Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ   شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 4:44 pm

 داستان پهريون

1
تُون سَمو، آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ؛
پَسِي راڻِـيُنِ رُوءِ، مَتان ماڱَرِ مَٽِئِين!
2
تُون سَمو آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ؛
پَسِي لِيَّ لَغارَ، متان مَاڱَرِ مَٽِئِين!
3
تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي ، آءٌ مُهاڻِي مَي؛
مُون کي ڏُهاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنهنجي.
4
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
5
کِکيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ؛
پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
سَمو ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
6
ڪارِيُون، ڪوجِھيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون؛
وَٺِـي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکيءَ جُون کارِيُون؛
اُنِين جُون آرِيُون، سمي ري ڪيرُ سهي!
7
گَندُ جِن جِيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ؛
اُنِين جِيءَ اوطاقَ، راڄا رِيجِھي آئِيو.
8
ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُهاڻا مَحرُومَ؛
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِريءَ، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ؛
جي ڪِنجُھرَ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
9
نه وَڍي، نه وِڪِڻي، نه ماري نه ڌاري؛
کارو وِڌائِين کُوهَ ۾، نِرِتُون نِهاري؛
سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
10
نه وَڍي نه وِڪِڻي، نه کَڻي ۾ کاري؛
اُهِجَ، سُهِجَ ساهِمِيُون، ڌُرِيان نه ڌاري؛
سائي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
11
پاٻوڙو پيشِ ڪَيو، نَئون نُورِيءَ نيئِي؛
حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سڀيئِي؛
نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندِرِي.
12
مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجھايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
13
نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَھلُ هوءِ؛
سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
اَچيو اُڀِـيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
14
هَٿين پيرين آرِکَڻين، مُنهِن نه مُهاڻِي؛
جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
اَصُلُ هُئي اُنَ کي، اَهۡلَ ڄاماڻِي؛
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهَن ۾.
15
تَهِڙو ڪِنجُهرَ ڪِينَ ٻِيو، جَهڙي سُونهَن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.
16
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجُھرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.

وائي
هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِينِ وِچَ ۾.
نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين.
گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِيائِين.
قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَهِڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.
موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.
ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.
ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.
پاڻِـيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گھوري سَڀِ گھورِيائِين.
اُتي عَبۡدُاللَّطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.

داستان ٻيو
1
سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ؛
آهِيين ٺارُ اَکِـيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ؛
تَماچِي تڳيجِ، ڪو ڏِينهُن ڪِنجُهرَ ڪَنڌِيـين.
2
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.
3
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ؛
ڪوڙِيـين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رهِيو.
4
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي.
5
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون؛
ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄُٻيرِنِ وِچَ ۾.
6
نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچِي تي؛
گاڏِيءَ چاڙهيءَ گَندِرِي، ماڙِهُو ڪَيو مي؛
ڪِنجُهرِ چُوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَھڙِي.
7
ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تِن جِي نِرِتِ نُورِيءَ کي ناهِ؛
نه مَنَهِن نه مارِڪي، نه وَڃَنِ ڪنهن وِهانءِ؛
سي ڪِنجُهرَ ڪَندِيُون ڪانہِ، جِن تَماچِي تَڪِيو.
8
نه ڪَنهن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ؛
نَنڍِيءَ وَڏِي گَندِرِيءَ، سَڀِنِ آهِ سِياءُ؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُولَدۡ“، اِيُ نِجابَتَ نِياءُ؛
ڪِبِرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِي ڄامَ جو.
9
پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو؛
گُوندَرَ لاهِيو، گَندِرِيُون! آتَڻَ اُجارِيو؛
ڪِنجُهرُ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشِي.
10
ڪو جو ڪامَڻُ مَي، آهي اکَڙِيُنِ ۾؛
تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني؛
عِشقُ اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪَيو.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر مارئي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: