Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان چوٿون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان چوٿون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:35 am


داستان چوٿون
1
تون حمير ھِٺِي، آءٌ ٿورياڻِين آھيان؛
جا لوئي آندم لوءِ ڏنھن، وينديس ساڻ وٺي؛
ڪڏھن ٿيندي ڪانه ڪا، مانھؤن شال مَٺِي؛
ڪتابت قولن جي، مون ڏي پنھوارن پَٺي؛
ھيءُ بندُ بندياڻِيءَ کي، ھو لکيو رات ڇَٺِي؛
اُن سانگِن ڪاڻ سَٺِي، مون مڙيائِي سومرا.
2
ڪو بِي خيال نه ھومِ، ھُيس مارن ساڻ ملير ۾؛
جان وڇوڙو سومرا، کؤن ٿريچن ٿيوم؛
قسمت قيدالماء جي، ڏَسي ڏور وڌوم؛
تڏھن وڏو قدر پيوم، ھَي ”سچو“ ھيڪاندِ جو.
3
ويٺا ڳالھيون ڪَنِ، ماروئڙا ملير ۾؛
ته ”اِجھا ايندي مارئِي، وري ھن وطنِ!“
ايڏي اُڪنڊ آھي، مُنھنجِي جا پُڻ جَنِ؛
آءٌ سگھي سان تَن، وڃي گڏ گذاريان!
4
قَرابتي ڪاٿي ٿيا، آءٌ ڪاٿي آئِي!
قسمت قيد ڪٿي ڪيو، آءٌ ڪٿي ڄائِي!
آھي منھنجي روح کي، ريءَ مارُن موڳائِي؛
اَٺئي پھرَ اُنھن جِي، وات اَٿم وائِي؛
گھڻي مدت مونجھ ۾، مون پڻ لنگھائِي؛
مَنَ سِگھڙي سنگھارن جي، ڪل پوي ڪائِي!
ته ڪي آھِن آرامي اُتھين، جھانگيڙا جائِي؛
ڪِي ويا مُلڪ ملير مَون، ڪري اَجائِي؛
وڃي پانورَ ڪنڌئين، ويٺا وھڻائِي؛
اُتي تازا توانا ٿيا، ڏُٿ ڏنؤرا کائِي؛
ڪر سومرا سائِي، جئن ٿِيَن آسودا آجَڙي.
5
جن گڏ گذاريوم، سڀ ڄَماندر سومرا؛
اَچي پَري پَيَس اُن کؤن، مُونجھ اِنھيءَ ماريوم؛
ساريو سنگھار جي، ڳالِھن ھِت ڳاريوم؛
جو مارو محرم حال جو، سو پڻ سنڀاريوم؛
ڏيہُ ڏاڏاڻو ڪَڏھين، وار نه وساريوم؛
نِتُ نِتُ نِھاريوم، پَنھوارن جي پارَ ڏي.
6
اَڄ پڻ ٿِيمُ اُداسُ، ھِي مَن ماروئڙن ڏي؛
ڪر بندياڻي بند مَئون، خاوندَ لڳ خلاصُ؛
جو مَٽي کيتَ ڌنارَ کي، ڪا پلنگين ڏينديَس پاسُ؟
ڪو وجھُ صاحبَ سومرا، اُنھن سان اِخلاصُ؛
جو ھو ويچارا واھَڻِين، تون ڪري ڏس قياسُ؛
زور تنين تا ناہِ ڪو، لوئِي جن لباسُ؛
اَٺئِي پھرَ اُنھن کي، آھي حَمِيرن ھِراسُ؛
تاڪُون تُنھنجي تابَ کَؤن، سھمِيون اَٿن ساسُ؛
چاڙھيو لِڱين ڪِين تَنين، ماسي قَدر ماسُ؛
تعديون تَنين تي ڪَرين، جن تو ھَؤن ٿئي مَواسُ؛
ويڙھيچا وڻراہَ ۾، ھُتِ وڻِ وڻِ وٺن واسُ؛
پاءِ پنھوارَ پياسُ، آھي راجا منھنجي روح کي.
7
چَئي مُڪائون، ھيئن ڏاڏاڻي ڏيھَ ڏنھن،
ته ”جيڪس“ اِھي تو ھُيون، مَنَ جون مدعائون.
”تان وڃي پَلنگين پَٿَرڻِئن، شَلَ چڙھان آئُون،
تو پڻ تيلھائون، ھاڻ ويا ويڙھيچا وسِري!“
8
چڱيءَ طرح چَئي، ٿي مُنجان ماروئَڙن ڏي:
ته ”سُکين سانگيڙن کَؤن، پري آءٌ پَئِي؛
”قسمت قيدالماء جي، مون سان ھِيئن ڪَئِي؛
وسري ڪينَ وئِي، سَنگت سنگھارن جِي“.
9
ماروئڙا ماندي، آءٌ اوھان ريءَ آھيان!
سُکيا اَئين ساڻيھ ۾، ھِت بَند رھي باندي؛
ھِت قسمت قيدالماء جي، ھِيءَ اَچانَڪ آندي؛
آھيان اوھان جي ڳالِھ کؤن، ويل نه ڪنھن واندي؛
چڱي ٿِي چاندي، اِينديَس لوئِي وٺِي لوءِ ڏي.
10
قاصِدُ اَڄُ ڪوئِي، مَنَ اَچي ماروئَڙن ڏنھن!
تنھن تا چَوان حالَڙو، سارو سڀوئِي؛
ايڏنھُن آندي آھِ مون، لاکيڻِي لوئِي؛
سا وٺي وينديَس پاڻ سان، اَٿم عھد اِھوئي؛
سرتِن سان روئِي، سِڪون لاھينديَس لوءِ ۾.
11
ھِيءَ اُميد نه ھُئي، مون کي ماروئڙن ڏنھُن؛
جو ڪونه مُجندا مُون مڻين، پُڇَڻ ڪاڻ پَھي!
ڏٺم ھڏنھِن ڏيھ ۾، نَڪو ڳوٺَ ڳَھِي؛
ھاڻي وائِي وائندي، اھا سيُمَ اَڄُ صحِي؛
ته ”اَٺا مِينھن ملير ۾، ويڙا راڄ رھِي؛
”ڇڏي پانورَ ڪنڌيون، آيا ھيٺ لھِي؛
”جھجھو جھانگِن کي ٿيو، ڏِھيان ڏٿ ڏَھِي؛
”ڪَڍيو پيَن پاڻ ۾، وڏيءَ مَھَلَ مَھِي“؛
وينديَس ڪوڏِ ڪَھِي، آءٌ پَکي پنھوارن جي.
12
سَنگھارن جي سِڪ، آھي منھنجي مَن؛
شال سِگھوئِي سومرا، ڏسان ڏوٿيڙن؛
راتو ڏينھان ڪاڻ ٿِي، جھڄان جَھانگِيڙَن؛
پاڻھي پَنھوارن، اَڄ تان مونکي ياد ڪيو.
13
جھانگي جھڻ پِياڪ، ناھِن شَربت ھيروان؛
ڳاڙھيو ڪاريون لوئيون، پھَرڻُ تَن پوشاڪَ؛
لاھِج لوئيڙَن تان، الله لڳِ اولاڪَ؛
جو رکن ھَڏنھن ڪانڪا، عُمر ٻِي اِملاڪَ؛
ڪارڻ پرورَ پاڪَ، مون کي ميڙيين مارئين!
14
ڪيا کِوڻِن کيجَ، اَڄ ڏاڏاڻي ڏيھ ۾؛
پر ماڻو ماروئڙن ڏنھن، ھَڏِ نه آيو ھيجَ؛
ڪالھ ڏٺا ھُئم اُڀ ۾، اَڻِڪ ۽ اَٽيجَ؛
اُٺا مينھن مَلير ۾، ٿيا رڻَ سارائِي ريجَ؛
ڇانگن سان ڇِڙي ڪري، ڪَن ڇَنن ۾ ڇيجَ؛
آءٌ پُڻ ڀِنيءَ ڀيجَ، ملنديَس ماروئڙن کي!
15
ھي وٺي حالُ وڃان، ميان ماروئڙن ڏي؛
آھي اُميد اَڃان، جو خوشِي ڪنديَس کيت سان.
16
مينھن وسندي مان، ويڙھيچن ويندياسِ؛
لوئِي ساڳين لوءِ جِي، نال وٺِي نيندياس؛
وڃي ٿر ٿيندياسِ، ڏکَ سُکَ پائي سومرا.
17
ڌنارن کؤن ڌار، جي مون ڏينھن گذاريا؛
سي ھئا قيامت جيھڙا، ميان سومرا سردارَ؛
الله ڪري اوڏڙا، ”سچو“ مَنَ سنگھارَ؛
ته ڪريون ويھي ڳالھڙيون، ھنيڙي جون ھِڪوارَ؛
پَر پري ٿيم پنھوار، ڏيان ڏوراپا ڪَن کي!
18
جيڪي ھُتِ ھونديون، ساھيڙيون ساڻيھ ۾؛
سي پيرون چونڊن پاڻ ۾، گڏ ڪيون گُونديون؛
ساريو مون کي سومرا، رات ڏينھان رونديون؛
ٻيون ڀِي ڇا چونديون، اَڃا عُمر الاجي آجڙيون!
19
ريگستانِن رنگُ، جي تون پسين سومرا؛
ته ميان ماروئڙن تَؤن، ظالِم لاھين زنگَ؛
جو تاڪون تنھنجي تابَ کؤن، جھانگِي واسِن جھَنگُ؛
نامِيا ھي تون ننگُ، نيئي رسائين راڄ ۾.
20
جي ريگستان رھيا، تَن سخت نه وٺج سومرا؛
جو تاڪون تنھنجي تابَ کؤن، ڇَنن مَنجھ ڇپيا؛
سي ڪي پَرئين وسِ وھيا، وسَ چائيتا واھَڻين!
21
ڪري ياد قلبُ، ٿو منھنجو ماروئڙن کي؛
جو ٿيان ھيڪاندي تَن سان، ٿئي سائينءَ ڏنھُن سَبب!
ڪڍ بندياڻي بند مؤن، ته راضي ھُئي رب؛
غازي لاھ غَضَبُ، ڪَر مِھر ماروئڙن تي.
22
رڃُون ريگستانُ، جِت وطن ويڙھيچن جو؛
راحِم ٿي رکيج تون، تَن ماروئڙن جو مانُ؛
جھونن جھانگيڙن تي، ڪَر عمر تون اِحسانُ؛
ته سارو جڳ جَھانُ، مَرُ تعريفان تنھنجيون ڪري.
23
ھيءَ خبر ھاڻي، آئي ريگستاني راڄ ڏنھُن؛
ته ”اٺا مينھن ملير ۾، ٿيو پٽَنَ ۾ پاڻِي؛
گُلَ ڦُلَ گلزاريون ٿيا، رِڻَ سڀ ريجاڻِي“؛
تون ڀِي صاحب سُڃاڻي، موڪل ڏينم مِڙي مَران.
24
مينھن وسندي مون ڏٺا، ھي پکا پنھوارن؛
ڳاڙھيون اَڇيون لوئيون، ڪيا سَھَج سَنگھارن؛
اُھي عام خلقَ کؤن، ٿا گوشي گذارن؛
منھنجي اَچَڻ سنديون، ٿا واٽون نھارن؛
سانگيڙا ساڻيھ ۾، پيا نِت نِت سَنڀارن؛
ھي ڳالِھيون ٿيون ڳارِن، مون کي ماروئَڙن جون.
25
مِينھن وسندي سومرا، اَڄ پُڻ پور پِيا؛
پَکا پنھوارن جا، سي مون ياد ڪيا؛
ڏٺي گھڻا ڏينھڙا، مون ٿَريچن ٿيا؛
وسِري تا نه ويا، ڪا ساعت منھنجي ساہَ کؤن.
26
ھِت ڏيھي ڏسان ڪونهَ ڪو، جو ڏئي کيتَ خَبَر؛
ھِيءَ قابُو رھي ڪوٽَ ۾، اُنھن ريءَ عُمَر؛
مَليران مَحضَرَ، ايندم اَجائِيءَ جا.
27
مِينھن وسندي ياد مون، اَڄ ماروئَڙا آيا؛
قيدالماءَ جا ڏينھڙا، سي مون لنگھايا؛
موٽي اَچڻ جا ٿِيَم، ڏي سنگھارن سايا؛
اُھي مولا ملايا، جي پنھوارن پَري ٿيا.
28
ڪو جو وريو واءُ، اَڄ پڻ مُلڪ مَلير ڏنھن؛
ڄَڻُ آيم اَباڻاءُ، ماڻھو موٽائِڻ جو.
29
مون کي رات رسيون، ڏيہ ڏاڏاڻؤ خَبران؛
”ته ساڻيھ سَڀ سَرھو ٿيو، وڄون واہَ وَسيون؛
”ته اچي ياد الله ٿو، ڦوڳُ ڦلار پَسيون؛
”برابر بادل ڪَيون، مُنِي لوءِ لَسيون؛
”ساول کائِي سبزيون، ٿيون سَجِيہ سَسِيون؛
”ڳاڙھيون اَڇيون ڪاريون، لاھن غم گَسيون؛
”وُڙھيون ڪَسَ ڪَسِيُون، پُڻ آھِن تارِ تَرائِيون.“
30
رات وري آيا، ماروئَڙا ته مَلير ۾؛
جو لڌم خوابُ خوشيءَ مون، ڄَڻ موليٰ مِلايا؛
وري وسايا، ڀلي ڀاڻَ ڀِٽُن جا.
31
وسَ چَري آيام، ماروئڙا ملير ۾؛
ڇڏي پانورَ ڪَنڌيون، ويڙھيچا وريامَ؛
عُمر اُميد ٿيامَ، پَسَڻَ پنھوارن جِي.
32
جي ڏوٿي ھُيَم ڏورِ، سي والِيءَ ڪَيَم ويجھڙا؛
ھُئي جا پورن پُورِ، سا تا اڄ من تَون لَنگھِي.
33
موٽِيا پارِ مَلير، سانگيڙا سانگُ ڪَري؛
جَنِ جِي سِڪَ سَرير، سي ئي عُمَر آئيا.
34
لَٿو ڦوڙائو، وريو ورق وصالَ جو؛
وري وطَن آئيا، ريگَ لنگھي رائو؛
”سَچُو“ چَوي سائو، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.

ڪافي 1
مارو ٿر ٿيام، ڀلو ميان وو، ڏيان ڏوراپا آءٌ ڪَن کي!

سي پارينديَس پانھنجا، ميان، جي ھُتِ قولَ ڪيام.
ڇڏي مُلڪ مَلير جو، پَرينءَ وس ويامَ.
گھوريا پَري ڏينھڙا، جي پنھوارؤن پيام.
سنگھارن جي اَچڻ جا، ميان ”سَچو“ سَنيھا سُيام.

ڪافي 2
روئان زارو زار، يار،
مانَ مارُن کي ملان آءُ!

ڏيان ڏوراپا ڪن کي، پَري ٿِيَم پنوھارَ، يارَ.
وٺِي ويڙا پاڻ سان، منھنجو ساہُ سَنگھار، يارَ.
اھو اٿم آسرو، ايندم اَجڙوار، يارَ.
ڪَندا مُھڙ مَلير ڏي، رڻ ڇڏي ريڍار، يار.
سو دم گوندر گذري، جو دم اُن ريءَ ڌارَ، يار.
روئي رت اکين جا، جھونا ٿيا جھالار، يار.
وڃي ٻُڌنديس اُتَھين، سندي پنھوارن پُڪار، يار.
رکي ويڙھيچا ويا، مونھين سر مَيار، يار.
پيڪين مُون پَھُچائيين، سومرا سردار، يار.
راتو ڏينھان اوڏھين، ”سچوءَ“ ساہَ سنڀار، يار.

ڪافي 3
ساريان آءٌ تا لوءِ، پنھنجي جون لويون،
عُمر گھوريا ھِي پَٽَ پٽيھَرَ، ميان!

ھُت ويڙھيچا، وو، ويٺا ورھائن ڏيھاڙيون،
سي ڏونرن سنديون ڏويون.

سنگھارن ڏي سوز سنيھا،
آءٌ ٿي روزُ مُنجان رويون.

ڪنڍيون ڪوڪَڙ سَنديون، ميان،
ڳچيءَ پائن ٿا ھِت پيڪا پويون.

صبحَ سانجھيءَ کَڻَن خوشيءَ سان،
اُھي سي تا آب ڀَريون اويون.

پاندين پائِن پُسيون، ساڳن سِڱر سَنگھارَ،
”سچو“ سي سويون.

ڪافي 4
گھوري ھِيءَ جدائِي، اڙي ميان، پنھوارن ٻاجھُون پُورَ پيا!

صبح ويلي ميان سومرا، الا سائين، خبر اھا مون آئِي.
لنگھي مُلڪ مَلير جو، ويَڙئي ويڙہ سَڀائِي.
پانورَ ڪنڌئين ڪينڪي، وھندا ساعَت سائِي.
ڪنَين ٻُڌان ڪِينڪِي، وري اِھا شَلَ وائِي.
ڏوٿي پنھنجي ڏيھَ مَون، ڪَندا ڪِيئن نِوائِي.
عمر اَباڻا ڏيھ ۾، سَرھا ھُونِ سَدائين.
موٽِي نه وڃَن اُوڏھِين، جن جِي سِڪَ سَمائِي.
ھوءِ ھوءِ ھِن جي حالَ تي، ڀاڳيا ڪرن ڀَلائِي.
”سَچو“ سندن ساٿَ“ ۾، ڪَري مَرُ ته گدائِي.
داستان پنجون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان چوٿون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: