Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول    شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:40 pm


داستان پهريون
1
وِسَھُ اِنَهِين ويڻَ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا؛
مَضۡمَضَہۡ واتا، وِجُھ ته ڏيئِي واتَ ۾.
2
پيُ مَ طَهُورا، وانءُ اورانگھي اورِيان؛
وِچان جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا؛
حاصُلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀِ ٿِـئي.
3
سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
ڳَـهَڻَ! تُنهِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
جِنِ جيها ئِي پَٽُ، تِنِ تيها ئِي بِکِيا.
4
سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛
اُٿي ته آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛
تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي.
5
سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهَنِ؛
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛
جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌِرو.
6
تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو؛
ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛
وِلَها جنهن وَنهِيا ڪَيا، پاڳَ تَنهِنجِي پَسُ؛
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.
7
علاؤالدِّينُ آئِيو، کَـڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ؛
ڪَنهِين ڪِينَ هِمَٿِيو، ڪانَ جَھـلِيندو ڪيرُ؟
سُومِرينِ سامَ کَنئِي، اَبڙي ڪَيو اُٺَ پيرُ؛
هو مُهانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.
8
سَرَڻِـيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.
9
ٻِـيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نه ڏُونگَـرَ راءُ؛
اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.
10
اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛
سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛
مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.
11
ابڙو اَڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛
سي پَٽَ ڪَنهِن نه پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛
اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.
12
اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونهن سَڀَنِ؛
تَنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

داستان ٻيو
1
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛
ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُھ موڙي؛
سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛
گھوٽُ چَڙهِيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.
2
جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا؛
جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائِين نه ٻِيا؛
مِٽِي تَنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتِرِي.
3
ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نه ٻِيا چَڙهَنِ؛
ته ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جهُ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟
4
هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي وِچِ مَ پوءِ؛
پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمَ پاسي هوءِ؛
ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهانَ ۾.
5
هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ؛
”اچو! آيا نِچُ!“ سَمي وائِي واتَ ۾.
6
جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛
مُهَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنهِن هادِي ميڙِيُمِ هَهِڙو.

داستان ٽيون
1
ڪوهُ نه جُهارِئين جَکِرو، جنهن ڏيھَ ڍيا ڏيئي؟
جي لُڏِيا ٿِي لِينگُهن ۾، شالُن ۾ سيئِي؛
سَمي سَڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪيا.
2
اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.
3
اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجِھ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين.
4
تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اجھو، تُون اَڳُ؛
هِتِ پِڻُ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهَندِ پِڻُ تُونهِين ماڳُ؛
سي لورِيُون ڏِيَنِ نه لاڳُ، جي اَجھي آيُون اَبِڙي.
5
پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکِرو ئي جاجِڪَ؛
تِئان ڏِنِي مَڱَـڻي، طَهُورا جِي تِڪَ؛
سَمي ڀَڳِـيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ ۾.
6
جي اُڌَمِيو اَڄُ، ته وَسندو سونَ سَنگُ؛
جالَ ڍَئِيندو جُنگُ، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.

داستان چوٿون
1
وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ؛
گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِـيرَ ٿِيوسِ.
2
وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛
مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نه ڏِنُسِ جوءِ؛
ويٺو اِئين چوءِ، ته پِيران پاسي نه ٿِيان.
3
اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ؛
هَڏِ نه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي.
4
اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
جُسي ۾ جَڏو، پر کِـيَڻَ تي کُڙا کڻي.
5
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛
خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، ته سُرهو ٿِيان سُپِرِين!
6
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجھو؛
ڇَڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين.
7
داتا سَندي دَرَ تي، وَڳَندُ ويٺو پَسُ!
تَنهِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلوُدو آزارَ سين.
8
وَڳَندُ ورِي آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ؛
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيَّدَ جو سَرَڳُ؛
عَطُرَ سين اورَڳُ، ته هُئين سَدائِين سُرَهو.
9
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِـمازُ؛
جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرهاڻِ تي.
10
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪوٽِڙِيان ڪُلاٽُ؛
سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻين.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڪارايل

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: