Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي    شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:38 pm


داستان پهريون
1
اِيُّ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِھي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو؟
2
سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ؛
سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.
3
سيراندِيءَ سازُ ڪيو، سُمهِين سارِي راتِ؛
جاجِڪاڻي ذاتِ، اِيَ هوءِ اَڳَهِين؟
4
جنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.
5
مُوڙهو ڀُڻين مَڱَـڻا! ڪيڏانهن هُئين ڪالَ؟
لَنگھا! ڇَڏِ، لَطِيفُ چئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ؛
سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قيمَتَ آڻِئين.
6
چارَڻُ لَڱو، پَنڌُ گھڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ؛
هِتِ ڪِي هلائيجِ، اُتي آءٌ نه اچڻو.
7
جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِھيان ئِي ڳُجَھ ۾؛
سي جي سُڻَنِ ڪَڏَهِين، ڪِرِتِ وارا ڪي؛
ته سازَ مِڙوئي سي، هُوندَ پِٿون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.
8
اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيتِرا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ؟
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪري، سو مِڙوئِي ڏوهُ؛
تون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.
9
اُٿِيو اَٻوجھاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نه سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوهان جو آهِيان.
10
ڏاتِ نه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي؛
آريُون اَٻوجَھنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي؛
جو راءَ وَٽِ راتِ رهي، تَنهِن جُکِي تان نه ٿئي.
11
ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گُھريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
سَپَڙَ راتِ سَنباهِيا، تازِي تو لائي؛
جو ڄاڻي نه ڳائي، تَنهِن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَھ ڪِي.
12
پِيو ليٽِين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين؛
اُٿِي آڌِيءَ نه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ؛
رُونجھي راتِ اُپَٽِيا، پيٽِنِيَئُون پاڻَيٽَ؛
ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چَارڻين.
13
ڏاتارَ ڏُکَ ڪَيا، پاڻا مَٿي مَڱَـڻين؛
”مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱَـڻا! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا؟
تَڏِهن تو پِيا، وِچان وِلَھا ڏِينهَڙا.“
14
مَڱُ تَنهِين کان، مَڱَـڻا! جو ڏِيهاڙي ٿو ڏِئي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ! مَڱِين جي؛
سُڀان توهِين کي، موٽي ڏِيندا مُنهَن ۾.
15
کَڙَھَ اَڳِيان کَپُ، ڏِهاڻِي ڏاتارَ جي؛
لَنگھا! لاهِ مَ لِکَ سِيئَن، مَٿان چانئُٺِ چَپُ؛
مَڱَـڻهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.
16
سَپَڙُ ساهُ پَساهِ، جاجِڪ! جِمَ وِسارِئين؛
ريهي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ؛
لَنگھا! تون لِيلاءِ، اڳِيان وڃِي اُنَ جي.
17
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون صاحِبُ، آءٌ سَڳُ؛
پُڇِي تُنهِنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
18
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آءٌ ڏوهُ؛
تُون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.
19
اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
» شاه سائين جو رسالو-سُر کاهوڙي
» شاھ سائين جو رسالو 'سر ڪلياڻ

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: