Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر   شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 4:10 pm

داستان پهريون

1
داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورين؛
سائينءَ ڪارَڻِ سُپرين! وَڃِجِ مَ ڏُورين؛
آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾.
2
مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾، هائِيءَ هڻِي هارُ؛
سوڀِي! سُکُ سيَّدُ چئي، ڪَرِئين ڪوهُ قَرارُ؟
راجا رِيساڻو گھڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيہِ ڏَهڪارُ؛
ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِـئي تي ٿِي مَٽِئين!
3
چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
تنهن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهِين!
4
مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
5
مَڻِـئي مَٿي جي هُئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
هارُ کَٽَندِيَسِ هوڏَ ۾، نيبَہُ ٿيندُمِ نِتُ؛
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.
6
مَڻِيو ناهِ مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛
اَصۡلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيـُون؛
اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.
7
تو جو ڀانيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو؛
چنيسَرُ چِتُ کـڻي، ٿِيو پورِهِيَتِ جو پارُ؛
اَوَڻت جو آچارُ، ڪانڌ ڪَنهِين سين مَ ڪَري.
8
نه ڪِي هو ٻانهَڙِيُنِ ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
نه مُون، سِينڌِ نه سُرمو، نه سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
9
سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانہَ پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجي ڇَڏِئِي.
10
اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو هُنهَنيِن هارَ جو؛
سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪَنهِين وَسِ؛
دَعَوىٰ پَهرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
11
پُوچا ڏِٺَمِ پـيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا؛
مون ڀانيو تَنهِن ويرَ، ڪوجِھي ڪَندو پَرِيئَڙِي.
12
سَوَڙِيـين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهُو وِلارِيو؛
چَنيسَرَ ڪانڌاءِ! تان مُون هِئَن نه ڀانئيو!

داستان ٻيو
1
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَـلِي!“، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.
2
هُئِينءَ ته گَھڻو هُوشِيارُ، ڪَلَ به هُيَئِ ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي هارُ!
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَهَمَ لَهي وِينجھارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
3
وڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَھرِ سَرَتِيين؛
هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
4
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دُهِلين دَمامين، نَقرين، ٿي پَلِپَلِ پُڇِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، ٿِـيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيہَ ۾.
5
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
تِنهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.
6
هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَه پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجھي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامُهان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَهو!
7
لِيلا! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِـئين، مُوڙهِي! مُٺُءِ پاڻُ؛
ڀوري! ڪَيُءِ ڀاڻُ، تي آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
8
لِيلا! پُورِي نه پَـئِين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ؛
پاڻان ڌارَ پِرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنهنجو نه وَڻي.
9
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
دوسُ تُنهِنجو داسڙو، کاندِ وَڏيائِي کاءِ؛
ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.
10
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
اِيُ ڪانڌُ ڪَنهِجو نه ٿِئي، نه ڪا مُون نه تُون؛
رُئندِيُون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادليُون.
11
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.

داستان ٽيون
1
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
جان مُون پوءِ پَرُوڙِيو، ته هِيُ نه ماڻي ماڳُ
ڏَمِرِيو ڏُهاڳُ، سِگھو ڏِئي سُهاڳِـڻِيين.
2
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
ڪانڌَ ڪَنهِين جو نه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ؛
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.
3
سَڀيئِي سُهاڳِـڻيُون، سَڀـنِي مُنهَن جَڙاءُ؛
سَڀَ ڪَنهِين ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
4
اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا!
جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتار!
سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.
5
جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
اصۡلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِئين تُون اَتِّ؛
اِيَ، پِرَ! تُنهنجي پَتِّ، جِئَن وِلِهيُون ڍَڪِئين وَلَھا!
6
ڪوڙين تُنهنجُون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌُ؛
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! ته وَڃان نه وِڻِواندُ؛
مون ڳِچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چنيسَرَ! هَٿَ ۾.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ليلا چنيسر
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ديسي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر حسيني
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر معذوري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سريراڳ

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: