Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 سچل جو سنڌي ڪلام - نوري

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - نوري   Fri Nov 16, 2012 10:27 am


داستان پھريون
1
تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛
گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي.
2
تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.
3
آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.
4
ڪلسا ڪلوري، ڪِنَ ڪالورا ڪينجھرين؛
پيھي وڃي پَن ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري؛
روز تنِي، کي راوَ ڏنھن، ٿيا چانور آئون چُوري؛
جي ھيون اڌوٻَنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري؛
ھيٺ مَٿي تَن ٿي، ڍڪيون سالان سموري؛
واسِيا وتَن ويسَ ۾، ھُيَن کُھنبي کَٿُوري؛
ڇڇِيءَ کِکِيءَتارِ جي، سي اَپَر عَطوري؛
ٿِي مُلڪين مشھوري، سَمي جي سُھاڳ جِي.
5
پيرَ آئون مُنھن نِيرا، پاڻيءَ پوندا جَنِ ھئا؛
سي اڄ ٻَڌيو وتن سِرَ تي، چاھ منجھؤن چِيرا؛
ماڻِڪَ موتي مُنھَن تي ھٿ تَنھين ھيرا؛
ڪاتَ سڀئِي ڪِيرا، سُگھَڙ سَمي ڄامَ جا.
6
وَھين وَھلَ لَپيُون، ٿي پيٽَ پاريا تنِ جا؛
ڏنيون ڏُٿ ڏُپَ جون، ٿي جھَٻيرن جھپيوُن؛
کِکيءَ خاطِر ڌَٻيريون، ڌُٻَن منجھ ڌپيُون؛
جي کائِن پَٻڻِ پَپيون، سي چُوريءَ تي چَريون ٿيون.
7
جي جھاڳيون وتَن جھاڳَ، ميئون ڪارڻِ قوتِ جي؛
سي اعليٰ درجي آنديون، سَمي جي سُھاڳَ؛
مَنڇر مَھا وچ ۾، ڪَن رنگيليون راڳَ؛
ھُئا حال جنين جا ھھِڙا، تَن تي ڀلي ڪيا ڀاڳ؛
ڪينجھُر ٻن ڪنڌين جي، ٿي ھٿ اُنھن جي واڳَ؛
ھِيرا ۽ ياقوت ٻيا، اَڄ اُنھن وٽ اَجھاڳَ؛
ٻيا ڀِي لَکين لاڳَ، تنھن ڏُليُن کي ڏيئي ڇڏيا.
8
بيحد ڀڳوڙيون، ھُين ڊولِ نه ڪنھن ڊونڊيون؛
ناپي ڏُٿ آئون ڏُپَ جون، ڪن خرارين کوڙيون؛
ٻُوريءَ ڦرھا ڦَريون، اچن ملاحيون موڙيون؛
جوڙيون سڀ جوڙيون، ڄامَ تماچيءَ تن جون.
9
ڊولِ نه ڪنھن ڊونڊيون، پَر ھُيون سَمي جي سھاڳَ تي؛
ڪينجھر سنديءَ ڪنڌئين، ڪَنَ ٽوريون آئون ٽونڊيون؛
چِڪَ جيھون چونڊيون، ٿو ڄام وھاري وَٽِ ۾.
10
ھُيون لَڱين ليڙيون، مُنھن نه موچاريون؛
سي ٿو ڄام وھاري وَٽِ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون؛
ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏئي، ٻَھڳڻ تَن ٻيڙيون؛
وٺن ماڻِڪ موتئين، تنھن کؤن جھَٻيون ۽ جھيڙيون؛
توڙي اِھڙيون اَويڙيون، ته ڀي سَمي ڄام سُھائِيون.
11
جَن ٿي پالِيا پيٽَ، ڪُمنَ ڪالورَن سان؛
سي ٿا تيل ڦليلَ سان، ٿيون مَلائِن ميٽَ؛
ڄام جواھِر جي ڪري، ٿو اُنھن پارِ اُميٽ؛
ڪَئي لاکِيڻي ليٽَ، سَمي مير مُھاڻن ڏي.
12
ھئا وڏا جَن تي ويلَ، ٿي قوت مِليُن ڪين ڪِي؛
خاصين سي خوراڪن تي، تان ڪَن مُھاڻيون ميلَ؛
مِڙي جُھڙي پاڻ ۾، ڪن سيلابين سيلَ؛
پوءِ لاٿا ڄام لُطف سان، زبونِن تَؤن ذيلَ؛
تن سي تيل ڦُليلَ، اڄ عطر گاڏڻَ اوتيا.
13
جَنھين اَڌوٻَنڌِ، ھُئي عُمر سَڀائِي اِھڙي؛
سي سَمي جي سُھاڳ تي، آيون ڏاڍي اَنڌِ؛
تنين جي طولان جيون، پيون ھاڪان ھنڌو ھنڌِ؛
ڏُلِيون ڏوليين چَڙھيون، پيرين پَوَن نه پنڌِ؛
سَڀ اَندامين سَنڌِ، جَڙيون جواھِر ۾.
14
چولِيون جَن چِڪِ ھُيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو؛
جُتيون جَڙائو، پايون وتَن پيرَ ۾.
15
نوريءَ نادرڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛
تنھن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنھن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛
وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏھاڙي اُن کي.
16
ھون مَڪَ ھِڪَ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛
تنھن برابر نه ڏيان، توڙي ڏين جال جَوھارُ؛
جو پلءِ پِيڙو ھھڙو، مھاڻِيءَ مَڻيارُ؛
تنھن مَرُ ڪينجھرَ ڀَرِ قَرارُ، جنھن ڄارو ڄام ڪُلھي کنيو.
17
تارازيءَ جِي توري، مَڪ موتِنِ تي نه ڏيان؛
ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري نه ٿوري؛
گھوري آءٌ گھوري، جو ڄارو ڄام ڪُلھي کنيو.
18
مَڪَ برابر نه ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻُ؛
سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنھن ڄارو ڄام ڪُلھي ڪيو.

داستان ٻيو
1
مَٿي جَن مُوڙا، ھئا ڄارين گندئين گودڙئين؛
بئنسر بئينان زر جا، تن جھاٻا اَئون جُھوڙا؛
جَن ٻانھين ڪُلھين ڪِين ھو، تَن چُوڻِ تائين چوڙا؛
سمي جي سھاڳ سان، تن ننگن نپوڙا؛
ڪوڙيون ۽ ڪؤڙا، سچا سمي سڀ ڪيا.
2
رنگ ڪاري روُيون، ھيون مڙني مَلاحَن جِيون؛
سي کنيون کارَن ۾ اَچن، دَرا ۽ دُويون؛
جِت بيحد بدبُويون، اُت الله عطر اوتيا.
3
ھڪ دَرا ٻي دُوءِ، پيون گوجان مارنِ گانگَٽيون؛
تَن مون کِکيءَ جِي اَچي، برابر بدبوءِ؛
اچي مُشڪ عطر جي، اَڄ منجھانئن خوشبوءِ؛
رنگ سوني جِيءَ رُوءِ، صورت انھين سُوھڻي.
4
منھن مِٽيءَ ميريون ھيون، بيھوديون بڇڙيُون؛
گھِڻ گھِڻ نورِيءَ گھِنگِرو، ڇِم ڇِم ٿيون ڇيريُون؛
سمي پاڻ سھاڳ ڏئِي، ھِي جي ھُنَ ھيريون؛
لوھاڻِيون لوريون، پارسَ لڳي سون ٿيون.
5
پارس لڳي سون ٿيون، لَوھاڻيون لوريون؛
جَھلَ جھُڳن کي ڪانه ڪا، وَريون ۽ ويريون؛
محلين رَھن ميرَ جي، مُھاڻيون ميريون؛
سمي ڏنا سُھاڳ کي، سَھجَ ۽ سيريون؛
ڪوجھِن مان سھڻيون ٿيون، جھٽ پَٽ جھٻيريون؛
تماچيءَ تيريون، ڪينجھر جون ڪِنيون کڻِي.
6
مُنھن مِٽيءَ ميرا، ھئا بيھودا بڇڙا؛
سمي جي سُھاڳ تي، ٿيا گاندرَ گُنيرا؛
ڏسو ڏھاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛
ساجھُر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان.
7
تَرڪو جَن تَريون، ٻيا ڪونئر ڪُڙھيون ڪَڇ ۾؛
تَن اَڄ لَڙھان لَڙڪن موتئين، ٻيون سنديون سون سريون؛
زيور اَئون پازيب ٻئا، زري بافَ زريون؛
ڪِينجھُر ٻئِي ڀَريون، اُنھن کي انعام ٿيون.
8
جَنين دُوءَ دَرا، ڪَڇين ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون؛
سي مٿي پيرين بَرھنه، ھئا گانَدرَ سَڀُ گَرا؛
اُھي پاھان پاڻ ڀَرا، ٿيا سمي جي سُھاڳ سان.
9
جي ڪونئر ڀَرن ڪُمَ، تن ناتو ناپي سان ھئو؛
تَرِن جا تن تار ۾، ٿي رَوان ڪِيا رُم؛
پوءِ اچي تماچيءَ ڄام جي، پئي در تنين جي ڌُم؛
جي ھئا گوشائت گُم، سي پلءِ لڳي پَڌرا ٿيا.
10
بِھَ ڏوڏا جَن ڏاجُ، قوت جنين ڪُمَ ڪوڻيون؛
انھن جو اَحتياج، ٿو تماچِي ڪيڏو ڪڍي.
11
نه ڪنھن رُوءِ نه رنگ، ھئا بيھودا بُڇڙا؛
اَڄ پڻ انھن جي ٿيا، پيرن ھيٺ پَلنگ؛
مِياڻيون معافي ٿيون، نه اَبوابَ نه اَنگَ؛
پَٽُ اوڍين اَڙٻنگ، سي سَمي جي سُھاڳ تي.
12
پوءِ ڪِيُون لَسَ پَلا، ٿي مُھاڻن ماريا؛
لَکَ ھزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تَن کَلا؛
ڪُڙھِيون جن ڪَنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳَ ڀَلا؛
دمڙي تَن نه دَستَ ۾، ھئا ٺھريَل ڪين ٺَلا؛
اَڄ مَيئن جي گھر مالَ جا، ٿيا ٿَم ٿَلا؛
پَر ھُيڙي اکڙين ۾، ڪا جا مِيَي ڪَلا؛
ڪينجھُر گھُمن لاڏڪِيون، ڪَيون رسَ ڪَلا؛
اَگلا جي سَگلا، سَمي نانوَ سُڃاڻبا.
13
حَريران ۽ حُلا، ڏنا ڄام ته ڄارِنِ وارئين؛
جي ھيون اَڌو ٻنڌن ۾، تَن چوتِيون چُوڪُلا؛
ڪينجَھُر سَنديءَ جاءِ تي، تن بنايا بَنگلا؛
اَگلا جي سگلا، تا سَمي نانو سُڃاڻبا.
14
ڪينجھُر سنديءَ ڪَنڌئين، رھن ڀريون جي ڀَڀُور؛
تن ميئن مٿي آئيا، سالو ۽ سالُورَ؛
چڙھيو سا چَؤڏول، ٿي حُڪم ھلائي حُورَ؛
راتو ڏينھان راءَ جا، ٿيا مَلاحين مَذڪور؛
سي حاضر منجھ حضور، وھن تماچِيءَ ڄامَ جي.
15
تون سَمو سرتاجُ، آءٌ ميئي مُھاڻي آھيان؛
لاٿَئي پنھنجي لُطفَ سان، اسان کؤن اَحتياجُ؛
ڪينجھر سارو تو ڪَيو، مون مييءَ سندو محتاجُ؛
تنھنجو مون ڏنھن راج، مون ڪيھي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
16
لانگوٽيون لاشون، ھيون وَھَ وَھلَ جي وچ ۾؛
سي پلءِ لڳي پوءِ ڄامَ جي، ٿيون خوراڪين خاشيون؛
لَعلَن ياقوتن جون، وَٽن ڪينھن ڪَماشون؛
جن پاسا ھِريل پَنِ تي، تَن فرشين فَراشون؛
تا ڀِي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشون؛
روءِ ھيون راشون، پَر سمي ڄام سُھاڻيون.
17
ھئا خامَ خسِيسَ، ڪينجھُر سنديءَ ڪَنڌئين؛
سي مورائو مَڇيءَ جا، ھَمہ ڪُل حريصَ؛
تڏيون تنؤريون تن کي، پاٿاريون سڀ پِيسَ؛
جڏھن ٿِي تماچيءَ جِي، ميئَن سان مجليسَ؛
سي سون رُپي سرسا ٿيا، لَٿن ھڪ ٻئي جي ھيسَ؛
واتين ڪري ٿو اُن جِي، ھر ھر ڄامُ حديثَ؛
مھرَ آئون شفقت جي، ڏئي اُنھن کي آسِيسَ،
تَن سان ڪير ڪَريندو ريسَ، جي سَمي ڄام سُھاڻيون.
18
جن واتين وَھُ وھَلَ، بانس آئِي ٿي بُڇڙِي؛
تَن ويھاري وَٽِ ۾، ڪيا شاھ شُغل؛
اُھي چڙھيا پالڪئين، آھي سڀُ سَھَلَ؛
جتي جھَٻيرن جھوپڙيون، ٿيا ماڙيون تِتِ مَحَلَ؛
سمو ڄامُ اَنگَلَ، اَچيو اُنھن سان ڪَري.
19
ڇڇِيءَ جي ھُئي ڇَٽَ، ٿي آئِي عام خلقَ کي؛
وَھِ وڃائي وَھَ ۾، ميئي مڃائي نه مَٽ؛
نوري ڄام تماچيءَ سان، کِلي چڙھِي ھُئي کَٽَ؛
سر لاڄو سَرپَٽ، مَلاحِڻَ مشرو ڍڪيا.
20
جنِين ڦاٽوڙيون ھيون، گنديون گودڙيُون؛
تَن ڀيريون بافتن جيُون، جُنگ ڏئِي جوڙيُون؛
اُڇليو اُنھن ڏي وجھي، سون رُپو روڙيُون؛
پانوَ پاسي ميَي جي، قَناتان کوڙيُون؛
گھوڙا ۽ گھوڙيون، ٿو ويٺو ڏيھاڙيون ڏئي.

داستان ٽيون
1
نوريءَ ڪيو نازُ، ٿِي ريجھائي راوَ کي،
نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيواُنھن جو ڪري.
2
تون تماچي ڄامُ، آءٌ ميئِي مُھاڻِي آھيان،
ڏنو تو آرامُ، ڪينجھر ٻِن ڪنڌيُن کي.
3
تنبوءَ جي طَنابَ، اڄ کُتي ڪينجھُر ڪنڌئين؛
ناد وڄن ٿا نادرِي، ٻيا ڀِي رودَ رَبابَ؛
جِتي کِکيءَ کوڙَ ھئا، قيما تِت ڪبابَ؛
وَتن مُھاڻا مستُ ٿيا، ماڇِي بي مھابَ؛
تَن تؤن سڀ حسابَ، مورائِين معاف ٿيا.
4
پَلَئه مون پاتوءِ، تون راجا لَڄَ رَھائيين؛
سَما سُڃاتوءِ، ڪاملَ پنھنجي قُرب کي.
5
ڏُٿُ جَنين ڏوڏا، پَھرڻ پاٻوڙا تَنين؛
پيٺا وَڃن تن جا، گَپَ اندر گوڏا؛
سو پَٽن جي پِينگھُن ۾، تن لالُ ڏئي لوڏا؛
اُھي آڻيون اوڏا، ٿو وير وھاري وَٽ ۾.
6
ڪوجھيون رنگ ڪاريون، منھن نه موچاريون اُھي؛
سي ڪڍيو ڪالورن جِيون، سِر کَڻَن کاريون؛
ڪيئي کڻي اُن جيون، ٿو تماچِي آريون؛
سي اَڄ سالون ڍڪِن سِرَ تي، ڪُلھين ڪِيناريون؛
زور ڇڏي زاريون، ٿو تماچي تَنِ کي ڪري.
7
لاڏڪيون لاڏ لُڏَن، ڪينجھر سنديءَ ڪَنڌئين؛
ڪاريون ٿِيون ڪُڏَن، سَمي جي سُھاڳ تي.
8
ڏُلِيُن کي ڏولئين، ڄامَ تماچيءَ چاڙھيو؛
لَعلان زمردَ تَن ڏئي، ٿو جواھِر جھولئين؛
زريءَ ڪَلاباتَ جا، تَن چِڪَمَ تي چولئين؛
ڇڻڪائي ڇولئين، ھيرا لَکان لَکنئين.
9
ھئا لانگوٽِيا لَول، ڪوجھا ڪنھين نه ڪَم جا؛
تَڏي مَڏي ڪانَ تَن، سي ڪَن جھَروڪين جھُولَ؛
فَرش فُروش اَئون غاليچا، ٿو ڏئي تَنين کي طُولَ؛
مَڏيون مال ڏسي اُھي، غمزا ھڻن غُول؛
قَدرُ تَن کي ڪھڙو، جي آھن اولَجَلُولَ؛
پيا اِھڙي منجھ اَلُولَ، تِن ڄاريون ڄار وساريا.
10
ڪؤنر جَن ڪُڙھيون، ھُيون ھميشہ ھَٿ ۾؛
سي لوڙھن جي لَڙھ لءِ، ٿي لُڙئي منجھ لُڙھيون؛
جھُڳن جھَل نه اُن جي، ڪونتلَن ڪُڙھيور؛
ڪي وَتَن ڇيڪ ڇُڙھيون، ڪي تازي طَويلن ۾.
11
ھُيون لَسَ لانگوٽيون، پاڻِيءَ پوندي جن جيُون؛
تَن مِياڻيون معافِي ٿيون، ٻِي ڇَر سَڀا ڇوٽيُون؛
اُن جون کڻي ڪيتريون، ڄام سَمو ٽوٽيُون؛
جو ميئون ريجھائي راوَ کي، ماڻَن سان موٽيُون؛
کَريون جي کوٽيون، ته ڀِي پيون پلئه ڄامَ جي.
12
ٿي پُڻ ھُوءِ ھُپيون، پورھيو ڪَندي پَن ۾؛
لِيڙَ نه جن لِڱن تي، ٻاھين ڪَنين ٻُٽيون؛
پَلئه لڳِي پوءِ ڄامَ جي، ڇِيھن کانءُ ڇُٽيون؛
اُنھن لانگوٽِنِ لُٽيون، ٿي مُھران لَعلان لاڏَ سين.
13
بيھودا بي آب ھئا، اڳي ڪينجھُرَ ڪنڌئين؛
پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنھن جا جوڙَ جوابَ؛
ٻِيا سَڀ حرفَ حسابَ، مَلاحَن معافِي ٿيا.
14
پيرين اُگھاڙي جي گھُميون، تن لڳيون سَو سُتيون؛
ساڻ جڙاوَ جُتيون، ٿي ڏنيون تماچيءَ تن کي.
15
مُھاڻيءَ مَرڪُ، جان تماچي طُريلُ ٿيو؛
مَٿي مييءَ گلابَ جو، ٿو اوتي پاڻ عرقُ؛
ڪيائين ڪونه فَرقُ، پاڻ گڏيائين گاندرين.
16
جَنِ مَون بُڇڙي باسَ، آئِي ٿي عامَ کي؛
تن سان سَمي ڄامَ جا، ٿيا ايڏائي اِخلاص؛
ٿي عامَ نه ڏٺو جن ڏي، سي ٿيا خاصاً خاصُ؛
عطر عَنبير ڪچور جا، اُھي وَڳين ڏيَن واسَ؛
لَکين ڪن لباسَ، زريءَ آئون زَربافَ جا.
17
تون سمو سُلطان، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تون مون ڏنھُن مِھربانُ، مون ڪيھي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
18
ڪَڍيو ڪالوڙا، ٿي آندئون اَڌوٻَنڌ ۾؛
جن پيرين لِتَر ڪونه ھو، سي ڪن جڙائو جوڙا؛
تن مُھران سون سَمو ڏئي، ٻيا رُپي جا روڙا؛
ڏيھن ۾ ڏوڙا، ٿئا سَمي جي سُھاڳَ سان.
19
ٿِي لانگوٽِين لوڙَ، پِيو ڍويو ساريءَ ڍَنڍَ ۾؛
ناپي ۽ ڏُٿ ڏَپَ جا، آڻيو ڪَنِ اَروڙَ؛
تتي مُشڪَ عطَر ٿيا، ھئا جِتِ کِکيءَ جا کوڙا؛
سي ڪن ڪِينارئين ڪپڙا، ٻيا جواھِرَ جوڙ؛
مَٿي ٻَنديءَ موڙ، گھِڙيو تماچِي تَن ۾.

داستان چوٿون
1
مَڪَ برابر نه ڏيان، توڙي ڀَرين موتئين ماڻِ؛
جو مون ڪميڻيءَ ڪاڻ، ڄارو ڄامَ ڪُلھي کنيو.
2
ڄامَ کنيو ڄارو، مُرڪِي مَلاحن جو؛
تيلھان مَڪَ مٿي موتِن جي، ڏيان ٽِيڻو تُرارو؛
سڀ ڪينجھر ڪنارو، مُھاڻن معافِي ٿيو.
3
موتي مٿي مَڪَ جي، وٺان نه ٻِيڻا؛
ڀِي برابر نه ڪريان، جي ٻيڻا ڪِي ٽِيڻا؛
اَسين تا ھِيڻا، پَر ڄارو ڄام ڪُلھي کنيو.
4
مَڪَ موتين تي نه ڏيان، توڙي ھُئن ڀاتون ڀاتِ،
ڪوجھِي مان ڪَم ذات، پَر ڄارو ڄامَ ڪُلھي کنيو.
5
پَلئي لڳِي آھيان، آھِيان اَياڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ڄرو ڄامَ ڪُلھي کنيو.
6
ھئا ٽولا ڪين ٽوٽَ، پر نادر ڄام نوازيا؛
جَن ناپا لوڙھ ڪَلور ٻيا، ٿي ڦَڪيائون ڦوٽَ؛
سي اڄ کِيا وَتَن خمارَ ۾، اَٺئِي پَھرَ اَلوٽَ؛
ڪِينجھُر ٻِن ڪنڌيُن ۾، ٿيا لانگوٽيا، لَک لوٽَ؛
پينگھن آئون سُک آسڻَين، ڪَن جَھٻيرا جھُوٽَ؛
ھِڪُ ڪُلھين ڪونئر سئيل ڪَن، ٻيا منھن لائِن منھن سُوٽ؛
ڇِڇيءَ ھاڻن ڇوٽَ، ڪيون مَرد مِياڻيون.
7
جن ٿي ڦَڪيا ڦُٽَ، ٿيا ڪُلين قيمَن ھيروان؛
اَڄ تَن دُشالا سِرَ تي، ٻيون شالون ٻنڌَن ٻُٽَ؛
زمرد آئون ياقوت جِي، ٿي لَعلين ھيرين لُٽَ؛
سَمي سڀ معافِي ڪئِي، تَن ساٽِن تان سَٽ ڪُٽَ؛
لَٿا ذِيل اُنھن تَون، ٻي ڪُلِي ٿِين ڇَرَ ڇُٽَ؛
عيبَ ڏسِي عامَن جا، ڪيائين ڪان اُپَٽَ؛
اُنھن ڄامُ اُکُٽَ، موتي ماڻِڪَ ٿو ڏئي.
8
ھيٺ مٿي پوتِي، ماڳين مھاڻِنِ کي؛
پاڻيءَ پوندي تَن ھُئي، چِڪَ جيھِي چوتِي؛
اڄ گاندرِ سِر گلابَ جي، ٻي عطر عنبر اوتِي؛
مُنھن لَڳُس موتِي، تان جھولي ٿِي جواھِرَ ۾.
9
ڄارو ڄام کڻي، ٿو مُرڪيو مَلاحن جو؛
زريءَ آئون زرباد لَئي، ٿِي ڇُڳير ڇَڻي؛
سَھجَون سون رُپا ڏئِي، ماڻِڪَ ميَي مَڻي؛
خِيما خوب قناتان، ھيجَون تِتِ ھَڻي؛
ڳاڻاٽي نه ڳڻي، ڏي جالَ جواھَر تَنِ کي.
10
تماچِي طُرا، ٿو سڏيون ٻڌائي اُن کي؛
سي شوق وَتن شِڪار تي، کنيو زور زُرا؛
ڪُڌائِينِ ڪُرا، سي ٻنھي ڪِينجُھر ڪَنڌئين.
11
راتو ڏينھان ڏِپَ، ھو مَرَڪُ مَلاحن جو؛
ٿي ٻوڙيون وَھَ وَھل ۾، ڪئِي جَھٻيرن جھِٻَ؛
ھو روز جَنين جي رِٻَ، سي اَڄ ڪُلين حلون ھيروان.
12
مُھاڻِيءَ جي من ۾، نه ھو گِيرَبُ نه گاءُ؛
نيئن سان نازَ ڪري، ريجھايائين راءُ؛
سَمو سَڀنِي کانءُ، وَٺي ويٺي پاڻ سان.
13
ھُئِي ويٺي بازر وچ ۾، ھُئا ھٿ کِکِيءَ ھاڻَس؛
دَرَن ڪاڻ دُٻَن ۾، ٿي ڀَنَ وِڌا ڀاڻَسِ؛
ھُئي مُھاڻِي ماڻَسِ، پر ھِن سان ڪَرم ڪَريم ڪيو.
14
ٻيون ڀِي چار چُري ھَليون، ٻڌي دعويٰ دانايُون؛
”ھلي ته کِکيءَ کوڙ سان، ڳَچ ڪِي ڳالھايُون؛
مضمون ڇا ھي مَلاح جو، جنھن سان راءُ کڻي رايُون!“
نوريءَ اَڳِيون نازَ مَون، جڏھن چِٽِ اکيون چايُون؛
تڏھن سُھمجي سايون، ٻولينديون ٻاتِيون ٿيُون.
15
لَٿو لانگوٽين جي، پَکي ڄامُ ڄُلِي؛
مَنَھن مَنَھَنِ پيون مَسندان، جھُڳي پاس جھُلِي؛
ماڻِڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇولِ ڇُلِي؛
ڪِنجھرُ سڀ ڪُلِي، ڄَڻ اَصليءَ کنؤن اَھڙو ھئو.
16
فارغ ٿِيَن نه فِراقَ کَؤن، ويجھا ڪين وصالَ؛
گُم ٿِيڻ کَؤن گم ٿِيا، نَڪا سُرت سنڀال؛
اتي قِيل نه قالَ، ”سچو“ صُمءٌ بُڪُمءُ ٿيا.
Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - نوري
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: