Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام Empty
PostSubject: وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام   وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 1:37 pm



اول ساراه ڪر سبحان جي، مولىٰ جو ملڪن؛
مڙيائي محضوض ڪيا، ڏسو ڏيھه ڌڻين؛
ڪي ڪامل ڪُرسين تي چڙھي، وَہ وَہ وعظ ڪن؛
ڪي ڪاتب ڪتابن جا، سوين سبق ڏين؛
ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن؛
ڪي پڙھيا پاڻ پروجھ سان، پڙھيون پڙھائن؛
ڪي وردن وظيفن ۾، شاغل روز رھن؛
ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائن؛
سِڪَ سچيءَ کَـئُون ڪونڪو، سبق سُور سِکن؛
اکر لِکن نه دل تي، ٿا ڪاغَذَ ڪارا ڪن؛
مَسُ ڪاريءَ جان مَنَ کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن؛
مُدعا ٿئي جنھن ڳالھ ۾، تنھن ويجھو ڪِين وَڃَن؛
جو فرمودو واحدَ جو، تاڏي ڪَنُ نه ڪن؛
”و فِى اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصِرُون“، ھِن ويسَھ نه وسَھن؛
ٻين مَعنائن ۾، ڪاھَت ڪَيون ڪَھن؛
اِھو فِڪر فائِدو نه ڪري، توڙئون کي تَن؛
فڪر ڪن نه فنا جو، ٿا بقا کي نه پُڇَن؛
ھي اُتي حيران ٿيا، اوڳا ۾ اکَرَن؛
معنىٰ تن جي طرح سان، ھڪڙي ٻي چَوَن؛
پڙھيو سمجھيو عِلمَ تي، عمل نه آڻن؛
”مَن تَعلمّ العلم للمُنَاظَرَة وَالمُڪَابَرَةُ“ اُھي منافق مرن؛
ھيٺَؤُن مِٽيءَ جي پسِي، ٿا پاڻ ئي لِڪائن؛
آھي آفتاب اَبَر ۾، پَرَ لائق ڪِين لَهَن؛
مُنجھايو ماڻھن کي، ماضين مَذھبن؛
محڪم ماڻھن کي ڪيو، تن جي زنجيرن؛
ھُون حديثن ڪِينَڪِي، نه ۾ آيتن؛
مڃن تن کي ڪِين، ٿيو ملا ٿا مَڃن؛
سي سوگھا سڀئي ڪيا، نامراد نِيَرَن؛
اکيا اکين وڌڙا، توڙؤن ئي ڏَسُ تن؛
بِرهَ جي بَئبان کَئُون، پاسي اوءِ پَوَن؛
سي پَسڻَ کؤن پري ٿيا، ڪين پسا پَسَن؛
محبت جي مھراڻ مَئُون، جي مُلا چاشَ چَکَن؛
ته ڪنز قدوري ڪافيا، لهرن ۾ لوڙھن؛
ڪن سلام صرف کي، ھوند نَحو نه نھارن؛
پرکَ لاءِ تنھن ڳالھ جي، باس نٿا باسن؛
اُھي رھيا اِتھين، مَٿي ڪِين چڙھن؛
ڪيئِي آھن قالَ ۾، باتيون بَس نه ڪن؛
ڪي وڃي رسيا حالَ کي، ڪي بيٺا ٻاڏائن؛
ڪي لَنگھي ھليا حال کَؤن، نڪِي قال ڪھَن؛
ڪي دنيا جي طلبَ ۾، ھنيا حرص حَڄن؛
”طالِبَ الدُّنيا مُونث“، محبت ناھي تَن؛
ڪي ڪوڏيا عقبىٰ جا ٿيا، ھنيا لئه حورن؛
”طالِبُ العُقبىٰ مُخنث“، مڙس سي نه چئجن؛
عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائن؛
”لاَ مَوجُودَ اِلَّا الله“، حاضر ڪيون وتن؛
”طالِبُ المولىٰ مُذَڪر“، ھن رسايا رمزن؛
ٻئي جھان ڦٽا ڪيو، ٿا ٽئي جھان وڃن؛
اَصلئون ئِي اختيار ڪيو، فقر فقيرن؛
”اَلفَقُرُ خَزِينَةٌ مِن خَزائِنِ اللهِ“، بعض کي بخشن؛
”اَلفَقيرُ لاَ يَحتاجُ اِلَى الله“، ٻيون ڏنائون ٻن؛
”اَلفَقرُفَخرى ولفقرمِنى“، اِئين اُتو عجيبن؛
وَتَن ويڳاڻا وِرھ ۾، نيڻين نِنڊ نه ڪَن؛
راتو ڏينھان روحَ ۾، چَپ نه ڪو چورن؛
”مَن عَرَفَ رَبہ ڪَلّ لِسانہٗ“، ٻَڌِي زبان اُنَھن؛
نَشي تن کي ”نانھ“ ڪيو، مورئون ”مان“ نه چَوَن؛
”قُل ڪُلٗ مِن عِندِاللهِ“، اِھو ڪيائون ڪَن؛
”وَالقَدر خَيرہُ وَشرَہ مِنَ اللهِ تَعَالىٰ“، سڀ اوڏانھون ڄاڻن؛
موليٰ جي محبتَ ۾، کِيا ٿيا وَتَن؛
سُڏڪا سَڀَئِي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀَرن؛
آديسي اَرمانَ ۾، گھوماٽيا گُھمن؛
ڪِين رئَڻَ کَئُون اُن جيون، اکيون اوڪارن؛
”ھرآن سِرى کہ با محبوب دارند، خبرنبود ڪراماً ڪاتبين را“، سِر اھو سانڀن؛
ھَيھات ھَيھاتَ، اِھا عادت اُداسن؛
پنھنجيءَ پَر ۾ پاڻَ کي، ٿا پَرتَئون پَچَائِن؛
نِھائِينءَ کَئُون نينھڙو سکيو ساميڙن؛
مَچ مَچايو مَنَ ۾، ٻاڦ نه ٻَھر وجھن؛
عاشقَ مَٿَؤُن آگ جي، اولارا ڏين؛
طالب جي ئِي حَق جا، طَلَب نه پِئي ڇڏِن؛
عينان سندين اوجاريون، اڇن اوجاڳن؛
اٺئي پَھرَ عجيبَ کي، ڪَنڌ اونڌي اورن؛
ڪا ساعت ھَڏِ نه سنرا، اُنھين ري آھِن؛
ظاھِر سي ئي زبان سان، ٻيو تا ڪين ڪَھَن؛
مامن سان ماڻھن کي، سالڪ سمجھائن؛
صُمٌ بُکمٌ سڪوت ۾، اڳيون پئي عامن؛
”عَينُھا باڪيةٌ و قَلوبُھا ذاکِرٌ“، اھوذڪر چوَن؛
”عَينُھَا تَنَامُ وَلاَ تَنَام قُلوبُھَا“ دل طرف دوسَن؛
آئي آڏو عامَ جي، اڳھين ڪانه ڪَھَن؛
”اِنّ اَولِيائِى تَحتَ قَبَائِى“، لائق لعل لِڪن؛
”الصّبرُ مفتَاحُ الفَرَح“، صبر صابرن؛
بعضي موحد وحدتي، اھڙا ڀِي آھن؛
مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُ سَٽِن؛
محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪُسَن؛
ڪُرڪَن ڪِنجھن ڪِينڪِي، ڄڻ پار وِھانءَ وَڃَن؛
رتَ منجھارُون پانھنجي، وضو وِير ڪَرن؛
اِيءَ نماز عشق جِي، تھؤن پوءِ پڙھن؛
جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙن؛
سوريءَ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙھن؛
تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏِين؛
ڪن سِرُ صدِقي دوست تَئُون، ٻيا پھ ڪين پُڇن؛
نِينھن نھوڙيا نڪِڻيان، جنھن پَر ڪاپڙين؛
ھِڻي درد دھيون ڪيا، سندي سپيرين؛
ڪڏھن اڇا ڪپڙا ڍار نه ڪنھن ڍڪن؛
منھن ميرا مَٿي ٿيرا، اھڙيون طرحان تن؛
ڪائي تن جي ڪانه ڪا، جُڙي لِيڙَ لِڱن؛
مٿين پيرين برھنه، ايڏا سور سَھَن؛
پرٽيو پروانن جان، ڪاھيو تِتِ پَوَن؛
ڀَنڀڙ باھ عشقَ جي، سپورَن سَڙَن؛
کامِي لَهسي لُوسجي، لائق لعل ٿين؛
آوڙي عام نه اُن کي، جي سينڌائِي سڄڻن؛
اَچو پَون آڙاھَ ۾، سِرَ جو سانگ نه ڪن؛
ڊِڄو ڪنهن جِس جھوپڙا، آڏا ڪين اڏن؛
اوڏَنھن وٿ متان پَوي، گنگھر اِي گھارن؛
ري پِريان تن ڪين ٻيون، ڳالھيون ڪَس لڳن؛
ڏاڍا ڦٽ فراقَ جا، تن جي چت چاڪن؛
ورھ وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن؛
”مُوتُواقَبلَ اَن تَمُوۡتُوۡ“، ائين مَن مارِن؛
اُھي مَرَڻ کَـئُون اڳي مُئا، ”مان“ کي ڪين مَڃن؛
دشمن دوستَ ھڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن؛
ان جي اَکين آگم سِٽيا، بوندان بس نه ڪن؛
سِرُ ڏيو سَنوپرا، وَٽِي ورھ وَٺن؛
”تَرڪُ الدُّنيا سُنة طَلَبُ المَولىٰ فرۡضُ“ ھو دِل ڌَرنِ؛
سويون ڇڏيون سُکَڙا، گوندَرَ گذارن؛
جوڳي جانبَ ڪاڻ ٿيا، مثل مَستانن؛
اَبتر ڪيائون پاڻ کي، پَسَڻَ لئه پِرين؛
ھاءِ وِڃايو حالڙو، ويتر ويچارن؛
ھو ”مشتاق على لقاءِالله“، ائين محفوظ رھن؛
ڪي فنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن؛
آھِ لقاءُ لطيفَ جو، عيدون عاشقن؛
محبت جي مڪان کَئُون، لاھوتي لنگھن؛
واديءَ ۾ وحدتَ جي، دانھ پير ڌَرنِ؛
”تون- مان“ وڃي وچ مَئُون، ته ڪِي پاڻ پَسَن؛
شڪ يقين اُٿي ويو، برابر چَوَن؛
ھادي مريد ھڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن؛
عابد ۽ معبود سو، ھڪ نگاھ پَسَن؛
پاڻ پڙھِي پاڻ بِھي، پاڻ ئي سجدو ڪن؛
”پاڻ“ مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، نِوڙي نِوڙَت ڪَن؛
پاڻ اُٿي پاڻ ويھي، پاڻ رموز رکن؛
پُرجھ مِڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، غير نه پَسائن؛
ڪافر مومن ھڪ ٿيو، ڀلا ٿا ڀائن؛
سوئي فَلَڪ سوئِي مَلَڪ، سوئي آدمن؛
سوئي اَحمد سوئِي علي، سوئِي ھڪ سَمجھن؛
نانوَ، ڪَنن اَکِين جا، وچون ئِي وڃَن؛
بازيون بازيگر ڏِسِي، اِنھيءَ ڀَتِ ڀُلَن؛
تان اکيون، ڪَن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن؛
اسين آھيون آدمي، بيحد مون بشرن؛
نا ته مِڙيوئي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن؛
عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن؛
ھي مڙيون ئي وصفان، اندر آدمن؛
ھي مڙِيوئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن؛
وصفن اُنھن ساڻ، اصل آدمي سڏن؛
ھِت آدمَ مَئُون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀَڄن؛
اصل الله مَئُون آدمي، ثابت صورتن؛
مورَت صورتَ ھڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن؛
سوئي ڏسڻ وارو، سو منظور مَڃن؛
خالي ڪانه جاءِ ٿي، بنا محبوبن؛
سڀ ڪنھن ھنڌين سپرين، ڇا جِي جاءِ خسن؛
ڪاٿئين پٿرڻيون پَٽ جون، ڪاٿئين دلقا ڪن؛
ڪاٿئين جاما زر جا، ڪاٿئين پشمينا پَھرن؛
ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين منجھ مُلن؛
ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجھ ڪُنڊن؛
ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن؛
ڪاٿئين رھن تقوىٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچن؛
ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ۾ سيرن؛
”خَلَقَ الاَشيَاءَ فَھُوَعَينُھَا“، منجھ عربيءَ ائين چون؛
پاڻ چوندڙَ، پاڻ ٻڌندڙَ، پاڻ ئي ۾ ٻولن؛
سمونڊ سرگردان ٿيو، پيو ۾ عَجَبن؛
”آءٌ اصل پاڻي آھيان، ڪئين سمنڊ سڏن؛
نانوَ مٿم ناحق جا، رکيا الاجي ڪَن!“
جي رسيا وڃي وصالَ کي، سي چؤرنگ يار پَسَن؛
اول ڪفر پوءِ مَڃَڻ، پوءِ تان مَنجھ ڪُفرن؛
پر ڪفر مسلماني ھڪ ٿِي، مِڙِيوئي مَڃن؛
نفيءَ مَئُون اثبات ٿيو، ٻيا سڀ ”لا“ ٿين؛
مرشد ڪامل ھادي منھنجو، دائم درازن؛
عارف عبدالحق آھي، صوفي صاف سَڀَن؛
ھُئي شالَ چراغ سو، روز شبان روشن؛
عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪَرِن؛
حيرت ۾ ھميشہ سي، غازي سڀ ھُئن؛
عشق منجھ الوٽ ھُئَن، سڀئي صاحبن؛
تا گھڻين طرحين نوِڙا، مَٿي ”نانھ“ رکن؛
ڏيو روشن تن جو، تائين قيامتن؛
اُجرائي آفتاب کان، ھادي شال ھُئن؛
اَظھر ھُئن دارَين ۾، برڪت پنجتنن؛
ھوئن خليفا غوث جا، سي روشن کانئن ھُئن؛
قائم مَسند تن جي، حُرمت خير سندن؛
”سچو“ سگ انھن جو، سندن دروازن؛
ڪَلمو چئو نبيءَ تي، تا ڇٽو کان ڇِين.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
وحدت نامو - سچل سائين جو ڪلام
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» وحدت - سچل سائين جو ڪلام
» سچل سائين جو ڪلام ٻه اکر
» سسئي - سچل سائين جو ڪلام
» سچل سائين جو ڪلام -حقيقت
» سچل سائين جو سنڌي ڪلام

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: