Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي   شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:32 pm

داستان پھريون

1
ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِـيَنِ جو؟
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛
سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ اَللهَ سين.
2
جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانهَن؟ سُورَهِنئين کي سامُهان.
3
ڌَرَتِي دُونہَ جِئَن، سِرَ ڀَرِ سُپيرِيُنِ ڏي؛
لَڳو آهِ، لَطِيفُ چئي، تَنُ پِريان ڏي تِئَن؛
حاصُلُ ٿِئي هِئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.
4
لَڳِيءَ جو، لَطِيفُ چَئي، نڪو قال نه قِيلُ؛
لِکـئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ؛
ھِنئَڙا! ٿِيُ سُڌِيرُ، ڪالهه قَرِيبَنِ لَڏِيو.
5
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين؛
ڪي سَنڀِرجَن نه ڪَڏھِين، ڪي نه وِسرَنِ مُورِ؛
جِئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
6
ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛
ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛
مُئِي مارِيائُون، کِـلِي گھائِيو سَڄَڻين.
7
ماڙھُو گُھرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينهَن گُھران سُپِرِين؛
دُنيا تَنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
ڪَيَسِ نامَ نهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.
8
ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛
اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.
9
صُورَتَ گھڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوهَ؛
ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري.

داستان ٻيو
1
جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين؛
مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو؛
اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين.
2
جانِبَ مُنهنجي جِيءَ ۾، تُنهنجِي طَمَعَ پوءِ؛
وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِئين.
3
جانِبَ! اِيئَن نه جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نه پُڇِين؛
رَتِيءَ رَتُ نه سِنجُري، سِڪَ تُنهنجي ساءِ؛
اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪَيُون.
4
جَڏهِن پَوي يادِ، صُحۡبَتَ سُپيرِيُنِ جي؛
فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَہَ وَڃَنِ نِڱِيو.
5
ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو.
6
نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
7
فانِي نِي فانِي، دُنيا دَمُ نه ھيڪِڙو؛
لَٽي لوڙهُ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي!
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنهِين.
8
اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
9
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.

داستان ٽيون
1
عِشۡقُ اَهڙِي ذات، جو مانجِھي مُنجھائي مَيَنِ کي؛
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ؛
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحۡـبُوبَنِ جِي.
2
يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.
3
آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.
4
شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.
5
کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛
عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباهِجِ توڙِ؛
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!
6
ڪِئان سِکِـئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛
چوري چاڪَ نِهارِ؛ سورَنِ سانگھيڙا ڪَيا.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر بروو سنڌي
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڪارايل
»  شاه سائين جو رسالو- سُر پورب

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: