Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am


داستان پهريون
1
لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي؛
�آندو اَٿم پاڻ سان، نينهن ڀَريو نامو؛
�توڏي ساريو سڄڻان، ڪَيم راتيان روانو؛
�پڙهِي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!�
2
ڪانگل آيم اَڄُ، پريان سَندي پارَ ڏهُن؛
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻُڌي ڪيو رڄُ؛
پَکيءَ ڪيو نا پَڄُ، ظاهر ڪيائين زبان سان.
3
ڏاهو اَڄ ڏسو، جي ويڙهي ويڳاڻو وتي؛
پورن مَنجھئون پانهنجي، ٿو ڏئي حالَ حِصو؛
سَرتيون سُورَ سُڻِي ڪري، هِنَ خيالؤن ڪيِن کِسو؛
ڪو قريبَن قِصو، تنهن سيکاري موڪليو.
4
ڪيون وکاڻيون واتِ، اَڄُ ڏاهي ڏارَ چڙهِي ڪَري؛
سُڻَڻ سان کي سَرتيين، لڳِي چُپُ چُپاتِ؛
آتَڻ واريون اُتهين، لوٺياڻيون سان لات؛
روئن ساري راتِ، هَي هَي سو ڪانگو ڪيون.
5
گھڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟
ڪي دم آڏو دوست جِي، ڀَلِي ڪري ڀَڳاءِ؛
هاڻي ڪِي تا تَنُ تڳاءِ، متان جھوريءَ منجھ جھڄِي مران.
6
وات ڪري وائِي، اَڄُ پُڻ ڪانگ قريبَ جو؛
ڪِي جو چيائين چُهنبَ سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائِي؛
اندَر کي آئِي، ڄَڻ ڄَرَ ڄيري سندڙي.
7
لَئٖي لامَ لَتو، ڪِي جو ڪانگ قريب جو؛
تنهن لاکِيڻٖي جي لاتِ جو، پَوي ڪونه پتو؛
ڪاڪِيون ڪِيئن ڪَتو، پَر اَڻَ سُوريون آهيو!
8
ڪيهي ڪَمَئون ڪانگڙو، اَڄ ٿو ويڙهي مَنجھ وتٖي؛
پَسِي تنهنجو حالڙو، ڪاڪيون ڪامَ ڪتي؛
تنهنجي لات لتي، ٿو جيءَ کي جياپو ٿئٖي.
9
اَڄ لاتيون ڪانگ لَتيون، سٖي ڪٖي سڻو سرتيون؛
جو ڪَهَڻ سان ڪُهيو وجھي، ويڙهي منجھ وتِيون؛
سنديون راز رتيون، ٿو پُڻ ڪري پڌريون.
10
رويو رويو رتُ، ٿِي پکيءَ پارانڀا ڏئٖي؛
ته �پيرين وجھانءَ گھِنگھرو، سي ڇمڪائيندو وتُ؛
�کيئن وٺِي خطُ، سِگھڙو ساٿيڙا ورين!�
11
جو ٿو ڪانگ چوي، سو سُڻيجو سَرتيون!
وڏيءَ ويل صبحَ جو، ٿو چڙهيو لامَ لَوي؛
اُلڪي ۾ نه آهي، آتڻ، کَڻون اِتهون.
12
ڏاهو چڙهِي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا؛
پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا؛
آڻيو اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.
13
تِرُ نه هِڪ توڙي، اَڄُ لامين لاکِيڻو لَئي؛
ويٺو آهه وڳوڙجِي، کنڀن کي کوڙي؛
ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، مُنهن گھڻو موڙي؛
پَر پنهنجا ٽوڙي، چڪيون ڏئي ٿو چهنب سان.
14
سڻيجو سوئِي، جيڪي چوي ڪانگڙو؛
هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئِي؛
ڪنڍيون ڪُندن سان وجھان، پکيءَ کي پوئِي؛
جانب ڏنهُن جو ئي، آڻي نياپا نينهن جا.
15
آءُ ڪانگل ڪائِين، تا توتي عطر اوتيان؛
اَچڻَ ٻاجھون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئِين؛
ڏاها گھڻا ڏينهڙا، متان تون لائِين؛
پير اڱڻ پائِين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.
16
ڪانگل آيم ڪالهه، وٺِي سنيها سَڄَڻان؛
محبت ريءَ مقالَ، ڪانه ڪيائين ڪڏهين.

17
ڪي جو ڪانگ ڏسِي، ڪالهه اوڏاهون آئيو؛
پيُس هنياءُ ڦِسِي، ڳالهيون ڪندي سَڄڻين.
18
مالهان موتين جون وجھان، پَکيءَ کي پوئِي؛
پِيرين سونا گھِنگھُرو، تا ٿئي سوايو سوئِي؛
سينڌو سڀڪوئِي، مَرُ تنهين جو نه ٿئي!
19
پَکيءَ سندا پَر، ڪريان مُرصع موتيين؛
جو آڻي عجيبن ڏنهُن، ڏئي خوب خَبرَ؛
ڀينر ڙِي مون ڀَر، شال ويٺو ڪري وائِيون!
02
سنيها جي سڄڻان، سٖي ساري ڏنائِين؛
اِئين اُتائين، ته �پاڻ� نه آڻِج وچ ۾.�
21
اَدا اِيندو ٿيءُ، وٺِي سُکَ سنيهڙا؛
جاءِ ئي ٿي مون جيءُ، ڏاها جڏهن ڏسانءِ ٿو.

ڪافي 1
ڪالهه جو ڪانگ اُڏاڻٖي،
ڀلو، ڪيئن وئينٖ پِريَن وٽ؟

گھڻي تو سان ڪا ڪَئي، اڳيون يارَ سِياڻي.
پِرينءَ ڪِي تا پُڇيو، ڏيج دلاسو هاڻٖي.
ساري مون کي ڏيج سَنيها، الله ڪارڻ آڻٖي.
پِرين سندي پارَ ڏي، عاشق ڇو نه اُماڻي.
ائين اڏامي اوڏهُون، �سچو� ساهَ سيباڻي.

ڪافي 2
لؤن وڃِي ڪيئَن لايَم، پِرين نه ڄاتُم پَرديسي!

پُرجھُيم ڪين سَهيلون،
تيلهان آڏو ڏک آيم.
ڏينهن گذريا غم تنهن جي ۾،
ڳالهه جنهن جِي ٿي ڳايَم.
دانهون فريادون ڪَريان،
ڇو سِڪ �سچو� سيبايَم!

ڪافي 3
لَؤن مون سان جا لايَوَ،
يارَ، ويڙهٖي هِن ويهِي!

دردمنديءَ جِي دِلڙي، دلبر گھُوٽَ اکين سان گھايَوَ-
ڳالهه ڪَريان ٻِي ڪيهِي.
مُشتاقَن کي محب مارين ٿو، تَڪَ اِهائي آيَوَ-
جيهِي وڻيَوَ ڪَيَوَ تيهِي.
ڳالهه اِنهيءَ جِي سُڌ نه مون کي، پاڻ پِرين پُرجھايوَ-
رمز ڳُجھِيءَ دل ريهِي.
پارؤن پنهنجي ڪيئي قاصِدَ، هِن ڏي هوتَ هلايَوَ-
ڏيهه گَڏيا ڄَڻُ ڏيهي.
دل �سچوءَ� جِي دلبر سائين، ديدن ساڻ دتاريَوَ-
نِينهَن اوهانجڙي نيهِي.

ڪافي 4
ڪيئِي ڏک جا ڏينهنڙا لنگھايم،
سُڻ تون مُنهنجا سائين!

ڳالهيون ڪندي مون ڪيئِي سِرَ تي ڏک جا مينهڙا وسايَم.
پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙِي پنڌڙا پُڇايم.
سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميان سارا ئِي سورَ سَلايم.
�سچل� سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجھايَم.

ڪافي 5
تون تا پنهنجو پاڻَ پَساءِ،
شوقُ تنهنجو مون کي يار شتابي.

اَچي اکڙين ۾، جوڙي ويهِج جاءِ.
ناميا نانۡوَ ڌَڻِيءَ جي، پيرَ اَسان وٽ پاءِ.
اَڳي پوءِ ڀِي آسرو، هوت اَسان کي آههِ.
اَڄُ ڀِي واٽَ نهاريان، لالن تنهنجي لاءِ.
آءُ اڱڻَ آسروند جي، �سچوءَ� ڪيم سِڪاءِ.

ڪافي 6
هوتَ ڏٺئِي هيڏي اِيندا،
ڪيئن ساٿِي، مون کي سَچُ چَئو!

هُتئوُن پَٽِي پَکَڙا، هِت ڪٖي آڻٖي اَڏيندا!
پنهنجي وڙؤن پاڻَ سان، هيءَ غريب گَڏيندا.
ڏگَ ڀائِي سٖي سُپرين، ٿورياڻيءَ سان ٿيندا.
دردمند جٖي دل تي، دانَهه دستَ ڌريندا.
ڏوڙا طالعَ مون ٿِين، جڏهن �سچو� نانۡوُ سڏيندا.

ڪافي 7
يارَ پانڌي، ڙي ميان،
مِيَر ساٿِي، ڙي ميان،
ڪيچيڙا، ٻيليڙا، ڪڏهن اسان وٽ اِيندا!

هوندا اسان وٽ يارَ هميشه، ڪِي ڏکَ ڏيئي پوءِ ويندا؟
اِهو اَٿم آسرو، ڇوري تا نه ڇڏيندا.
صاحب پنهنجي ساٿَ سان، هيءَ غَريب گَڏيندا.
پَکا پنهنجا، چئو ڙي ساٿِي، ڪٖي هِت عَجيب اَڏيندا؟
�سچو� توکي سُپرين، پاڻ اچي هَٿُ ڏيندا.

ڪافي 8
تون آهين صاحب صورتَ جو، هِي آهه غلام تنهنجو؛
آهي ذوقُ شوقُ سُهڻا، مون کي مُدامُ تنهنجو.

جي آهن اصل اوهان جا، سٖي نا وسار جو، ميان،
مون تي آهي مُقرر، سائِين سلامُ تنهنجو.
راتو ڏينهنان روئڻ ۾، هنيَڙو اُداسُ هُيَڙو،
رهبر آڻي رساڻيو، پِريَم پيامُ تنهنجو.
�دلگير تون مٿان ٿئين، ڪر دور درد کي، ميان،
�اول آخر اسان وٽ، هوندو مَقام تنهنجو.
�رد ڪر فنا فِڪر کي، اُميدوار ٿِي رههُ،
�هِت هُت يقين ڄاڻج، آهيان اِمام تنهنجو.
�تون آهين اَصل اسان جو، آهيون اسين سٖي تنهنجا،
�آهي قبول ڪُلِي �سچو� ڪلامُ تنهنجو.

ڪافي 9
ڏي دلاسو دوست هن کي، اَصل تنهنجو آهه، ميان!

هِت ٿِي گُذاريان ڏينهڙا، سانولَ اوهان جٖي ساءِ، ميان.
غصو نَه ڪر غمناڪ سان، نا ته حالَ هِنَ هاءِ هاءِ، ميان.
دلبر اوهان جٖي در بنا، جاني نه مُون ٻِي جاءِ، ميان،
جنهن کي نه تنهنجي دوستي، آهي اُنهيءَ واءِ واءِ، ميان.
ڏسِي اسان جو حالڙو، تون پير اسان وٽ پاءِ، ميان،
پاڄِي وٺي هيءُ پانهنجو، لالَن پنهنجي ڳل لاءِ ميان.
مطلب اهو محبوب ڪر، طالب نه هيئن تَرساءِ. ميان،
آهي دم اسان ديدارَ جو، ڪنهن وار تون ورساءِ، ميان.
راتو ڏينهان هُو تا تنهنجِيون، ڳالهيون ويٺو هِت ڳاءِ، ميان.
نيڻ کَڻُ نالي ڌڻيءَ جي، هي سگ �سچو� سَرچاءِ، ميان.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: