊِيا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي؛
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄڻَين.
5
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، سَهائِي، سِياهُ؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگارَنگِي راهُ؛
پَهرِين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
6
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان ڏِينهُن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آرِي ڄامَ جِي.

داستان پنجون
1
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪَيو، ويٺِي وِرِهُ چَران؛
اِنَ عَذابان اَڳَهِين، مادَرِ! ڇو نه مَران؟
اَدِيُون! جو نه اَوهان، سو مان سُر سَرَتِيُون!
2
اَدِيُون! اَگِھي آهِيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا؛
سي ڪوهِيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
جي سَسُئِي سيباڻ، سي وڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
3
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَرِي؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَـرَ پَوَنِ ڏَرِي؛
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرِ اُڀِري ڪِينَ ڪِي.
4
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رسي سُورُ شَبانَ؛
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃي.
5
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي؛
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ!
وَرُ وِلَهِنِ جا وَسِيلَ! رَسُ، رَهَبَرَ! راهَ ۾.
6
سرَتِيون سُوراتِنِ جي، ڪوهُ ٿِيون پَٿَرِ پَوَنِ؟
گھاءُ نه لَڳُنِ گَھٽَ جو، رِيا مان ٿِـيُون رُوَنِ؛
چيتارِيو نه چَوَنِ، پارَ مُنهِجي پِرِينءَ تان.

داستان ڇهون
1
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناهِ اُساٽ؛
لوهُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ؛
ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
2
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ پَچَڻَ ناهِ پَچارَ؛
اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِھ خُمارَ؛
گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
3
سُڃَ وَسَندِي تن کي، جوشَ جَلايا جي؛
طالِبَ جي تحَقَيقَ جا، نِينهُن تنِين وَٽِ ني؛
ٽيڏِي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪِڙو.
4
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ؛
وَرُ نه سَهي ويڪَ، تُون، ٽيڏِي! ٽِئايُون ڪَرِين.
5
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونهِين ٿِي سُواٽَ، ته مَنجھان دِلِ دَڳُ لَهِين.
6
پانهِين، پسِي پَٻُ؛ مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِئين؛
اَڳيان ڪَؤ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ديسي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر حسيني
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر معذوري

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: