Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڇهون

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڇهون   Fri Nov 16, 2012 10:17 am


داستان ڇهون
1
مون کان ٿئي نه پنڌ، آري ڄام اَچيج تون؛
ھاڻي ڏي مون ھنڌ، پاڻ ئي ڌاري سُپرين.
2
آريءَ جي اَچڻ جو، روز نھاريان راھُ؛
آڻيندس اللهُ، مون سِرُ صدقي ڪيو.
3
آري اَچين شالَ، نماڻيءَ جي نِجُھري؛
ھِي مون ڏسي حالَ، ڪرين غور غريب جو.
4
گھڻا ڏينھن ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگَرين؛
جي مون سڏ ڪيا، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
5
ٻڌي ٻاروچا ورين، ھِنَ عاجز جون آھُون؛
درد ڀَري دانھُون، ڪري ٿِي، ڪافن ۾.
6
جي مُنھُن ٻاروچي ڏسان، تا سَڀَئي ٿينَم سُکَ؛
ڏور ٿين مُون ڏکَ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.
7
ڪر ٻاروچا ٻاجھ، ھِن مون نماڻيءَ تي؛
ويٺي وجھان واجھ، اوھان جي اَچڻ لءِ.
8
مون ھَٿان پيئي، ڏوھُ نه مٿن ڪو ڏيان؛
حال چوان ھيئِي، ھَلي ھوتياڻِين کي.
9
ھن ڏکيءَ کان ڏيرَ، وجھي وِٿِ وڏي ويا؛
ڏورڻ ھاڻي آئيا، سرتيون سَڀ سُميرَ؛
پُڇِي لَھان پيرَ، آيَل اوٺارن جا.
10
اٿي ويا اوٺارَ، کڻي ساٿ سويلَ جو؛
ھاڻي اَديون آئِيا، ڏورڻ مون ڏونگارَ؛
ٻيا ڀي ھوت ھزارَ، منھنجو پيچ پُنھونءَ سان.
11
منھنجو پيچ پنھونءَ سان، اَزل لاڪون آھ؛
ھاڻي ويھڻ ڇاھ، ڀينَرُ ھن ڀنڀور ۾؟
12
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پنھونءَ پُڄاڻاءُ؛
سوز چَکايو ساءُ، ويھَڻ مون وِھُ ٿيو.
13
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، وَرَ بنا ويھي؛
جيھي جي تيھي، آءٌ تان سندن آھيان.
14
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پُڄاڻان پِرين؛
وارُ نه سي ويھَن، جَنِين مَٿي مامرو.
15
ڪوهُ ڪريان ڀنڀور، ھاريُون بِنا ھوت؛
مون تان تائين موت، ووءِ ووءِ ھَڏِ نه وِسري.
16
گولِن گَڏ گذرانُ، ڪاڪِيون، ڪنديس ڪيچ ۾؛
آريءَ ٿئي اَرمانُ، مانَ ڏسي حالُ حقِير جو.
17
چڱي پنھونءَ چِت، سدا آھي سَرتيون؛
ھوت بنا مون ھِت، ڪريان ڪوهُ ڀنڀور کي؟
18
شالَ نه وسرين تون، لوڪ سَڀوئي وسري؛
مطلب اِھو مون، جو پاڻئون پَري نه ڪرين.
19
ورَ مَ وساريج، ھيءَ تان سنديَوَ آھِ؛
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ھيءَ سَڌرَ ساريج؛
تيتَر مَ ماريج، جيتر توکي نه مِڙان.
20
ساري شَھر ڀنڀور جي، ڇڏي لوڪ لذت؛
تو ريءَ ڏئي ڪونه ڪو، ماڻھو عام عِزت؛
ٿئي ساھ صِحَت، جي ٻيھَر ٻاروچا اَچين.
21
ڪيو ڪَميڻيءَ ڪَچُ، جو سُتِي سَويلي رھي؛
اُنھيءَ جي افسوس سين، ڪيو مَحبت مَچُ؛
پنھون ڄام پَرچُ، ناميا نِماڻيءَ سان.
22
ٿيون ھِن ھَٿاءُ، ڪيئي مُورائون مَنديُون؛
پنھون ڏسي پاڻ ڏي، آسَڻ منھنجي آءُ؛
سانول توريءَ ساءُ، اَچي ماڻھن ڪِين ڀنڀور جي.
23
پُنھون پُنھون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنھون پاڻ؛
اَديون ٿِيس اَڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.
24
جان پروڙيم پاڻ کي، تا آءٌ پنھون آھيان؛
ڪنھين طَرف ڪاھيان، جو طَرف مِڙئي ”تُم“ ٿيا.
25
پيھي پروڙيوم، تان پنھون پاڻ ئي آھيان؛
پاڻ ئي منجھان پاڻ کي، ھيءُ پَڙلاءُ پيوم؛
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اُٿي ويا.
26
”سچو“ ڪج صَبرُ، مٿي خيال کڙو رھين؛
ڪِينو ۽ ڪِبر، پري ڪرين پاڻ کَـئُون.
27
چَٽَ ڏني چُٽڪي، سورن سَرسُ سُميرَ ۾؛
سا سَچلي ”سچيڏنو“ چوي، ڇُوھ منجھون ڇُٽڪي؛
جا لڪَن منجھ لُٽڪي، تنھن سان حمايت ھوت جي.

ڪافي 1
ڪيچئڙن جي ڪاڻ، جيڏيون منھنجو جيئڙو جِھڄي ٿو!

پريان سندي پار ڏنھُن، اَلله اوٺي آڻ.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، ھاڙھي ويندي ھاڻ.
روئڻ کَـئُون جھلن سي ئي، رئن اَکڙيون اُڪاڻ.
جِيءُ وِڌائُون جار ۾، ٻاروچاڻي ٻاڻ.
سِگھو ايندو سُپرين، ڀينر منھنجي ڀاڻ.
”سچو“ آءٌ تان آھيان، پريان جي پَرياڻ.

ڪافي 2
اوڏاھون جي اَچن، ڙي جيڏيون، اُنھن آءٌ ڪيئن نه سڃاڻان!

پريان سندي پار جيون، ڪيھون ڳالھيون ڪن.
مون ھن نماڻيءَ کي، دلاسا ٿا ڏين.
ساھ منھنجو سرتيون، نيو نياپن.
ھي بُت بيراڳي ڪيو، ڪاڪيون ڪيچيئَڙن.
”سچو“ ڇو نه سُڌيرُ ٿين، تو ھُت پاڻ پڇن.

ڪافي 3
ڀڄي پاھڻ ٿي پاسي، متان ڏاڍو ڏک پويئي!

پنُھونءَ سندي پار ڏي، اسين تان پنڌ پياسي،
ترس اھو مانَ ٿئيئي.
ڇو ٿو سمھين پير مُئيءَ جا، اڳَھين نينھن نياسي،
ڏک ويا ڏير ڏيئي.
سڻ ڙي ڏونگر حال ”سچوءَ“ جو، وندر جي اسين وياسي،
چَڱيان پاڻ ئي ھوت چوي ٿو.

ڪافي4
دوست دلاسو ڏجي، ڏاھا ڏکوين.

اَول لائي پوءِ نه ڇِنجي، پرت نباھي نِجي.
پُرجھي ڏسج پرين پانھنجو، ھيئن نه ڪا ڀُل ڪجي.
ڳالھيون تنھنجيون يار ٻاروچا، راتو ڏينھان ھِن ھِجي.
ورهَ وارن سان يار ڏھاڙي، ڏک ڀائِي اَچي ٿجي.
قاصد ايڏنھن جا چَون اِئين مون، ھوت اِيندءِ اَڄ اِجھي.
ڏنگاين ڏي ڏس نه منھنجي، سڀ اوھان کَـئُون ٿو سِجھي.
اَچڻ ڪارڻ ھوت اوھانجي، ”سچو“ فالان ويٺو وجھي.

ڪافي 5
وندر آءٌ ويندياس، وٺي اھو سوز سڄڻ جو،
وٺي اھو پور پرينءَ جو!

پيرن اُتي پِرَجي، ڳوڙھا ڳاڙيندياس.
ڪاڻ ڪوھيارلَ ڪاڪيون، جھولا جھليندياس.
آھُن ۽ دانھُن سان، ڪَرڳَل ڳاڙيندياس.
ٻاجھون ٻاروچل جي، ساڻيھُ ساريندياس.
پنھون وٺي تان پاڻ سان، اَديون آڻيندياس.
پاڻ پنھنجو پورَ مؤن، چُنجن چاڙھيندياس.
سِر پنھنجو سرتيون، گھوريون گھوريندياس.
وٺي مَھار مَيَن جِي، لوءِ ڏي لاڙيندياس.
”سچو“ ٻاجھون سوز جي، ٻيا ورق واريندياس.

ڪافي 6
مون کي ميڙين اَلله،
سِگھو آڻي اَلله،
وو ميان ٻاروچا!

اُنھن ڪارڻ ڪاڪيون، وجھان وڇاڻان؛
سانول پنھنجو سرتيون، سَوَ ۾ سُڃاڻان.

ٻيھر شھر ڀنڀور ۾، آڻين الٰـھِي؛
پيرين پئي تن کي ٿيون، پاڻ ئي صلاحي.

اوڏنھُن آڌيءَ رات جا ڪانگل اڏايان؛
جي پَري آھيان تن کَـئُون، تان ڀي سَندِيَن سڏايان.

ڪڏھن مُڪو ڪونه ڪو پرين پيغامي؛
اَصل لاڪؤن اُن جو آھي ساھُ ته سلامي.

ڪڏھن ايندم سُپرين، ٿي پوٿيون پٽايان،
”سَچو“ سوالن سان اُھي ويندا ورايان.

ڪافي 7
جي وٺي حُب وڃن، ڙي، انھن کي ڪيئن نه سُڃاڻا!

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، پِريان پنڌ پوَن.
ڏونگر سي ڏورينديون، محبت جن کي مَن.
آيل عاشقن جون، ڪوڪان پِيَڙَم ڪَن.
اَديون ھن ارواح کي، تاسِف ڏنو تَن.
”سچو“ صدقي اُن تان، جي وٺي درد وڃَن.

ڪافي 8
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو، مون کي!

ھيءَ ڪنيزڪُ مُلھ خريدڻ، ڪيئن مَٿئون مون ٿيو.
حَرف اسان تي آھي اَصل کَـئُون، ويسر ۾ ويو.
”سچو“ ڪوٺي پانھنجو، پاڻ قريبَن ڪيو.

ڪافي 9
منھنجو سڱ نه سِياپو، ڪاڪيون ڪيچ ڌڻين سان!

ھِتَؤن ھَلي اُتَھين، آءٌ نه ڪنديس، ڙي، ڪاپو.
ٻانھي خان ٻروچ جِي، ٿِيسِ لاھي لاڳاپو.
شال نه ڏکيءَ کي ڏين، ڪنھن ڏوھؤن ڏوراپو.
جيڏيون ھِنَ مُئيءَ جو، آھي جانب جياپو.
”سچو“ سڄڻ سان ڪندو، منھنجو مولىٰ ميلاپو.

ڪافي 10
يا ٻيلي ڙي، متان مون کي ھِت ڇڏين!

ھِيءَ نماڻي عشق اوھان سان،
ھِيءَ محب ٻيلي ڙي، پاڻُ غريب سان گڏين.
ڪنھن در ڏينديَس دانھڙي،
پيارا پرين ٻيلي ڙي، آڻي پَکا اوري اَڏين.
لَھ ”سچوءَ“ جي، وو، سُڌ سڄڻ سائين،
ساجھر سويلي ڙي، يار تون ايندين ڪَڏين.

ڪافي 11
ڪنھن لَڳ ڏُونگر ڏوريان، جيڏيون ڙي؛
محب آھي منھنجي مَن، ميان.

”وَ فِىٓ اَنۡفُسِکُمۡ اَفَلاَ تُـبۡصِرُوۡنَ“، ڪاڪيون ڪَجو ھي ڪن.
اسين توسان، پَري تون ڦولين، اولانڀا ھي اچن.
پاڻ سنڀالج پانھنجو، پرين اِئين چَون.
اِھڙيءَ اوڏائيءَ ۾، ورھِي مِينھن وَسن.
”سچو“ سي ئي پَري پِيا، جُدا ڄاتو جَن.

ڪافي 12
مون کي ماريو مونجھاري، ووءِ ووءِ؛
سانگِي مون سي ئي ڪيا.

سوزُ تنھنجو سُپرين، ھِت ڪوڪان ٿو ڪاري.
اُنھيءَ ٻاجھون سرتيون، ھيءَ گوندرَ گُذاري.
ڏاڍي ذات جتن جِي، جي عاشق ويا آزاري.
وندر جي وڻن ۾، ٿي ڪيچي نھاري.
”سچو“ سپرينءَ کي، تون ويھ نه وساري.

ڪافي 13
گولِي مانَ سڏين، اُنھن جي نِي آھيان، جيڏيون ڙي!

پکا پکن سامھون، اوري مانَ نه اڏين.
آريجا عاجِز کي، ڇَپَر تان نه ڇڏين.
ٻاروچان تا ٻاجھ پئي، گولي ساڻ گڏين.
ھُونِ ھميشه مون پِرين، لحظي تان نه لڏين.
اَصل لاڪون آھيان، ھِنئين آئون ھَڏين.
اڻ مُلھِ ٻانھي آھيان، ”سچو“ پاڻ سَندين.

ڪافي 14
ھِتؤن اُٿي تنھنجا ھوتَ ويا، تون تان ڀي نه ڪوشش ڪَرين!

پيرَ پُٺِن تون نه کڻي، ٻُڌيون سي ڳالھيون ڪرين.
توکي تان نه ترسائِيو، پاڄياڻي، پَنڌَ پَرئين.
اُٿي ڪر پنڌ پھاڙ جا، متان تون پوئتي ورين.
”سچو“ پُڇج سُپرين، ميان، متان تون تان ٺرين.

ڪافي 15
پنھنجو ڪيو، ھي تان پنھنجو ڪيو، مون کي يار پنھل ڪُوٺي!

دوست گڏيو دلجاءِ ٿي، وچؤن سارو وڇوڙو ويو.
آڌر ٿي ارواح کي، جيڏيون ڙي، منھنجو جيئڙو جيو.
رھجي اچي يار سان، ڏاھيون ڙي، اھو ڏسڙَو ڏيو.
اڱَڻ آسَروند جي اچي، ميان، لالن پاتو لِيو.
ساھ ”سچوءَ“ جو سرتيون، نيڻن سندي ناز نِيو.

ڪافي 16
ٻانَھن جي آءٌ ٻانھي آھيان،
ٻاروچي جي ذات جي!

ڪِيم جھليو مون جيڏيون، دوسَن جي ديوانِي آھيان.
آءٌ ڪنيزڪ مُلھ خريدڻ، شاھَن جي ڪا شانِي آھيان؟
اُٺن اوٺارن تَؤن، ڪوڙين آءٌ قُربانِي آھيان.
جي مون پُڇيو جيڏيون، سورن ۾ ساماني آھيان.
پُڇو ”سچوءَ“ کَـئُون سرتيون، مُحبن جي مستانِي آھيان.

ڪافي 17
تو ريءَ ڳالھڙيون ڪنھن سان ڪنديَس، آءُ ورَ واڳ ورائي!

واٽ نه وندر جي لھان، وڌيس مونجھَ مُنجھائي.
سِڪَ تنھنجي سپرين، ڏونگر ٿي ڏورائي.
ھيڪاندي ھيءَ حب ۾، ويٺي ورھ وسائي.
طعنن شھر ڀنڀور جي، وڌم تَنُ تپائي.
جيھو تيھو سُپرين، ”سچو“ سَندوَ سڏائي.

ڪافي 18
ٻاروچا پَئيوَ ٻاجھ، ڇَپَر مون کي ھيئن نه ڇڏيجو!

مِھر نه لاھيو مون پرين، مَٿان ھِن محتاجَ.
آھي ھن عاجِز جي، تو تي لالَن لاجَ.
ھِيءَ پُٺِيءَ پئي تنھنجي، مَنجھَؤن ساري راجَ.
ڳچيءَ پائي ڪَپڙو، اُت ڪريان ايلاجَ.
پورھيو ڪنديَس پِرت جو، ھَٿين ڪنديس ھاجَ.
گھوريان گھوٽ اوھان تان، سڀ مَڏيون ۽ ماجَ.
اوھان جي ته اچڻ لءِ، ”سچو“ وجھي ٿو واجھَ.

ڪافي 19
ھِيءَ نماڻِي نالِ نِجو، ادا ڙي، اوٺيو!

ھيءَ ڪميڻي ڪُوڙي، بِرھَ ڪئِي بيحال.
پُٺيءَ اِيندي آنھن جي، جيھي تيھي حال.
پرين نيندا پاڻ سان، ڀَلا پنھنجي ڀال.
اوھان ٻاجھون سپرين، جيئڻ آھي جنجال.
ٻاروچا تان ٻاجھَ پَئي، ”سچو“ سگ سنڀال.

ڪافي 20
ٻاروچا ميان، ھيئن نه ڇڏجو، ھيءَ نِيو نِماڻِي ساڻ!

سُڌِ تَھين کي سوز انھِيءَ جي، جنھن لڳو ٻاروچاڻو ٻاڻ.
ٻانھي گولي تانھن جِي، پنھون پاڻُ سڃاڻُ.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، آھيان آءٌ اَڄاڻ.
بخش ”سچوءَ“ کي سپرين، سندو نِينھَن نياڻ.
داستان ستون

Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڇهون
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: