Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ   شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 4:58 pm

داستان پهريون

1
اَللهَ جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين؛
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُھوڙا ۽ جھائِين؛
ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنهِن ويرَ ڪَيائِين؛
”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجھائِين راڳَ سين.“
2
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، هلِي آيو هُون؛
اُونچو تون عرشَ تي، آن ڀورو مٿي ڀُون؛
ڪِيئَن تُسَندين تُون؟ هِيُ سِرَ سوالِي مَڱَڻو.“
3
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، سُڻَي آيُسِ شانُ؛
مَڱان ڪَهڙِي مَتِ سين؟ نِسورو نادانُ؛
سو ڪو ڏِيارئِين ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.“
4
”سَردِيءَ سالِمُ نه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ؛
اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تون، سائِلُ هَڻي سازُ؛
رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.“
5
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا: جاجِڪُ وٺي جِيُّ؛
ڪَنان ’نارٌ حامِيَہ‘، هاڻِ بَچائِجِ هِيُّ؛
والي! ڏِياريئِي وِيُّ، جِتِ آهي ’جَنَّاتُ عَدۡنِ‘.“
6
”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو.“

داستان ٻيو
1
جاجِڪُ جُھوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
تَنهِن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو؛
شَهِرُ سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مَڱڻو.
2
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَّ؛
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَّ؛
رازُ ڪَيائِين راءَ سين، ڪَنهِن موچارِيءَ مَهَلَّ؛
”اَنَا اَحۡمَدُ بِلا مِيمِ“، سَينَ هَنئِي سائِلَّ؛
ڪَنهِن ڪَنهِن پَيئِي ڪلَّ، ته هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
3
ڪِنِين ڪِنِين ماڙُهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي؛
رَسيا جي رَمۡزَ کي، تن پارسِي پائِي؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“ ورتِي اِيَ وائِي؛
راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
4
سِرَ جِي هُئائِين هَليو، چارَڻُ چِتائي؛
سو مُوڙا جَھلي نه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي؛
”تو دَرِ آيُسِ تي، جِئَن تو ناهِ نه سِکيو.“
5
”جي مِيراثِي مَڱـڻا، آءٌ پُڻِ مَنجھان تَنِ؛“
ڪِي ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرۡثَ مَنجهاران اُنِ جي.“
6
”ڪا جا ڳالِھ ڳَرِي، ٻِيجَليا! ٻُڌاءِ مُون؛
پيٺين جِئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري؛
ڪِ تو پَنڌُ پري، ڪِ مَڱَ جَھـلِيندين؟ مَڱڻا!“
7
”مَڱَ نه جَھـلِيان مُورَهِين، نه مُون پَنڌُ پَري؛
ڳَـڻِي آيُسِ ڳالَھڙِي، ڳُجِھي تو ڳَري؛
سا سَمجِھج سورَٺِ وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَري؛
پَريان پيرَ ڀَري، تو لَءِ آيو آهِيان.“
8
سِرُ مَڱي سِرُ گُھري، سِرَ رِءَ ٿِـئي نه صلاحَ؛
غَرِيبَنِئُون نه گُذِري، ٿو ماري مِيرَ مَلاحَ؛
نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ؛
خالقُ سَنجِھ صُباحَ، ڪونه ڇَڏيندو ڪِٿَـهِين.

داستان ٽيون
1
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
”آءُ مٿاهُون مَڱـڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
گھورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنهنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛
مَٿو هِيءُ مِزمانَ! هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَنءِ.“
2
”آءُ مٿاهُون مَڱڻا! چڙهي ۾ چَؤڏولَ؛
توکي گھوٽَ گُھرائِيو، راڄا مَنجِھ رَتولَ؛
ٻيجَلَ! توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.“
3
مَحَلين آيو مَڱـڻو، کَـڻِي سازُ سِرِي؛
لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي ٻِيجَلَ! دانهَن ٻُرِي؛
سِسِي تَنهِن سُلطانَ کان، اچِي گھوٽَ گُھرِي؛
جُهونا ڳَڙهُ جُھرِي، پُوندي جھانءِ جَھروڪَ ۾.
4
ڏاتارَ ۽ مَڱـڻي، ڪونه وسِيلو وِچِ؛
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
جي هِتي جي هُتِ، ته ڳالھِ مِڙِيائِي هيڪِڙِي.
5
”جاجِڪَ! تو جُهارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ چئي؛
جَنهِن ۾ مالُ نه مِرِيءَ جيترو، تَنهِن تون طَمَعَدارُ؛
جي اچيئِي ڪَمِ ڪَپارُ، ته وِيہَ ڀيرا وڍَي ڏِيَنءِ.“
6
”ٻيلي! ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا؛
چوري رَکِـيَم چِتَ ۾، ڏِسِيُنِ جا ڏاتارَ؛
هِيُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنهِن نه ٻولِيو.“
7
”سو جِيُ، مَڱَـڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو؛
جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ؛
تان جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.“
8
”مَٿو مَٿائِين گھورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ؛
هَڏو هِيُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ! وَهِلو جاءِ؛
تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهِين.“
9
”مَٿو مُورِ نه پاڙِيان، تُنهنجي تَندُ تَنوارَ؛
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهِ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱـڻهارَ!
ڪِينهي منجِھ ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان.“
10
”سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛
اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِـئي، جيڏانهن ٻِيجَلَ ٻُرائي؛
سَکِـڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪِي.“
11
”مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪَپارَ؛
ته وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ؛
ته پِڻُ تَندُ تَنوارَ، مُوهان مٿائُون، مَڱـڻا!“
12
”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀِڪو ڏي؛
ڪِي نانہِ جَهِڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِـئي سُواليِـين.“
13
پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سندو جادِمَ جُودُ؛
مَڱَ وِهاڻِيءَ مڱڻا! مَٿو هيرَ مَوجُودُ؛
بَلَڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودُ ۾.
14
چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
صَدا جي سَيَّدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
تَنهِن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.

داستان چوٿون
ا
رِءَ مَصلِحَتَ مَڱـڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ؛
نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ؛
خِيمي ۾ کَنگھارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِّ؛
لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ؛
تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱـڻهارَ کي.
2
”مَرُ ته آئين، مَڱـڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون؛
جيڪا ڳاهَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهِي سُون؛
تَنهِن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پَوَيئِي پَٽَ ۾.“
3
”چارَڻَ! تُنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ؛
هَڻِي آيو هَٿَن سين، جِئَرو رکِيو جِيُّ؛
راتِ مُنهنجو رِيُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“
4
”تانُ نه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
سَٽَ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيُ، ته ٿوڪُ پِرائِيين.“
5
”تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَهِيو سو قَبُولُ پِيو؛
سِرُ ته آهي سَٽَ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ؛
خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُھ نَهِين.“
6
”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، گُهرِيُءِ سو گھورِيان؛
گَهرُ، سورَٺِ نه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان؛
ڳُجِھي آهِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري، تان اورِيان؛
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان؟ ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَنءِ؟“
7
ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
”تَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“
8
ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنهِن پارِسَ پيراتِي؛
ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي؛
ڪَڍِي تَنهِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.
9
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
سَهسين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!“
10
سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگھارَ؛
ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ؛
سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پسو! راڄا راضِي ٿِيو.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سهڻي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ديسي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر حسيني

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: