Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون   Fri Nov 16, 2012 10:22 am


داستان ڏهون
1
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، مان ٿي اَڱڻ نھاريان؛
ساريو سُپرين کي، ھنجون آءٌ ھاريان؛
گوندر گذاريان، ھَي ھَي سارا ڏينھڙا.
2
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، پوءِ ٿي اڱڻ نِھاريام؛
ڪين لھان ڪاٿئين، وڏيءَ ويل ويام؛
وڃي ٿاڪ ٿيام، ڪاڪيو ڪيچ وڻن ۾.
3
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، تَنگ اُٺن تاڻي؛
ھوتن ريءَ ھاڻي، اَڱڻ نِھاري نه سگھان.
4
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، اڃا مون وٽاءُ؛
پِرين پڄاڻاءُ، اڱڻ ڏسي نه سگھان.
5
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، جات اَولِي جَتَ؛
ھَي ھَي ھڻان ھٿ، اڱڻ ڏسي نه سگھان.
6
ڪيچيڙا ڪالھ ويا، تون ٿي اڱڻ نھارين؛
ٻَڙي ٻاروچن لءِ، رت ھنجون ھاريين؛
ساريون سنڀاريين، ٻاروچاڻي جاتِ کي.
7
ويَئي ڪيچيڙا ڪالھ، تون اَڄ ٿي پيرَ نھارئين؛
ھو لنگھي لَڪَ سنوان ٿيا، تو ھِتِ ھھڙا حال؛
ڪندئِي سارَ سنڀالَ، وڃي ڪيچ وڻن ۾.
8
ڪري ڏمرُ ڏير، اُٿي آڌيءَ رات ويا؛
تون کڻي وقت صبوح جي، پيراڍُنِ جان پير؛
ھو ڍُڪيو ساٿُ سوير، وڃي ڪيچَ وڻن ۾.
9
جان جان ٿِيَڙسِ جاڳ، تان ساٿَ سَويلو لَڏيو؛
اَرتو اوتي اَکيون، موٽيون ڏسِي ماڳ؛
وَرُ وَرائي واڳَ، مانَ نماڻيءَ جي نِجھُري !
10
اَڱڻ ساڳِي اوءِ، پَر ڪيچن کي ڪاٿـئُون لھان؟
ڏيئي ڦَٽ فِراق جا، پورھيتَ ڇڏيون پوءِ؛
ھاڻي راھُن مٿي روءِ، سڏُ ڪريندي ساٿ کي.
11
وڃي ڪيچَ وڻن ۾، مَنَ ڪَرن نماڻي ياد؛
اَندھُون آزاد، ڪندا ڪميڻيءَ.
12
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ياد ڪرن مون مانَ؛
انھيءَ ۾ ارمان، ساھ وڃي ٿو سرتيون.
13
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پڇن پورھيت؛
ته ھُئي نماڻي ھِتِ، پاڻيءَ ڍوئي پانھنجي.
14
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پورھياتِ پُڇن؛
اِئين پاڻ چون، ته ويچاري ويجھي ڪريو.
15
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ڪنھن ساعت سنڀارين؛
مانَ وري نِھارين، ڀينر شھر ڀنڀور ڏي.
16
وڃي ڪيچ وڻن ۾، پُڻُ ٿيندي پورھيتِ؛
جَتُ منھنجو جِتِ، آءٌ اُت گولي ٿي گذاريان.
17
ڪري پورھيائِت پانھنجي، مانَ وٺي نانءُ سڏين؛
گولِنِ گڏُ گَڏين، ڪَنِ پاڻِيءَ ڍوئِي پانھنجي.
18
پورھيت ڄام پنھونءَ جي، اَصَلَ کَؤن آئين؛
تون گولِن سندي گولڙي، ھو سندءِ ٿيا سائين؛
ڪاپو ڪمائين، ڪُلو ساري ڪيچ جو.
19
پورھيات پنھونءَ جي، ھيءَ اصل لاڪون آھِ؛
ٿِي ڪاپائِتِ ڪيچ ۾، ويندي لالن لاءِ؛
ساھ نه اَچن ساءِ، ھي ماڻھو شھر ڀنڀور جا.
20
ھيءَ پورھيائِتِ پنھونءَ جي، اَصلَ کَؤن آھي؛
سَڱ نه ڪا ساھي، ٻَڙيون ٻاروچَن سين !
21
چوٽِ چڙھي چانگارَ، ڪندي ڪيچيڙن کي؛
پوندي ڪَن قريب جي، گوليءَ جِي گفتار؛
ٻاروچا ٻيھارَ، ڪندا ڀيرو شھر ڀنڀور ۾.
22
ڪوھِ چڙھي ڪوھيارلَ کي، ڪا جا ڪُوڪ ڪيام؛
ڳوڙھا جي ڳَلَن تَؤن، ڳَڙَن جيئن ڳاريام؛
اِھي سڏڙا، ”سچيڏنو“ چوي، ٻاروچَل ٻُڌام؛
گوندَرَ غَمَ ويام، جڏھن ٿيس ھيڪاندي ھوت سان!

ڪافي 1
آءُ ڪانگا ڪا ڪر، ڙي، مون سان ھَر ھَر پيو ڪر، ڙي،
مِٺِي ڳالھ پرينءَ جي!

ڏاھا ڏٺوءِ ڪِي وڃِي، اُھي پرين ڪھڙيءَ پَرِ، ڙي؟
ڪِي حال پُڇيائون ھِن جو، ڪا ڪندا ويچاريءَ وَر، ڙي؟
مُحبن جي ميلاپ جِي، ڪا ڪندين ڀيڻِي ڀَر، ڙي؟
آءٌ توئِي تؤن صَدقي، ھوئين دوساڻي دَرِ، ڙي.
پِريان سندي پار جِي، سِڪ ”سچوءَ“ کي سَرِ، ڙي.

ڪافي 2
ڪالھ قاصِدَ اوڏاھون آيا : چي، جاني اِيندءِ اَڄ جائِي!

اَسين تان اوڏاھون اَڄ آياسي، ھُئن اَچڻ جا سَعيا،
ڪيچ ھُئِي ھيءَ وائِي.
سِڪين سارين جن کي، وو ميان، واليءَ پوءِ وَرايا،
اَچي ٿيندءِ ڏُکَ ڀائي.
ڏينھن گھڻا تو ھوت پنھونءَ ري، وِرھِي مينھن وسايا،
آئي اُڏاھون واڌائِي.
اِجھي اِيندءِ سپرين، وو ميان، ڏينھن گھڻا جَن لايَا،
ڪَلَ نه پوندءِ ڪائِي.
”سچو“ سِڪندي سال ٿيا، وو ميان، ڏکيا مون ڏينھن لَنگھايا،
$وڃي ھِي عُمر اجائِي.

ڪافي 3
ڙي ساٿيو، منھنجي يار جِي، ڪا ڳالھ اَچِي مون سان ڪيو!

آھي آرامِي ڪِي يار اسانجو، ٻُڌي سا ووءِ ووءِ وَريوَ؟
جي ھيڪَندَ ٿِيان ھوت سان، تا ڪاج سڀو مون سَريوَ!
ٻيھَرَ مون سان ڪيچ ڏي، ڪي وکان ٻه ٽي ڇونه ڀَريوَ!
ڏوٺ ڏوراپو يار سڄڻ تي، مَتان ڪو پانڌِيَو ڌَريوَ.
سوز ”سچوءَ“ جو سَڱ سُڻڻ سان، ڳوڙھا سو ڳاري ڳريوَ.

ڪافي 4
وڃي پَکا پُڇائيج، تون ساٿِي ڙي، سڄڻ يار جا!

ھِي تان حال حَقيرِ جو، وڃي سارو سُڻائيج.
ھِي نياپو نينھن جو، وڃي پانڌي پَھُچائيج.
پاند ڳچيءَ ۾ يار کي، پارؤن مون پائيج.
بِھَر ٻاروچا وري، وو، اَچي وِرِھ وسائيج.
”سچوءَ“ ڏي کنئُون سُپرينءَ، ڪِي چڱو چوائيج.

ڪافي 5
مون کي نيڻ ٿا نِيَنِ، ھَر ھَر حبيب ڏي!

دل جوش ۾ خروش، اکيون روز رت رُئن.
شُڪر آھ خداءِ جو، دِيدان ديدار ڪَرَن.
پارؤن يار لَک ھزار، مون کي مِھَڻا ڏيَن.
سِرَ تي ”سچوءَ“ سڀ سَھايا، ڀينر ڀَلِي چَون.

ڪافي 6
رھبَر اِئين چَون، اَڄ اڱڻ تنھنجي اِيندا!

تُون ڪيئن وسارين تَن کي، جي تو گھڻو پُڇَن.
در تنھنجي دوست اُھي ئي، اڄ ٿا اِجھي اَچَن.
پَکا پانورَ کَڻِي ڪري، اوڏا تنھنجي اَڏن.
”سچو“ سندي حال جِي، ساري خبر لَھَن.

ڪافي 7
دارون ٻيو نه ڏئين، آھي طبيبُ عشق منھنجو!

دٻليون دارونءَ سنديون، موٽي نال ڇو نِئَين؟
ڳالھ اِھائي عاشقن جِي، ھيءَ لاءِ سان ھِنئَين.
اوڏنھُن اولانڀو آئِيوَ، ڇو ويڄَ ڏي وئَين؟
رَک ”سچو“ ڙي سوز سيني ۾، تان تون ’سچو‘ ٿئين.

ڪافي 8
ياد اھي مون کي آيُون، ڪيئي ڳجھيون جي ڳالھڙيون!

اَوھان جي به اَچڻ جون، ٿيون وري ھِت وايون.
درد منديءَ جي دل کي دلبر، ورھُ وڃين ڪيئن لايون؟
نانءُ سائينءَ جي سھڻا سائين، چِتُ نه وڃ مون تان چايون.
آءُ ته ڏينھڙا گڏ گُذاريون، ھِت ويٺا ورھُ وسايون‏‏.
ڏ‏‏‏وھَن ”سچوءَ“ جي ڏي نه ڏسو‏، جو ھِت ٿا سَندوَ سڏايون.

ڪافي 9
دوستَ کي دانھون سُڻي، مَنَ مِھَر ڪا مون ڏنھُن پوي!

درد مندن جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکِيڻو لَوي.
پيغامَ پرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويھو چَوي.
عاشق آھي اُڪنڊيو گھڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.
سِرَ ڀَرِ اسين ايڏانھن اَچون، يا ڪي اوري ايندءُ اوھي؟
”سچو“ سَدا سِڪَ سوز کؤن، پيو ماڻُ محبت جو مَوي.

ڪافي 10
مُحبن مُڪَا مون ڏي وري، اڄ ڏوٺ ڏوراپا ڏِئي!

سُڻي سَنِيھا يارَ جا، ٻولي ٻَڌيُم ٻانھون ٻئِي.
دل ديري ڏي دوست جي، وھندو اِنھيءَ ويلي وئِي.
مون کي وساريو ڪيئن اَٿئي، مون پرت توسان پئِي.
تنھنجي اسان جي وچَؤن، ڏس ڏينھن ويا گذري ڪَئي.
مون تان ڪيون تو ساڻ جي، سانڀج ”سچو“ ڳالھيون سَئِي.

ڪافي 11
اَڄُ اَڱڻِ اِجھي آيَم، پَرديسي گڏيم، ميان!

پيھِي پکي آئيا، لنؤ جنِين سان لايَم.
ڪوڙين قاصد ڪيترا، ھوتن پار ھَلايَم.
پُڇِيم جَن لءِ پَنڌڙا، سي واليءَ پوءِ ورايَم.
اُنھن ڪارڻ سرتيون، سِرَ تي سورَ سھايَم.
سيئِي ”سچو“ آئيا، جَن لءِ ڪانگَ اُڏايَم.

ڪافي 12
ناھي ڏوراپو ڪو ڏيڻ اوھان کي، يار تو سان مُنھنجي زاري!

روز اَزل کؤن چاڙھيئِي اسان تي، بارُ برھ جو باري.
جاٿي ڪاٿي صاحَب ساريان، يارَ اوھان جي ياري.
راتو ڏينھان ڳالھ اَوھان جِي، ٻِي وائِي مون ته وساري.
درد منديءَ سان، ڪنھن ڏينھن دلبر، ڪر ڪا وروھَن واري.
حال اَحوالَ جِي آھي اَوھان کي، سُڌ ”سچوءَ“ جي ساري.

ڪافي 13
آءٌ تنھنجي، سارو عالم ڄاڻي، يار چڱي تو تان لائِي، وو!

گھوريو پرين پرديس اوھان تؤن، ڪَر اَچڻ جِي وائِي، وو.
اَندر اَسان جي يار سڄڻ وي، سَندِيَوَ سِڪ سَمائِي، وو.
طرف اسان جي شالَ اوھان جِي، ٿئي ورڻ جي وائِي، وو.
مِھڻا ڏئي ٿو لوڪ مِڙيوئِي، دوست تو تَئُون دل چائِي، وو.
شالَ ”سچوءَ“ جِي يار پيارا، لھين تان سُڌ سڀائِي، وو.

ڪافي 14
آءٌ ٻانھِي تُون سائين، وي،
پاتم پاندُ ڳِچيءَ ۾ ڪپڙو!

طرفَؤن تنھنجي يار پيارل، ڪانگ اَچن مَن ڪَائِين، وو.
نانؤ مولا جي مھرَ پَوَئي ڪا، ٿورا مون تي لائِين، وو.
روز ازل کَنئُون تنھنجڙي آھيان، غير نه مون کي ڀائِين، وو.
ھڪڙي ساعت اڱڻ ”سچوءَ“ جي، پير مُبارڪ پائِين، وو.

ڪافي 15
اُھي اڱڻ منھنجي آيا، وو، جَن ڪاڻ سي پِيرَ پُڇايَم ٿي!

پَکي اَسان جي پيھِي آيا، ڏينھن گھڻا جن لايا، وو
جن ڪاڻ سي پوٿيون پَٽايم ٿي.
جن لءِ روز نھاريم راھان، مولا سي محب ملايا، وو
جن ڪاڻ سي ساٿِي سَنڀايم ٿي.
ھِنَ غريب کي گڏ نِيَڻ جا، ڪيا سي سڄڻ سَعيا، وو
جن ڪاڻ سي ڪانگ اُڏايم ٿي.
ڏينھن فِراقِي لَنگھيا اسان تؤن، روئندا دوست کِلايا، وو
جن ڪاڻ سي ڏکڙا لنگھايم ٿي.
رھيا آھن روح منھنجي تي، فائِقَ جا فرمايا، وو
جن عشق جا سبق پَڙھايم ٿي.
دل ”سچيڏني“ جي تي اَصلؤن، ھاديءَ حُڪَم ھَلايا، وو
جن ڪاڻ سي وِرھ وسايم ٿي.

ڪافي 16
ڪڏھن اَلاجي ايندين، پيھي پُڇڻ پنھون يارَ!

پاڻ پنھنجو پاڻِھي، ساڻ غريب گڏيندين.
پَکا پَکن سامُھان، اوري شالَ اَڏيندين.
اِھو اَٿم آسرو، ڇَپَر تان نه ڇَڏيندين.
سگ پانھنجي در جو، ”سچو“ نانؤ سڏيندين.

ڪافي 17
اِھي ڏوراپا ڏيئي، موٽِي مُڪا يارَ مون ڏي!

ھوءَ جا ڳالھڙي ڪالھ ڪئي سون، ڪِيئن وسري تو ويئِي.
اَسان ٻاجھون، سُڻ ڙي سائين، ڏينھن گذاريَوَ ڪيئِي؟
ڪھڙن ڳالھين ۾ تون تان آھين، پِرت منھنجي تو سان پيئِي.
چَئِي مُنجين ٿو ھَٿِ پانڌن جي، ته حال اسان ھِتِ ھيئِي.
ڏوھَ گَناھ، وُو، تنھنجا بَخشا، ”سچو“ ڙي، يارَ سَڀيئِي.

ڪافي 18
مون کي مُرڪڻ سان تون، ڪِيئن ماري وئين!

ڪَيئِي پُڄندي پانھنجي، موٽِي ڏوراپو ٿو مون کي ڏِئين.
آءٌ اِيلازڻ دوستَ توئِي کي، يارَ وڃي اِتي يا ڪِي ٿِئين.
آءٌ مُئِيءَ تا گھوري جانِي، سدائين سو تون تان جِئين!
ڪھڙيين ڳالھيين يار سڄڻ وي، ھِيءَ نماڻِي نال نه نِئين.
آھي ”سچو“ جئن يار توئِي سان، ھُج تنھن سان تون ڀي تِئين.

ڪافي 19
آءُ وري تون تان ويھُ، سڄڻ،
آءٌ تان تنھنجِڙي آھيان!

آھون عاشقن جو سُڻي، ڇَڏِ پرين تون پَرڏيھُ.
پَکَن ٻاٻاڻن ۾، آءُ پِرين تون پيھُ.
اصل لاڪون آھي، ھِيءُ ڏاھا تنھنجو ڏيھُ.
”سچو“ چوي سُپرين، آءُ سارءِ ساڻيھُ.

ڪافي 20
گھوري جانيءَ ري جُدائِي،
گڏُ گھاريون، ھوءِ ھوءِ ھوءِ!

معلوم توکي پرين، سائين سا ڳالھ سڀائِي.
شالَ ڪَنن سان نه سُڻان، تنھنجي وڃڻ جي وائِي!
تو سان ڇِنڻ ڪارڻ تان، يار نه مون لَڙھ لائي.
ٻَن وڇوڙي جي شاھِي دلبَر، وَر سان گڏ گدائِي.
ساڻ ”سچوءَ“ ھو ميان سُپرين، سائين تون گڏ سدا ئِي.

ڪافي 21
اھي ٻڙيون، ٻاروچا، اَڄ اڱڻ مُنھنجي ايندا!

ھيءَ شريڪت ڪا ڪندي، اَڙي سرتيون، سائن ساڻ،
ناھيان ثانياڻِي تن جِي، جا پُرجھي ڏٺُم پاڻ،
ٻانھِي ڪري پانھنجِي، اُھي صاحب سڏيندا.

اُٿي ويٺي تانھنجيون، ھن واتيون ورونھان،
ڏين سَڀيئي سرتيون، مون کي لکين ٿيون لوھان،
اِھو اَٿم آسرو، گولِي گڏ ڀِي گڏيندا.

کِينَ جون مون کي خبران، آڻي پانڌيءَ پھچايون،
ھيون ھوتن سنديون، ھيڏي ورَڻَ جون وايون،
”سچو“ جن جو آھين، سي ڇَن نه ڇڏيندا.

ڪافي 22
وڃي ڪا مِنت ڪري،
منھنجي يار کي، وو!

ھو سدائين سان مُون، پرين نه وڃو پَري.
حال نماڻيءَ جو ڏسي، وري سو پوءِ وَري.
وٺي ڪا دامن دوستَ جي، اکيون تان آب ڀَري.
ساريو توکي سُپرين، ھِت مَريضِ مَري.
رُسڻ نه تن سان، جن ريءَ ”سچو“ نه ساھ سَري.

ڪافي 23
لَٿِي ھَلاڪِي ھاڻِي، دوست وسي مُنھنجي ويڙھي!

ڪوٺي ڪَيَو پانھنجي، پرين پاڻَؤن ڄاڻِي.
ناحق اوتيم ھوت ريءَ، پِنبڙين مان پاڻِي.
سي ئِي آيا ھُيَسِ جنين لاءِ، جيڏيون ڙي، جوڳياڻِي.
وٺي ويھاريَئون ويجھڙو، ”سچو“ سو سڱَ سُڃاڻِي.
داستان يارهون

Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: