Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:38 am


داستان ڇهون
1
ڄَڱَرَ ڄارڙيون، ٻيا ڪِرڙيُون ڦوڳَ ڦُلاريا،
سي سنگھاريون ساڻيھ ۾، وِھَن وارڙيون،
ٽامان ٽارڙيون، لاڙيون ڇنِن لاکڙان.
2
وَروٽا ويرھيچن جا، اِھي موتئين مالھڙيون؛
رَس نه اَچن روح کي، ٿالھ ۽ ٿالَھڙيون؛
سَنگھارنِ جون سومرا، چَڱيون چالَڙيون؛
جو فَجُر ڦوڪي سَنديون، ڪن دانھَ دالَڙيون؛
وَرُ سي لويون لاکَ جون، ٻَن شالان شالڙيون؛
اَٺئي پَھر آھن اکيون، منھنجيون عُمر آلَڙيون؛
ڪامل تنھنجي ڪوٽ ۾، وجھان فَلَڪين فالَڙيون؛
شال سڻندو سو ڌڻي، مون نِڌر نالڙيون؛
وڃي ڳجھيون ڳالھڙيون، ڪنديَس سَرتن سان ساڻيھ ۾!
3
ھِت ڏسان ڏوٿِيڙن جيُون، ويٺي واٽَڙيون؛
ھُت پَون پنوھارن تي، مِٺِيون ماٺَڙيون؛
ياد اتي جون مون پيون، ڇوھُون ڇاٽَڙيون؛
توڙي چار ڪُنڊان لوئِيءَ جون، ھِت ڦاڪين ڦاٽَڙيون؛
تان ڀِي وڃان اوڏھين، جتي کِنوڻِيون کاٽَڙيون؛
مون کي لَوھِن لاٽَڙيون، تَن لالن سَنديون سومرا.
4
ٻُور پُڄاڻُون ٻَير ڪَن، ٻَھون ٻيرڙيون؛
ڇاڻِن چونڊن سي چڙھيو، ڏئِي ڦيرڙيون؛
پانَوَ پيرڙيون، ڪن تماشا تِکُن جا.
5
ھُت گھُمَن ڏوٿِي ڏٿَ لئه، ڪَيون ٽولا ٽولڙئين؛
ڇاڻِن لنب اَئون مَکڻِي، جھَلي جھولَڙئين؛
پِيھَن پَچائن مانيؤن، ڦوڪي ڦولَڙئين؛
تون عمر اولَڙئين، ڪَري ھُت ڇَڏيج مون.
6
ھُت ريت ته اَڌو ٻَنڌِ، ڪَن لويون لاکَڙيون؛
مَشَر مارُئَڙن جيون، سَچيون ساکَڙيون؛
وَٽين تورنِ ڪينڪِي، مَکَڻ ماکَڙيون؛
اَڃان ڦُٽنَ باکَڙيون، ته کڙا آھن کوہَ تي.
7
اَڃان کِنونِ کِنوِڻيُون، ته سانگيُن ساھ پوي؛
وَسي تَر تارِ ڪَن، نَيون ۽ نُوڻِيون؛
جاتي ھُئن جوڻِيون، تاتِي آجَڙي آرامِ ٿيا.
8
اَڄ جوڙي ويٺا جھَنگَ ۾، جھانگِي جھوپڙيون؛
ڏي نه ڏوٿيڙن کي، لائِقَ لوپَڙيون؛
راجا روپڙيون، گھَرين رکن ڪينڪِي.
9
ھُت ڏِينِ مارو ڏاجَ ۾، ڄاڻِي ڄارَڙيُون؛
پَيون آھِن سڀ کي، اُھي ويڙھيون وارَڙيون؛
سي چُونڊن پيون پرِھ جو، نائي ڏارڙيون؛
وِجھَن گوندنِ سَنديون، ڳچيءَ ڳارڙيون؛
پوءِ کنيو کارڙيُون، وَڃَن لوئَڙِياريون لوءِ ڏي.
10
مون کَؤن وِسَرن ڪِينَڪِي، اُھي عُمرَ ويلڙيُون؛
چاريَم وڏي چاھ مَون، ٿي ڇيلا ۽ ڇيلڙيُون؛
ٿي کيڏيَمِ کيلَڙيون، سَرتِن سان ساڻيھ ۾.
11
اَوس اَڏنِ سومرا، چوڌاري چَؤنرا؛
تَن ۾ سانڀي رکَن سامھان، ڏُٿ ٻَھون ڏونرا؛
ڌڳَ رکي ڌؤنرا، صبح کائِن خوش ٿِي.
12
ڪَرين ڇو کِلان، سانگِيڙن تي سومرا!
سارِھَ سو تِن تي، لاھ ٽوڪان آئون ٽَھلان؛
ھي جي مَوتَن جون مَھلان، ٿِي مَحلن مَنجھ گُذاريان.

ڪافي 1
ڪاڏي ويَڙا، وو، پِرين پاڙيچا!

جاڏي ھَليا، تَھدِل تاڏي، ھَلُ تون ھِنيڙا، وو.
محبن مون سين عَجَب جيھا، ڪيئي ڳُڻِ ڪيڙا، وو.
گوندر گاڏائون ڏينھڙا، ھِت جالڻ جيئڙا، وو.
ھِن اَجايا اُنھن ٻاجھون، جي پلڪ پيڙا، وو.
”سچوءَ“ سَندا سانوَل ٻاجھون، ھي حال ھَي ٿيڙا، وو.

ڪافي 2
آئين ھَلِي ھِن جاءِ، وي،
ھِڪ ساعت ڪارڻ تون سانگِيڙا!

ڪا گھَڙي نيباہُ نه ڄاڻج، پيچ نه تَنھن سان پاءِ، وي.
”الدّنۡيَا سَاعَةُٗ“ اِھو نُڪتو دل سان تون لاءِ، وي.
جاڏنھن آئين تون وڻجارا، وري وڃَڻ اوڏنھن آءِ، وي.
دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي، ”سچو“ سڄڻ جي ساءِ، وي.

ڪافي 3
اوڏاھُون آيا، مون ڏي عتابَ اَباڻن جا.

ھي ڏيھُ وِيَڙُءِ وِسري، اِتي ڏينھن وڃي تو لايا.
ياد اسان کي ڪِين ڪيڙئي، منجھائينءَ مايا.
ڏينھن اسان ريءَ گذري، ويَڙئي سڀ اَجايا.
گھڻا مِينھن مَليرَ ڏي، والِيءَ وري وَسايا.
تُنھنجي ڏسڻ لئه، ھِت سانگِي سِڪايا.
سائينءَ ”سَچو“ سِگھڙا، مون مارو مِلايا.
داستان ستون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: