Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان اٺون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان اٺون   سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان اٺون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:19 am


داستان اٺون
1
مارڳُ مٿاھون ٿيو، مارڳ چڙھي ڪيرَ؟
سا پُڇي ساٿ سويرَ، جائِي مارڳَ تي مري.
2
جي تون مارڳَ تي مرين، وڏا طالع تو؛
سانولُ ساڳي سو، مٿان تو ھٿ ڏئي.
3
مَلھِي مارڳ مرُ، تان تون تنين جي ٿئين؛
جبل ھار نه جرُ، ارتو اَکَڙين مون.
4
مارڳ جي مُئينءَ، تان ھُئينءَ ھوتياڻين ھنجَ ۾؛
وڃي ڪيچ سُئينءَ، تان ويچاريءَ وسُ ڪيو.
5
مارڳ مرن جي، ور تنين کي ويجھڙو؛
ھَي ھَي ھوتن کي، ٿئي ارمان انھن جو.
6
مارڳ مرڻ آھ، گھوريو جيڻ جيڏيون؛
پير نه پوئيون پاءِ، عاشقَ مرُ اڳي ٿئين.
7
مارڳ آھ مرڻ، جيڏيون ھن جيڻ کَـئُون؛
وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ؛
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوھيار جو.
8
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون؛
ھوت ھھڙي حال، مانَ مٿان مون ھٿ ڏئي.
9
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪا مون لهن ڪل؛
ماڙيون سڀ محل، ويٺي ورھ وسائيان.
10
مٿي راھ رئان گھڻو، آءٌ اوٺارن ڪاڻ؛
ھاريون ايندم ھاڻ، ڏک ڪڍندم ڏيل مون.
11
مٿي راھ رئان گھڻو، آءٌ تنھن لَعلَن لَڳِ؛
جَتَ ٻيا ڀِي جَڳِ، منھنجو پيچ پنھونءَ سان.
12
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪارڻ ڪيچيڙن؛
سِگھا شال اچن، ڪَرن غور غريب جو.
13
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪارڻ ڪوھياري؛
مُئيءَ کي ماري، وڃ مَ منھنجا سُپرين.
14
سچو ٻَڌي سندرو، لَڪين ڪندي لوچَ؛
ٻَڙيون لڳ ٻروچ، مٿي راھ رئان گھڻو.
15
اديون آريچن جي، ڪافؤن پونديم ڪل؛
ڪارڻ ڪوھيارل، مٿي راھ رئان گھڻو.
16
ھُو سياڻا سُپرين، عاجز ھِيءَ اَڄاڻ؛
آءٌ ڪوھياري ڪاڻ، مٿي راھ رئان گھڻو.
17
ھوندي ھوتياڻن جي، ھيءَ ويچاري وڳِ؛
آءٌ تنھن لالَن لڳِ، مٿي راھ رئان گھڻو.
18
اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري؛
ڪارڻ ڪوھياري، مٿي راھ رئان گھڻو.
19
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ٿَڪيءَ مون نه ٿِيَن؛
جيڏيون ڪاڻ جَتَن، مٿي راھ رئان گھڻو.
20
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن مون نه ڪيا؛
وٽؤن ھوت ويا، کڻي ساٿ سويل جو.
21
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پڄن مون نه ھَٿاءُ؛
اَچ آرياڻي آءُ، ٿي وسيلو وڻڪار ۾.
22
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پري آھن پَنڌ؛
رويون چُمان رَند، آيل اوٺارن جا.
23
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ آھ منزل؛
آھ ڪوھيارل ڪل، نامِيا نماڻِن جي.
24
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ھزارين فرسنگ؛
نھاري ڏي ننگ، ڪر ور ويچاريءَ جي.
25
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آھن ڪوھ؛
مون کَـئُون جھاڳڻ نه ٿِيَن، رُڪؤن ڏاڍا روھ؛
تنھنجي پُڄان توھ، نا ته ناھم حال ھلڻ جو.
26
ڪاف ڪشالا ڪيترا، آھن جال جبل؛
لھ ڪميڻِيءَ ڪل، ٻاروچا ٻاجھ ڪري.
27
ڪاف ڪشالا ڪيترا، دقت اَئُون تصديع؛
اَچي پَھچج پِي، مون ھن نماڻيءَ تي.
28
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن ڪين ڪيام؛
سلھاڙي ساٿ سان، کڻي ھوت ويام؛
ووڙڻ وڻ پيام، قسمت سانگي ڪيچ جا.
29
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ مٿاھون؛
ڇوريءَ کي ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاھون؟
توکي ڪري سپرين، دردمند دانھون؛
تون اچج آڳاھون، نا ته ٿي دوست دم ڏيان!
30
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جِتِ جانارن جايون؛
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بلايون؛
مانديءَ کي مارڻ لءِ، نڪتيون نِنايون؛
مون سِر تي سھايون، سڀ آريءَ سندي عشق ۾.
31
ڪاف ڪشالا ڪيترا، بَر وڏا بئبان؛
لانگھا ھِڪُ لَڪَن جا، ٻيا ڪوھن ۾ ڪُھدان؛
اڳيان ڏينَم ڪينڪي، ھلڻ ھي حيوان؛
آءُ آرياڻي اَڳوان، ٿرُ مون نه ٿيلھيو ٿئي.
32
ڪشالي مؤن ڪمُ، ٿوري ڏينھن مؤن ٿئي؛
سوز گداز ۽ غم، رھبر ٿيندو راھ ۾.
33
قدر منجھ ڪشال، مون تان لڌو جيڏيون؛
وڌي وِٿ وصال، يڪسان يڪايڪ کَـئُون.
34
موٽي آيس ماٺ ۾، تان ڪيو شوق شڪار؛
ھَي ھن نماڻيءَ کي، ووڙڻ ٿيو وڻڪار؛
طلب سين تڪرار، ڪشالي مؤن ڪم ٿيو.

ڪافي 1
پارؤن تان پِريَنِ، جيڏيون، اچن اُھي اولانڀا.

تيلھان ترسين تار ۾، جيلھان محبت ناھي من.
ڪيئن چانگار چِڙن جي، ڪوڙي پيڙءِ ڪن؟
سڪ سچي جن ساھ کي، سي تارؤن نا ترسن.
ڪين اسان کَـئُون اَنھنجون، ڳالھيون ٿيون وسرن.
آءُ اسانجي پار ڏي، ٻيون تان ڏيئي ٻَن.
عشق ”سچو“ جن آھيئي، سي تان روءِ رَسَن.

ڪافي 2
ڪاڪيون مون ڏي ڪالھ، دلبر لکيا دلاسا!

اِيندا اَڱڻ سي تانھنجي، جَن لءِ سِڪينءَ ٿي سال.
ھاريون! ھجر فراق جو، واريو ورق وصال.
سَرھو ٿيڙو ساھُ مون، لاٿؤن ڪُل ڪَشال.
ڪَرم ڪيائون پانھنجو، مُنھنجي ني ڇاھي مجال.
تِرُ نه ماندو تون ٿِئين، لَھندءِ ”سَچو“ سنڀال.

ڪافي 3
ديواني ھِن دل ڪَيَوَ، ڪو دوست دلاسو ڏيو!

تو ٻاجھَون سانول سائين، چئو ڪير ڪو پُڇندو ٻيو؟
توھون الاجي ڪيئن سائين، سو واعدو وسري ويو؟
گُھرجي سعيو تَنھن جو گھڻو، جو پيش اوھان جي پيو.
ڪنھن کي ڏيان ھِيءَ دانھڙي، ھَي بِرھ بيراڳي ڪيو.
ھَي ھَي نِي ھھڙو حالڙو، اَي يار تان تو ريءَ ٿيو.
ھِيءُ ساھ منھنجي سَرير مؤن، ھَي تان تنھنجي نازن نِيو.
نِجھري نِماڻيءَ جي اَچي، ھڪ ڏينھن پاءِ لالن لِيو.
ڪيو ڪالھ ھادي قول تو، مِڙني اڳيان مون سان اِھو.
ھوندس ”سچو“ توساڻ آءٌ، تو پِيرُ ’عبدالحق‘ چيو.

ڪافي 4
عشق اَکين نيئي لايو، مَستانن سان!

سِر مٿي مون سَرتيون، وِرھي مينھن وسايو.
البت وينديس اوڏنھن، پَلُ پاڙيچون نه پايو.
آءٌ ڪيئن ويھان ماٺ ڪري، سورن ھت سِجھايو.
جا سيبايَوَ سَرتيون، ڳالھ اُھائي ڳايو.
حاصل آہ حبيب جو، ”سچوءَ“ تي سڀ سايو.

ڪافي 5
مون کي مِھڻا ڏئي، مَرُ ڪا پارؤن پِرينءَ جي!

ھيءَ تا حبيبن ري، پيالا زھر ٿِي پئي.
ڏوڙو ڏک مون پرائيو، ھَي دوست جي وئي.
روز پرينءَ جي پار ڏي، مون کي نينھن ٿو نئي.
سارو ئي ڪم ”سچو“ ٿيو، پُٺيءَ دوست جي پئي.

ڪافي 6
پائي ڏوھ پنھنجي اندر ۾، آءٌ دوست تو در آئيان!

راتو ڏينھان پنھنجي روح ۾، تنھنجا سوين ڳڻ ڳائيان.
ڏٺ ڏوراپو ٻُڌي، آءٌ پلؤ توکي پائيان.
زاريون ضعيفيءَ مؤن ڪري، پرين توکي پرچايان.
جا تو پڻي پيزار جي، سا کھ لِڱن کي لائيان.
سڀ ڳالھ پنھنجي سِرَ جي، توکي ”سچو“ سمجھائيان.

ڪافي 7
وڃي شال ڏسان، پنھون، تنھنجو ڪيچ واليءَ وسايو!

اَديون اوٺارن کي، آيل، رتيءَ منجھ رسان.
ڪاڪيون ڪوھيارل کي، آيل، پُڄِي شال پسان.
وندر جي واٽن تي، آيل، گوڏن ڀر گسان.
ھاريون ھوتياڻن جي، آيل، ويڙھي منجھ وسان.
وڃي ڪيچ وڻن ۾، آيل، ھوتن ساڻ ھسان.
”سچو“ سپرين سان، آيل، ڪنديس چاھ چَسان.

ڪافي 8
ٿيون ورڻ جون وايون، يار سانگيڙي جون!

ھٿ پانڌيءَ جي، پارؤن پرينءَ جي، اھي سي خبران آيون.
ڪُونجان ھزارين ڪيچ وڻن ڏھون، اسان ڏي يار اُڏايون.
اڱڻ اُھوئي اسان پرين جو، شل جدا نه ھونديون جايون.
ڪيئي ڪتابتان پنھنجي اَچڻ جون، مون ڏي سي ھوت ھلايون.
ناھن ڳالھيون ھي ڳَرھَڻ جھڙيون، ”سچو“ ري سوز سَلايون.

ڪافي 9
ھاڻي ڪنھن سان ڳَرھيان ڳالھ، ھاريون پنھنجي حال جي!

پرين نيندا پاڻ سان، ڀينر، پنھنجي ڀال.
ڪرڻ عرض عجيب کي، منھنجي ڇاھي مجال.
ڪندي پورھيو ڪيچ ۾، جي نين نماڻي نال.

ڪافي 10
منھنجي ساھ سڄڻ کي ساريو،
مون کي ڳالھ تنھين جي ڳاريو،
ھوءِ ھوءِ ھوءِ!

اَديون آرياڻن جي، وڃي توڏن تونگِ تنواريو.
مون من گڏي گوندرين، ڪيچي ڪيچ قراريو.
ھِھڙن ھوتاڻن کي، وريتيون نه وساريو.
جيءُ سَچوءَ جو سرتيون، سندن عشق اُجاريو.

ڪافي 11
ڇَپَر تان نه ڇڏيندين، ڀلوڙي، پنھل يار!

پاڻ سڃاڻي پانھنجو، گولي ساڻ گڏيندين.
اڱڻ آسروند جي، آرياڻي تو ايندين.
اھو اٿم آسرو، نال نماڻي نِيندين.
پکا پکن سامھون، اوري شال اَڏيندين.
سڪ ۽ سور ”سچوءَ“ کي، بلوچا، بخشيندين.

ڪافي 12
گھوريو ھي ته ڀنڀور، مون سڱ ٻاروچن سان!

مَرَڪُ تان معذورِ کي، سندو ھوتن ھور.
راتيان رئان وڏ ڦڙا، ڏينھن سارو ئي ڏور.
آھي آرياڻيءَ جو، ديوانيءَ کي دور.
سچو ڳالھ اُنھيءَ جي، شوق مچايو شور.

ڪافي 13
ديس اسان جڙي آيو،
ٻڙيون، ٻاروچو؛
مولىٰ سو آڻ ملايو!

اَچڻ ٻاروچي جي ڪل نه آن کي، تيلھان ٿيون ورھ وسايو.
ويڙھي اوھانجي وسي ٻاروچو، پري ڇو پنڌ پڇايو؟
اڱڻ اوھان جي آھي سدائين، گھوري تان پاڻ گھمايو.
آءٌ نماڻي عيبَن ھاڻِي، پاڻ پرينءَ پرچايو.
پنڌُ ويٺي يار ”سچوءَ“ جو، ڪيو سو ھوتَ سَجايو.

ڪافي 14
اَچن ٿا پرين اَچن ٿا،
سل ڪي ساٿي، اَچن ٿا؟

طرف اسان جي ھين تياري، پَھَ اڃا ڪي پَچن ٿا؟
اديون آتش عشق جا، من ۾ مچ مچن ٿا.
پَسڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، نينھن وارا ھِت نَچَن ٿا.
”سچو“ سُورھيه ڪيترا، رنگ انھيءَ ۾ رچن ٿا.

ڪافي 15
اھا ڳالھ سڄڻ تنھنجي، ڪنھن سان آءٌ تان ڪريان؟

اوھان ٻاجھون سپرين، ويٺي ھِت ڏکڙا ڏريان.
ھي سِرُ سارو ساھ سان، آڏو تنھنجي دوست ڌريان.
وِرھَ اوھان جي ھت وساريا، پاڄاڻن کي پنڌڙا پَريان.
دوست اوھان ريءَ ديس اُنھيءَ ۾، سورن جا ٿي سڏڪا ڀريان.
”سچو“ چوي سپرين، تنھنجي صورت ريءَ ويٺي سور تريان.

ڪافي 16
منھنجو ھوت پنھونءَ سان، نينھڙو لڳو!

پَرو پِيڙم پاڻ مون، ڀينر ڙي منھنجو ڀول ڀڳو.
ٻيائيءَ جو بند پيو، ڪاڪِيون ٽوڙيو عشقَ ٽڳو.
مون کي اوڏنھن آئيو، سرتيون سندو وِرھ وڳو.
پرين ”سچو“ آھي پاڻ سان، جيئن سُئيءَ منجھ سَڳو.
داستان نائون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان اٺون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان نائون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: