Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي    شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:34 pm

داستان پهريون

1
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
2
جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾، هُئا مَنجِھ حَمامَ؛
آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نه آرامَ؛
ڪَيائون قِيامَ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
3
وارو! ويراڳِـيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ؛
قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَهيجِ؛
پِـيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وڃيجِ؛
راتو ڏِينهَن رِڙهيجِ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
4
واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ؛
سونُ سَڀوئِي سِڱــيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ؛
ويساهي ويلَ ڪَنهِين، پُورَبِ ويندو پَٿُ؛
هَلُ! کَنيائُون هَٿُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
5
واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ؛
مَقالان مَهَندِ ٿِيا، ڪونهي وَٽِنِ قالُ؛
حاصُلُ جنِين حالُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
6
جان ڪِي مُون کي ني، پَڳہ پائي پاڻَ ڏي؛
پَہَ پَرُوڙِيَمِ پَٿَ جا، مَنجھان ڪِينَرَ ڪي؛
هاڻي جي هِنئي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
7
سَتُرُ سِڱِڙيُنِ سين، لَحظي لاٿائُون؛
ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان، اُنِهِن جي آئُون؛
مُون کي مارِيائُون، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
8
ميڙِيو ڀاڻُ ڀَرِيون ڪَيو، جوڳِي جَلائِينِ؛
سامِي سِڱِڙِيُنِ سين، خودِيءَ کي کائِينِ؛
هُو جي تارِ تَڳائِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
9
پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُدُوها اَچَنِ؛
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيُنِ جا، صُبُحَ تان نه سُڄَنِ؛
جي رائي منجِھ رَهَنِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
10
آسَڻَ وَٽِ آهُون ڪَرِيان، وَسِ نه مُنهِنجي واتُ؛
لَڳُمِ لاهُوتِيُنِ جو، ڪِينَرَ مَنجھان ڪاتُ؛
هَلڻَ کي هَيهاتُ! آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
11
وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
12
بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڄُ نه آسَڻَ وَٽِ؛
خودِي کانـئِي هَلِيا، پيرُ نه لائي پَٽِ؛
”هَيءِ! هَيءِ!“ جنِين هَٽِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
13
بابُو بِيکاري ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ؛
نِسوروئِي نِينهَن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ؛
سِرِکَنڊُ جَنين ساڻُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
14
نانگا نانِيءَ هَلِيا، هِنگِلاجان هَلِي،
ديکِي تن دُوارِڪا، مَهيسِيُنِ مَلهِي؛
آڳَہُ جن عَلِي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
15
پاڻَهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ؛
سامِي سَفَرِ هَلِيا، آسَڻُ اُجھائِينِ؛
رُخِصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
16
جُزو وِڃايو جوڳِـئين، ڪُلَّ سين آهينِ ڪَمُ؛
آسَڻُ جِنِ عَدَمُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

وائي
سَندَڙِيانِ سِڱَڙِي، ڳالِھه ڳُجَھڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏَهِين.
جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نه تَنهِن نَڙَ جَهِڙِي؛
مُرلِيءَ کي جَنهِن ماتِ ڪَيو، نه تَنهِن تُلِ تُنبَڙِي؛
تارِيو جَنهِن توڏِيءَ کي، نه سو گِھنڊُ نه گِھنڊَڙِي؛
ڏارِيو جَنهِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنهِن تِکَڙي؛
نه سِري، نه سِنڌُ ڪا، نڪا هِندُ هَهِڙِي؛
مِٺائِيان مِٺِي گَھڻو، چَوندا جن چَکَڙِي؛
وَنئُن اونائي اُنَ کي، ويہُ مَ، کَڻُ وِکِڙِي؛
بيخودِ بابُو سي ٿِيا، ٻُرَندِي جن ٻُڌَڙِي؛
جا ساراهيلَ سُبحانُ جِي، تَنهِن واکاڻُ ڪَهِڙِي؟
سَهَسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَھندَڙِي؛
گھانڊارَ مِرُون موهِيا، هِيءَ ماڙُهو مُهَندَڙِي؛
اَديون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، هِيءَ مُئا جِيارِيندَڙِي.

داستان ٻيو
1
ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَهرين ڏِينهن پَرُوڙَ؛
سَگھا ساعَتَ نه هڪڙي، چارئي پَهرَ چُورَ؛
سدائين سيَّدُ چئي، هونِ سناسي ۾ سُورَ؛
جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
2
ويهي ويراڳِــيُنِ جو ٻِئي ڏِينهن ٻُڌُمِ حالَ؛
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ؛
تن ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ؛
ويچارا وُجودَ جِي، ڪَنهِن سان ڪَنِ نه ڳالِ؛
نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
3
ٽِئين ڏينهن ٽِمڪائينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾؛
ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِـيُون، جوڳِي جَلائِينِ؛
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيُنِ آهِينِ،
ڳُجُهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
4
چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪَنهن جَنهن پَہ پِيا؛
وَهَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِها؟
اندَرِ آديسِيُنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِها؛
سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
5
ڪَنهن جَنهن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينهن پَئِي؛
اَندَرِ آديسِيُنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي؛
مُحَـبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَهِي؛
تن کي ساري راتِ، سيَّدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَــئِي؛
ڪَريو سيڻَ سهي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
6
پِيا ڪَنهِن پَرياڻَ ۾، ڇَهين ڏِينهن ڇَڻِي؛
اَندَرِ آديسِيُن کي، ڌُريان ئِي ڌڻِي؛
ٻَرِي ٻاجھارا ڪَيا، کانـئِي خاڪَ کڻِي؛
پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
7
سَتين ڏِينهن، سَيَّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
اُڀِي اَلَکَ سامهُون، ٻانهُون ٻَڌائون؛
وَڏِيءَ ڪَنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ آندائُون؛
رُوحُ پَنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون؛
کَـڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
8
اَٺين ڏِينهن، اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ؛
سا پَرِ سامِي سکيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ؛
ويروتارَ وُجودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَهيوئِي آهِ؛
ڪَنهن جَنهن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
9
نائين ڏِينهن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا؛
سَٻاجھي ٻاجَھ ڪَئي، سُڃاڻي سيڻانِ؛
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ؛
اِهي اُهُڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
10
ڏَهين ڏِينهن ڏِکَ ٿِيا، پِرِينءَ پاٻوهِيا، پَسُ؛
وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائُون وَسُ؛
لَڌائُون، لَطِيفُ چئي، سَندو گُروءَ گَسُ؛
جوڳِـيُنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
11
وَريو ويراڳِـيُنِ جو، ڪارِهين ڏِينهن ڪَرَمُ؛
جوڳِـيُنِ جاٽائُون پُنِيُون، هَلِي وِيا حَرَمُ؛
دائِم جَھـلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
12
مَنَ مُرادون پُنِيُون، ٻارِهين ڏِينهن ٻَـئِي؛
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي؛
سَمانا سيئِي، جي گُـرَ گَڏِجِي آئِيا.

داستان ٽيون
1
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مٿي راهَ؛
پُرَنِ پُورَبَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهه موالِي ماهَ؛
جنِ اَلَکَ سين آگاهَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
2
نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري، هو مَ هُوندَنِ جِيئَن؛
لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، هُونِ نه آديسِي اِيئَن؛
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جي ڌارِين تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟
3
ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِيرَ؛
سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ؛
تَسا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ؛
جي فَنا ٿِيا فقِيرَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
4
سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
جَهِڙو ڏِسَن ڏوهَ کي، تَهِڙو تِنِ ثَوابُ؛
اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجھان اکِيُنِ آبُ؛
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟
5
سامِيُنِ سِڱُ ڪُلَهَنِ تي، سَنگُ مِڙوئِي سُورُ؛
ڪَهَندا وِيا ڪابُلَ ڏي، ڪو جو پِيَڙُنِ پُورُ؛
مَڙهِيءَ جو مَذِڪُورُ، ڪالَھه ڪَندا وِيا ڪاپَـڙِي.
6
سامِي! مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهِين مون سيلَهه ٿِي؛
سا تان ڪُہُ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃِين نِڪِرِي؟

داستان چوٿون
1
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ؛
وڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، نانگا! ڪِيمَ نِنُ؛
پَٽِ تِنِين جي پِنُ، جِنِ ٻُجِھي نه ٻُجھيو.
2
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ؛
جي ڄاوا نه ڄاپَندا، جِيُّ تنِين سي جوڙِ؛
ته تُون پَهُچِين توڙِ، مُحَـبَّتَ جي مَيدانَ ۾.
3
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مَنُ پُوري، منجِھ مارِ؛
دائِمُ دُونهِين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ؛
سَہُ سَڀَڪا آرِ، آگي جي اَدَبَ سين.
4
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته ڪِين پيالو پِيُّ؛
ناهِ نِهاري هَٿِ ڪَري، ”آءٌ“ سين اُتِ نه ڀِيُّ؛
ته سَندو وَحۡدَتَ وِيُّ، طالِبَ! توڙان ماڻـئِين.
5
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مُنهَن ۾ مُنڊا پاءِ؛
ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جِنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ؛
ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نه جُڳاءِ؛
ته سامِيَڙا! سَندِياءِ، گُـرَ وَٽِ گِلا نه ٿِئي.
6
جوڳِـيُنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پِڻُ سُونهي جوڳِيين؛
جوڳِـيُنِ سَندِي جانِ ۾، ڳُجُھ ڳُجھاندَرُ آهِ؛
هاءِ! مُونهِين کي واءِ! جا آءٌ جوڳُ نه سِکي.
7
جوڳَ نه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳَ جُون؛
هِڪِڙو پَنڌُ پِرِيُنِ جو، ٻِي تُنهنجِي ڀُون؛
سامِي سيڻَنِ ڏُون، رُئَندا ئِي رَتُ وِيا.
8
جوڳِي هُونِ نه جِئَرا، پائي جوڳُ مَ جِيُّ؛
هارِيا! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيهو اِيُّ:
”وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ“؛
هَڏَهِين ڪونهي هِيُّ، اَسارا! ”آءٌ“ چَوِين!
9
جان ڪي جوڳِي ٿِيُّ، نا ته نِرڄا! وَنئُن نِڪِري؛
ڪوهُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِين، جان نه سَهِين سِيُّ؟
ڀَڄُ! پَراهُون ٿِيُّ، مَتان ٻِيا لَڄائِيين.
10
جوڳِي ٿِيَنِ نه يارَ، ڪَنهِين سين قَرِيبُ ٿِي؛
مان مُلاقِي اُنِ سين، جَنِ پُورَبَ جي پَچارَ؛
اَٺَـئِي پَهَرَ اُنِ جِي، آهِ نانِيءَ ڏانهَن نِهارَ؛
لائي وِيا لَطِيفُ چئي، اَندَرَ مَنجَھ اَپارَ؛
سامِيُنِ ساڻُ، سَتارَ! لاهُوتِي لالُ ٿِيان.
11
گولا جي گِراهَ جا، جُوٺا سي جوڳِي؛
ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جِنِ شِڪَمَ سانڍِيا.
12
ڪَنَ ڪورائي، ڪاپڙِي، جِندا! ٿِيُّ مَ جوءِ؛
سِرَ سِپاهِيُنِ وِڪيا، سو ڪِ نه، سامِي! سوءِ؛
جيڪِي پُڇِين، پُڇُ سو، گُنگا نِيَنِ نه گوءِ؛
وَڃُ لاهُوتِي لوءِ، عِجِزَ کي آجو ڪَري.
13
نِسوروئِي نِينهَن جو دِلِ ۾ دُودُ دُکاءِ؛
آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ؛
جِندا! اِيئَن جُڳاءِ، جِئَن آتَشان آبُ ٿِئي.
14
هُو جي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سو نه سُڻِينِ؛
اَندَرِ جي آهِينِ، سُڻُ سَنِيهو اُنِ سين.

داستان پنجون
1
مُونا طُور سِينا، سَندا سَنياسِيُنِ؛
پُورَبِ کَنيو نه پاڻَ سين، بُودُ بيراڳِـيُنِ؛
رِدا آهي رازَ جِي، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
قُربُ ڪاپَڙِيُنِ، نَهَن چوٽِيءَ سِيئَن ڍَڪِيو.
2
مُونا جن مِحِرابُ، جُسو جامِعَ تِنِ جو؛
قِبِلي نُماءُ قَلۡبُ ڪري، تَنَ کي ڪَيائُون طَوافُ؛
تَحۡقِيقَ جِي تَڪِبِيرَ چئِي، جِسمان ڪَيائون جوابُ؛
تِنِ ڪَهِڙو ڏوهُ حِسابُ، جن هِنئَڙي هادِي حَلُ ٿِيو.
3
مُنهُن مِحِرابُ پِرِينءَ جو، جامِعَ سَڀَ جَهانُ؛
فَرَهِيءَ تان فُرقان جِي، ڪاٽِيائون قُرآنُ؛
اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرفانُ؛
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪاڏي وڃِي نِيَتِيان.
4
مَنجِهه مُحَـبَتَ مَچُ، ٻَهَر ڌُوڌا ڌُوڙِ سين؛
ڇَڏِيائُون چُرَ لَهِي، ڪُوڙُ، ڪُلکَڻُ، ڪَچُ؛
اَوَڳُڻَ اوڏا نه ٿِيا، ڳُڻُ ڪَيائُون ڳَچُ؛
جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَچُ، جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَنَرا.
5
ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشتُ گُهرَنِ؛
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.
6
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيَنِ؛
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالبَ اوءِ تَقدِير جا.
7
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
ڪَڏَهِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏَهِين هيٺ هَلَنِ؛
سامِيَڙا سَمُونڊَ ۾، تنبي جِئن تَرَنِ؛
جي واڳوءَ واتِ وڃَنِ، ته ڪُسَنِ، ڪُڇَنِ ڪِينَ ڪِي.
8
لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگِھيو جَنِ؛
عَدَمَ جي اوڙاهَ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
9
وِلهُون، ويلا، واوَ، جوڳِـيُنِ جَھـلِيا جانِ ۾؛
اَجھو رِءَ اَللهُ، ڪونهي ڪاپَڙِيُنِ جو.
10
نا مُرادِي نِجُھرو، عَدَمُ اوتارونِ؛
رَضا راڄُ سَندونِ، مُورُ نه مَڱَنِ ڪِي ٻِيو.

داستان ڇهون
1
ڪَنهِن جنهِن ڪُٺا ڪات، جِئَن سامِي مُورُ نه سَنرا؛
ڏِينهان ڏکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄائِي راتِ؛
سَندي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان! هوءِ جَڏائڙِي.
2
رُوح ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهرِ ٻولِينِ ڪِي ٻيو؛
پِيالو پُرُ ڪري، جوپَ پِيتائُون جامُ؛
تِهان پوءِ تَمامُ، تنِ تَڪيا تاڪي ڇَڏيا.
3
مَٿا مُوءِ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي؛
ڪوٺي ڪَنهِن نه پُڇِيا، ڪي اَندَرِ اَندوهِيانِ؛
جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجِھ گُوندَرَ گُذرِي.
4
ويٺي جَنهِين وَرِهَ ٿِيا، مَٿي سين ميري؛
اَکِيون جَنهِن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُون ڏي نه ڀيري؛
ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄَراٽِيا ڄيري؛
لُڙِڪَ لال لَطِيفُ چئي، ڪنبي ۽ ڪيري؛
نِينهُن نه نِبيري، سُورَ چَرندي سَنَرو.
5
نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينهَن؛
مَڙِهِنِ اُٺا مِينهَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.
6
نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمائِينِ؛
جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهارِينِ؛
آديسِي آڻِينِ، اُهڃاڻِـيُون اَلماسَ جُون.
7
هَرَ هَرَ ڪَنِ اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِهاڻِي ڌوتِيا؛
جن نه مارِي ميسَ، ناٿُ نه نَمي تن کي.
8
گُهنڊِنِ پاسي گِهنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙِيا؛
پَليـتِيءَ کان پانهِنجا، پاڪُ رَکِيائون پِنڊَ؛
نانگا ڪَنِ نه نِنڊَ، وَڃَنِ رُوندا رامَ ڏي.
9
تَهِڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا، جَهِڙا جائُنِ ڦُلَ؛
تِنِ سامِيُنِ جي سڌ مَران، جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ؛
اندَرِ مُلان مُلَ، ٻَهَرِ ڪوجھا ڪاپَڙِي.
10
يادِ گُـرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا؛
پَڙهَنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيَنِ تَنهِن پِيٺا؛
جيلان مُنهَن مِيٺا، تيلان نَشا چاڙِهيائُون نِينهَن جا.

داستان ستون
1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَـڙِي، طعامَ نه طاماعُو؛
سَيِنَ هَنيائُون سُڃَ ۾، پَهرَ نه پينائُو؛
اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.
2
پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گَهران؛
مَهيسِي مخۡلوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران؛
پُڇَنِ ڪوهُ شَرعان، جُه اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟
3
پِنَنِ جِو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻنِ؛
ته بَرَ ۾ بِيکَ لَهَنِ، پَهرَ نه پِنَنِ ڪاپَـڙِي.
4
اَسُکُ جِن اَويرَ، سي سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
لاهُوتِي لَطِيفُ چئي، آڌِي ِڏيَنِ اُليرَ؛
سُتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مٿي سَيرَ؛
ڪيڏانهُن ڪندا پيرَ؟ مِڙوئي مٿو ٿيو.
5
وِچِينءَ ويٺا رَهَنِ، سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
بُکَ مَرندي بِکِيا، ڪَنهِن کان ڪينَ گُھرَنِ؛
پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳيان پِـنِي ماٺِ جِي.
6
ڪَشي ساڻُ ڪَشَنِ، ڏِيلَ ڪَيائون ڏُٻِرا؛
پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
اهِڙِيءَ راهَ رَسَنِ، ڪاپِـڙِي ڪابُولَ کي.
7
آديسِي آديسُ، هِتان ڪَري هَلِيا؛
ڪاپَڙِيُنِ قَلۡبَ ۾، ڪَيو ڏُوراڻو ڏيسُ؛
ويراڳِي نئون ويسُ، راوَلَ ڍڪي رَميا.
8
آديسِيُنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيُنِ ۾؛
تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناهِ ڪي، نه اَما نه اَبُ؛
سامِيُنِ کي سَڀين پرين، رُوحَ ۾ رَهيو ربُ؛
رِءَ لانگوٽِيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نه پاڻَ سين.
9
لُنگُ ڪَڍيائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نه مَسَحُو؛
جا اِسلامان اَڳي هُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ؛
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.
10
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ! ٻَنِ رُجاتُ؛
لِباسان لَطِيفُ چئي، پَلِ ويراڳي! واتُ؛
مَنُ ماري ڪرِ ماتُ، ته تِيرٿَ پَسِين تَڪِيو.
11
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي! رَکِج جوڳُ؛
خَلِقَ خادِمُ جِئَن ڪَرِين، اِيُ راوَلَ! وڏو روڳُ؛
ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِيا.

داستان اٺون
1
رَهِيا اَٿَيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابرِي؛
لُنءَ لُنءَ منجِھ، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تنِين جِي تاتِ؛
سَندِي جوڳِيانِ ذاتِ، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي.
2
تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گھورِ؛
وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
3
تان ڪِي وَٽِنِ ويہُ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
سامِي سَفَرِ هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيہُ؛
ڇَڏي سُکُ ساڙيہُ، مٿي گَنگا گَجيا.
4
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، جاڳَـرُ جوڳِـيَڙَنِ جو؛
ساري سَناسِيُنِ کي، رُئَندين تان رو؛
پَسُ! پارِيان تو، لاهُوتِي لڏي وِيا.
5
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
6
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛
ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛
مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا.
7
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، ڪَرڳَل ڪِينَ رُوئَنِ؛
نه اُهي آديسِي اَسُکا، جن سين مَڙهِيُون سُونهَنِ؛
مَڙُھُ پُورِيائُون ماٺِ تي، واڄَٽَ ڪِينَ وَڄَنِ؛
وِيا نانگا سي نِڪِرِي، پَهرَ نه پُورِبِيَنِ؛
سارِيو سَناسِيُنِ کي، اولاڪا اَچنِ؛
لاڄَئُون لاهُوتِيَنِ، جوڙي ڏِنيُون جِيَّ کي.
8
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، دُونهِين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ؛
وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ مارِيَسِ تَنهِين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي.
9
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ؛
سندو پُورَبَ پارُ، آڇِيائِين اَنڌَن کي.
10
هيءِ! جي هُئا هِتِ، ته مَٿِن هُوندَ حَقُّ ٿِيو؛
مَڻِيُون، مُورَتَ، مَتِ، مانَ وِسرِيُون ڪِي لَهان.

داستان نائون
1
بُکَ وِڌائُون بُگِرِيـين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
طَلَبَ نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
لاهُوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
سامِي جھاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجھا ٿِيا.
2
نه گِندا نه گَـبَرِي، نه لانگوٽِي لِکَ؛
جيڏَنهِن ڀَرينِ وِکَ، تيڏَنهِن صاحِبُ سامهُون.
3
ڪڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهَن جِي؛
جَهِڙا آيا جَڳَ ۾، تَهِڙا وِيا موٽِي؛
اُنيِن جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.
4
جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَّ کي، تِئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ؛
ته رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
5
جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ؛
روزا رِندَ رَکنِ، عيدَ نه اوڏا ڪاپَـڙِي.
6
جَنهِن سَناسِيءَ سانڍِيو، گَندي ۽ گِراهُ؛
اُنهِيءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاهُون ٿِيو.
7
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا هِنئارَ هَلَڻَ جي؛
اَڄُ، آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.
8
پرِينديئِي پيرِ ٿِيا، ڇڏي گَنجو گامُ؛
گُروءَ سندي گَسَ ۾، جِن ڪَيا تَنَ تَمامُ؛
ويـهِي ڪَيو نه وِچَ ۾، تِنِ آديسِيُنِ آرامُ؛
رَهَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَـڙِي.
9
اَکِـيُون، آلو ماهُ، سدا سَناسِيُنِ جُون؛
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳي جَھـلِيا جوڳِـئين.
10
اڃا سي آهِينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا؛
ويٺا وَڄائِينِ، جي سَنِاسِي! سُڻِئين.
11
مَرَڻُ مُسَلَّمُ جِنِ، واحِدُ تِنِ نه وسري؛
مٿي سَڳَـرُ ڪاپَڙِي، ڪا نانگا نِنڊَ نه ڪَنِ؛
نيڻَ سدائِين تِنِ، اوجاڳَنِ اُجارِيا.
12
ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو، ڏورِجِ مَ رِءَ ڏِئي؛
تان تان هوئِـجِ حُجِري، جان سين يارُ جِئي؛
جڏَهِن پاسي پاڻَ ٿِئي، تَڏهِن ڇَڏِجِ تَڪِيو.
13
ڏورِ مَ ڏِئان ڌارَ، ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو؛
ڪوڙين لَکَ هَزارَ، اِنَ اُونداهِيءَ اَنڌا ڪَيا.
14
تو جو ڏِئو ڀانـئِيو، سا سُورَجَ سُهائي؛
اَنڌَنِ اُونداهِي، جي راتِ وِهامِي ڏينهُن ٿِيو.
15
ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ نه نهارِيو جوڳِـئين؛
ڪي ڪُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ؛
هُو هِنَهِين هَنڌِ، ٿي هُنهَئِين وِيا هِنگِلاجَ ڏي.
16
ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ پِڻُ نِهاريو جوڳِـئين؛
سي سُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ،
هُو هُئو هِنَ هَنڌِ، هُنِ هِنگِلاجان هَٿِ ڪيو.
17
گُذَرَ گَـئِي گُذِرانُ، ڪِينَ قَـبُولِجِ ڪاپَـڙِي؛
عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَـرُ سَناسِيُنِ کي.
18
هُو جي ٿِيا هَرِڪيسَ، تِنِ لڳِي ڪينَ لِباسَ سين؛
وَتَنِ وِلَهي ويسَ، لاهُوتِي لَطِيفُ چئي.
19
بُکَ اُنيِن جِي بِکِيا، ڌُوڙِ اُنيِن جو ڌُوپُ؛
ڪَيائُون سو ئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
20
سِڱِـيُون، سيلِيُون، گَـبَرِيُون! ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو؛
پَٽُ هَڻِي پَٽَ سين، ڀـيري تِنِ ڀَڳو؛
لاهُوتُ جِنِ لَڳو، سي مَڙِهيان مُورُ نه نِڱِيا.
21
کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَـبَرِيُون! نيئِي کِدائُون کانءِ؛
جيڏانهِين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانهِين نانءِ؛
ڀُڻو اِيئَن ڀانءِ، ته سِڱِـيون شُومَتَ هَٿَ جُون.
22
جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ؛
چيلا! ماري چَرَخُ، اوڍي ويہُ اَدَبَ سين.
23
جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا ٿِئي لاهِيندي لَڄَ؛
سندا تنهن سُهَڄَ، چيلو چوندو ڪيتِرا؟
24
جا گُـرَ ڏني گودِڙِي، سا مُون گَهڻِي سُهاءِ؛
نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِئين جي اَدَبَ سين.
25
اَندَرِ رِلا رِليُون، ٻَهَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، گَڏَهَ جا گولا.
26
ٻَهَرِ رِلا رِليُون، اندَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، خدا جا گولا.
27
گُلَ گُلَ پَسِي گودِڙيا، گھڻا مَ ڀانئيجِ؛
سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيُّ هُو آهي هيڪِڙو.
28
پَٽَ ڇَڏِيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ!
آلائِشان اَڳي ٿِيا، موٽِي ٿِيَنِ نه مِسُ؛
هِيُّ ڇَڏِيائُون حِسُ، وَڃِي ڪالَھه ڪُلُ ٿِيا.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر رامڪلي
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
» شاه سائين جو رسالو-سُر کاهوڙي
» شاھ سائين جو رسالو 'سر ڪلياڻ

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: