Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:31 am


داستان ٻيو
1
عمر اَباڻن ۾، لَڌمَ لائون لالڙئين؛
کُھ موتِي مالَھڙئين، حال گھوريا ھِن حالَ تي.
2
جو ڏاڏاڻو ڏيہُ، مُونھؤن مور نه وسري؛
سو ڏاتَر لَئه ڏيکار مُون، سومرا ساڻيہُ؛
ريءَ پنھوارن پَرڏيہُ، ھِيءُ مِڙيوئِي ڀائيان.
3
ڏيھ ڏاڏاڻي، شل سِگھي وينديس سومرا؛
مون کي ماروئڙن ۾، ڇڏ عمر اُماڻي؛
ڏينھن گُذري ڏکَ ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄائي؛
سُکَ ڏُکَ سنديون ڳالھڙيون، وڃي اوريان اَباڻي؛
نه ته سُڌ لَھندڙَ سِگھڙا، اَلله اُھي آڻي؛
جو ھُن بِنا ھاڻي، گھَڙي ھِت نه گھاريان.
4
وَس نه وِساريامِ، سُرھا وَڻَ ساڻيہَ جا؛
اُھي ھيڪَند ڏينھڙا، ٿي گَڏجِي گذاريامِ؛
ياد ڪيون سي ڪيترو، سانگِي سنڀاريامِ؛
اوڏنھن اُڏاريامِ، ڪَلَ لَھَڻ لَئه ڪانگڙا.
5
جھڙِي ھُيس مَلير ۾، جي ھِت ٿيان تِھڙي؛
پَرَ ڳالھ ڪَريان ڪھڙِي، جو قابو رھيسِ ڪوٽَ ۾.
6
ھُيس ڪير ملير ۾، ھِت ٿِي آيَسِ ڪيرَ؟
جيڪُس پيڙمَ پيرَ، فقط لَڳ فِراقَ جي.
7
ڪاٿي آءٌ ھُياسِ، ڪاٿي آيَسِ سومرا؟
ھُتان ھلي ھِتِ اَچي، پورَن منجھ پياسِ؛
ھنجن ھابُ ڪِياسِ، وڇوڙي جي ڏينھڙي.
8
شال نه رھن ڏورِ، ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
ميان تَن ريءَ مور، مون ھِت جالَڻُ نه ٿئي.
9
ڏوٿِي ڏورئون ڏورِ، عمر اَڄ مون کي ٿيا؛
سُمھَڻ جاڳڻ سورِ، مون گذارَڻ آئيو.
10
جڏھن آءٌ ڄاياسِ، ڪنھن وٽِي، وِہَ جي نه ڏني!
جڏھن ساماياسِ، تڏھن آيَس اوراتَن ۾.
11
ھي سامائِجڻ گھوريو، جنھن بت ڪَيو بيرؤن؛
وڃي شَلَ ويڙھيون، ڏِسان ڏوٿيَڙن جون.
12
ڏٺي ڏوٿيَڙن کي، گھڻا ڏينھن ٿيا؛
جالڻُ جُدائِيءَ ۾، جيڪي پَلَڪ پئا؛
سي وڻواند ويا، سارا سنگھارن ري.
13
ھُت ٿا لوءِ لُڇَن، سُڻِي ڳالھيون سومرا؛
پيھي ڪِئن نه پُڇن، جي ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
14
پاڙو پاڙي ساڻُ، شَلَ ھُئان اَباڻن جي؛
پکي تَن جي پاڻُ، آءٌ تا سُکيو ڀائِيان.
15
مون کي رَبُ رکي، شل پَردي ساڻ پناہَ ۾!
ته ھئان منجھ پکي، عُمَر اَباڻَن جي.
16
پَردي منجھ پناہَ، مون کي رَبَ رکيج!
اُڪنڊ ھِن اَرواحَ، آھي اَباڻَن جِي.
17
ڏِسي کيٽَ کَڻِي، ويا ماروئَڙا ملير مَون؛
پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، ويٺا جالَ ھڻِي؛
اڳي پنھوارن پاڻ ۾، ٿي اِھا ڳالِھ ڳڻي؛
ھِت رَتِي رھَڻ ناہِ ڪا، ڄاڻي ھِڪُ ڌڻِي؛
جا عادت زور ظلم جِي، ھيءَ حَمير وَڻِي؛
رَعيت جي رَنجڻ جي، ٿيس گھُر گھَڻِي؛
ھاڻ بَرسَر ھِيءَ بَڻِي، سنگھارن تي سومرا.
18
پَلَڪ نه ٿيان پاسي، شَل عمر اَباڻَن کَؤن!
گڏُ گَڏين ھا سي، سڀن سان سي سومرا.
19
ڪاڏي اَڄ رھي، آءٌ ڪاڏي اَباڻان؟
ھاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽي مِلنديس مارئين.
20
اَڃا نه آيا، سنگھارا ساڻيھ جا؛
ڏينھن جھَجھا لايا، پانوَرِ پنھوارن پاڻ ۾.
21
جيڪس نه آيا، سنگھارا ساڻيھ تي!
نه ته کيتن خابرو، تڏڙھئين ھَلايا؛
تن ڏينھن وڏا لايا، وڃي پانورَ ڪنڌئين.
22
وڃن تامَ پري، شل اَباڻَن اوڏي ھُئان!
جو سُڌِ لَھَن مون سِگھڙي، ذري منجھ ذري؛
اکيون آب ڀَري، ٿي ويجھائيءَ لئه وجھُلان.
23
بيوسِي آھيان، ھِن ماڙن ۾، مارو!
وِساري ويھي رھيؤ، ڄڻ منجھانئِوَ ناھِيان؛
لالچ نه لاھيان، پَسَڻ پَنھوارَن جِي.
24
موٽِي شال اَچن، ماروئڙا ته مَليرَ ۾!
اَچڻ سندي تا ان جي، ڪَر پوي مون ڪن؛
تا سڀيئي سُک ٿين، گوندرَ وڃن گُذري.
25
ڏوراپا ڏيئي، ڪنھن ھَٿ مُنجان مارُئين؟
ته وساري ويھي رھيَوَ، حال ٻڌي ھيئي؛
مِڙي اَچو مون گھرين، آھيو جھانگيڙا جيئي؛
جي آھيو اتي ئِي، تا لَھو سُڌِ سنگھار جي.
26
موٽي ماروئڙن، سُڌِ نه لڌي ساہَ جي؛
لاھي ڇڏيو دل کؤن، اَديون اَباڻن؛
ڪنھن ڳُڻؤن سنگھارن، جيڪُسِ ويڙسِ وِسري.
27
ڪي ڏينھن ھُيس قرار، مارُن گڏ ملير ۾؛
درد نه ھو ڪو دِل کي، ھُيسِ مِٽَن ۾ مختيار؛
ريءَ اَباڻن آرِ، ھاڻي ڪنديس ڪَن سان.
28
اَڄ ساريم سنگھاري، جَنَم لنگھايَم جَن سان؛
ھيءَ وڇوڙي تَن جي، ميان ھِت ماري؛
عمر سڀا مون سانگئين، ٿِي گڏجِي گذاري؛
منھنجي پار پنھوارَ جي، آھي تاڪون تياري؛
ھاڻ لکي منجھان مارئين، ھِيءَ حقيقت ساري؛
ڏينھن ھيترا ڏوٿيو، ڪِيئن اوھان وِساري؟
جيڪُس ڌُرئون ھُئِي ڌاري، تيلھان ويَڙَوَ وِسري.
29
منھنجي مَن ميان، ھِن ڳالھيون ماروئڙن جون؛
ڏُٿ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، وڃي خوشِئون ھُتِ کِيان؛
ڪائِي ساعت سومرا، جھانگِن ري نه جِيان؛
وڃِي ٿر ٿِيان، شَلَ سنگت سنگھارن جي.
30
ويجھا جڏھن ھُئام، ماروئَڙا ته ملير ۾؛
تڏھن ڳالھ احوال جي، تَن ڪَنين ڪين وڌام؛
ھاڻ وڃِي ٿرِ ٿيام، اُھي سڌ لھندڙ سومرا.
31
ٿيا پنھوار پَري، آءٌ ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟
وَھندو شالَ وصالَ جو، ڪو پڻ واءُ وري؛
نَئي گڏ ڪري، سو مون کي ماروئڙن سان.

ڪافي 1
مارن ڏي آءٌ وڃان وڃان! ھادِي اَلله، الو ڀلو!
لاوان لھنديس کيت پنھنجي سان.

سرتيون ٿينديون مون ڄَڃان ڄَڃان.
ڪَڍ بندياڻي بند مؤن، ڪُرف ڪڙا ٿِي ڀَڃان ڀَڃان.
واٽَ جنھين کؤن سانگِي ايندا، سائِي واٽ مان وڃان وڃان.
”سچو“ سائِل آھي اوھان جو، سِرُ سائينءَ اڳيون سَڃان سڃان.

ڪافي 2
لَڄايان نه لوئِي، وو،
عمر آنديم جا اوڏاھون!

جي تا ملڪَ ملير ڏنھن، قاصِد اَچي ڪوئِي، وو.
سارو سنگھارَن ڏي، حال منجان روئِي، وو.
وجھان ٻَرنديءَ باہ ۾، شالون پَٽ سڀوئِي، وو.
کٿِي کَنيَم کِيئن جي، اَڌو ٻَنڌ جا ھوئِي، وو.
آنديم کڻِي کوہَ تؤن، آب ڀَري اوئِي، وو.
پِيَڻ ڪاڻ پنھوار جي، کَلي مُون تان ڍوئِي، وو.
اھڙي اڳي ڪنھن نه ڪئي، جھڙي ڪيڙي توئِي، وو.
مون سان مدد ني ڪندو، ”سچو“ صاحب سوئِي، وو.

ڪافي 3
ويٺا منھنجيون ڳالھيون ڪن،
ھُت ماروئَڙا به ملير ۾!

عمر آنديئي مارئِي، تاسف ڏيئي تَن.
سَدا آھنِ سومرا، مارو منھنجي مَن.
مون جيڏيون ملير ۾، چانگن پاسِ چَڙن.
ڇڏي پانور ڪنڌيون، مَنَھيون اوري اَڏن.
”سچوءَ“ جي سَريرَ ۾، ويڙھيچا ٿا وسن.

ڪافي 4
غم ۾ ڪِيئن نَه گذاريان، اَديون، تن وچؤن مون کي ڏينھن پيا!

ميان مُلڪَ ملير ڏي، کنيو نيڻ نِھاريان.
پَکا پنھوارن جا، ساعِت ساعِت سنڀاريان.
راتيان ڏينھنان روح ۾، ساھيڙين کي ساريان.
وَسُ جي ھو ڪو منھنجو، گڏ ھُنِ پاڻ قطاريان.
پَت پنھنجِي پاڻھين، پنھوارن سان پاڙيان.
ياد ڪيو سي ڳالھيون، پنھنجو پاڻ ٿي ڳاريان.
موڪل ڏينم مٽين مِڙان، گھڙي ھِت نه گھاريان.
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، چَھرائيءَ سان چاريان.
جي مون روحَ رڳن ۾، ويڙھيچا نه وساريان.
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنھن، عمر شال اُجاريان.
حال پَسي ھِيءُ پانھنجو، ماروئڙن لڳ ماريان.
پَٽَ پٽِيھَرَ گھَوريا، طولَ ڀايان تلواريان.
ڪَرَ لَھَڻ لَئه ڪانگَڙا، اوڏنھن روز اڏاريان.
”سچو“ سنگھارن کَؤن، ھِي سِر ھڏ نه واريان.

ڪافي 5
شالَ نه وِسارين، مارو مون کي، شالَ نه وِسارين،
- درد جنين جو آھي دل کي!

اَٺئِي پَھر اوڏھون، نيڻَ ٿا نھارين.
پَھون پنوھَرَ پانھنجا، ويجھا وھارين.
جوڙُ اسان جا جھوپڙا، ماڙيون ٿيون مارين.
ھَردم طلب جون تَن ۾، تارون تنوارين.
سنگھارن جون ساہ کي، ڳالھيون ٿيون ڳارين.
”سچو“ سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.
داستان ٽيون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: