Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am


داستان ٽيون
1
ڪِي جو لِکيائين، سو مُلان وڃِي واچيو؛
هڪ سِٽَ پڙهيائين، ٻِيءَ سِٽَ سُڏڪن ۾ پيو.
2
ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو؛
پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنهن مطالع نه ڪيو.
3
کوليو ڏئي خطُ، آيس جو عجيب ڏنهُن؛
روئي اکين رت، ڪري مطالع من سان.
4
پُرزو پڙهڻ آئيو، اُٿي مُلان مَسيت منجھاءُ؛
سُورن سندو ساءُ، آيُس سَڀڪنهن سِٽَ مَون.
5
هِڪ سِٽَ پڙهيائين، تنهن ٻِي واچڻ نه ٿئي؛
اِئين اُتائِين، ته هيءَ ڄَر ڄيري نه جھليان.
6
نامٖي مَون نِروار، ٿِي هيءَ ڄَرَ ڄيري سَندي؛
تنهن پَلڪ پڙهڻ وارَ، ٿيو سَڙِي ڪارو ڪنگرو.
7
رقعٖي منجھان رازُ، مڙيوئِي معلوم ٿيو؛
تنهين منجھ نيازُ، طرحين طَرح لِکيو.
8
پهرينءَ سِٽ سَماءُ، ڏنو واچِيندڙ کي؛
اُنِهيءَ خطَ منجھاءُ، ڄِڀِيون ڄيري ڪڍيون.
9
ڏوڙو ڏک پيوس، پَنٖي جي پَڙهڻ سان؛
وچئون ساهُ ويوس، هَي هَي ڪندي ڪاڪيون.
10
جو نامَن منجھ لِکيو، سا هُئي ڄيري جِي ڄَر؛
منجھَون سڀ شَهر، واچيندڙ ڪونه لَڀي.
11
پَنو ڪيرُ پَڙهي، جو پُڻ مُڪو سڄڻين؛
لکيو منجھ لَڙهي، متان ٻُڌندڙ ٻُڏِي مَري.
12
واچيو جنهن ورقُ، جو پُڻ لکيو سَڄَڻين؛
سو ڄَڻ ٿيو غرقُ، دردن جي درياهه ۾.
13
سگھي ڪيرُ پڙهِي، هو جو نامو نِيهَن جو؛
سِرئون سِر چڙهي، موجَ مٿو تنهن ناهِ ڪو.
14
وٺِي خطُ هليو، ساٿِي سلامن جو؛
وچَ ئي منجھ جھليو، ورههَ ڪُوڙيو واٽ تي.
15
وٺِي هليو خطُ، پانڌي پار پرينءَ جي؛
روئِي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.
16
آلو هُيڙو عشق جو، سو ساٿيءَ ساڻ نِيو؛
اُهو کامِي پاڻ پيو، جو هو خونِي خط پِرينءَ جو.
17
هُن ڀانيو نامو، پر شعلو هُئَڙو شوقَ جو؛
جِندُ سارو جامو، تنهن جو سڀ سڙِي پيو.
18
پِريَن ڏانهه نيو، تنهن ڪو خط خَبَر جو؛
پڙهندي ڏسُ هِنيو، تنهن ڦڙڪندي ڦاٽِي پيو.
19
ڪو نامو نيهَن نِئين، پِريان سندي پارَ ڏي؛
هَلٖي ساڻ هِئين، مانَ اُنهن کي ارمان ٿِيئي!
20
رهبر روانو ٿيو، پريان جي پارَ ڏي؛
شَل پهچي پَروانو، سلامت کي سَڄڻين!

ڪافي 1
اوري ڪانگَلَ آءُ،
کِيئن جِي خبَر ڏي ڪاءُ!

پريان سَندي پارَ جو، لهي اچُ سَماءُ.
ڳالهِن تنهُجِن مؤَن سَريرَ کي، اچي منهنجي ساءُ.
مُنهنجو ٿئي هِت ڪينڪِي، ٻاجهون هوتَ هَلاءُ.
سُورَن ڪارڻ سُڻ ڙي ساٿِي، جيڪُس ڄَڻيم ماءُ.
�سچو� دوستَن جي دَرَ جو، اَصلون آهه غريب گَداءُ.

ڪافي 2
اَڄ سَڄَڻ پاڻ اِيندئِي،
جَن لَئٖي نِهاريَئٖي ٿي واٽان!

مَتان لاهين آسرو، حال ڀائِي اچِي ٿِيندَئي.
عجيبن جي اچڻ جون، مُبارڪون ڏيندَئي.
پَکا پَکن سامُهان، آڻي دوست اَڏيندئِي.
مَتان ماندي تون ٿِيئين، گوشي پاڻ گَڏيندئِي.
توکي ڄاڻِي پانهنجو، �سَچو� ڀاءُ سَڏيندئي.

ڪافي 3
پانڌِي پيغامَ پُهچاءِ، مُنهنجا محبن کي، ميان!

اَکَڙين کي اصل ايڏنهن جو، وڏو اوسِيڙو آههِ.
ڏاها وڃج ڏيههَ اُنهِيءَ ڏي، جاتي جانِبَ جاءِ.
اَداڙي ساٿِي پارَون اسان جي، پاندُ ڳچيءَ ۾ پاءِ.
راتو ڏينهان آهي ڏهاڙيون، هِنيَڙي کي هاءِ هاءِ.
دوستَن سَندي درَ جو، اَصلَون �سچو� سگ سَڏاءِ.

ڪافي 4
منهنجا واقفَ يارَ،
سدائِين تون جِيئندين!

راتو ڏِينهان روح منهنجي کي، تنهنجِي سارَ سَنڀارَ.
تُحفو هِن کي آهي اهوئِي، تنهن جي پيرن جِي پيزار.
اَچڻَ اوهان جٖي جِي ويٺا وِجھَايون، فقيرن کَون ڦار.
ڳالهيون سَنديُوَ ساريو، �سَچوءَ� کي اچي ٿِي اُڇنگار.

ڪافي 5
ياد مونکي اُهي آيون، وو
يارَ ڪَيئِي ڳُجھِيون جي ڳالهڙيُون!

اوهان جي ڀِي، وو، اَچڻَ جون، ٿيون وَري هتِ وايون.
دردمنديءَ جي، وو، دِل کي، وِرهَ وڃي ڪِي لايوُن.
نانوَ سائِينءَ جي سُهڻا سائين، چِتُ نه وَڃُ مُون تان چايوُن.
آءُ تا ڏينهَڙا گڏ گذاريون، هِت ويٺا وِرهَ وَسايون.
ڏوهَن �سچوءَ� جن ڏي نه ڏسو، هِت ٿا سَندَوَ سَڏايون.

ڪافي 6
پورَ پِرينءَ جي هَي ماريان،
عِشق سَڄَڻ جي چاڙهيان!

دوست بنان درماندِي، دَمُ هِتي ڪِيئن گھاريان.
سِرُ سَڄَڻَ تَون صدقي، واريو آءٌ واريان.
ڳالهيون ڳُجھَ اَندرَ جون، آءٌ پِرين سان پاڙيان.
سِگھو موٽِج سپرين، ڏهاڙيُون ويٺِي نهاريان.
محڪم محبت وِڌيُون، جاڙيءَ مٿي جاريان.
هو جي ڪَيَم پاڻ سان، ڳالهين اُنهنِ ڳاريان.
مَجلِس محبوبَن جِي، ساعت ساعت ساريان.
�سچيڏنا� ساهڙَ ريءَ، ڏَمَ مِڙيئِي ڏاريان.

ڪافي 7
ٻن جِيَڻ مُنهنجو جيڏيون، سُکَ ڪيها سَڄَڻ ريٖ!

سُکَن وڌيَس سَرتيون، آءُ پِريَن کانءُ پَري.
ڏُکَ چڱيرا دوستَ جا، جي قادر ڪَرم ڪَري.
سوئِي عاشق ڪوٺجي، جو محبت مَنجھِ مري.
ڪاڪيون مون کي ڪِينڪِي، ٿي ساجَن ريءَ سَري.
جيڪا اَديون عشقَ جي، آئِي هيٺ اَري.
تَنهن جان جُثو قربان ڪَيو، زُدَون مَنجھ ذري.
�سچو� سوز اُنهن جي، ڳاري منجھ ڳَري.

ڪافي 8
هوت ڪڏهن هِت اِيندو؟
ڪَههُ ڪانگا ڪَل ڏي ڪا!

چئه ڪِي ويهَندو هتهين، ڪِي ساڻ نماڻِي نيندو؟
هيڪندِ اَچي هوتُ مُون، هِن ٿَڪيءَ سان ٿيندو.
پاڻُ پنهنجو سُپرين، ساڻ غَريبِ گَڏيندو.
پَکا پاڄاڻين کي، اوڏا يارُ اڏيندو.
هوتُ پنهنجا هَٿڙا، هن ڏکيءَ کي ڏيندو.
سَنگَت پنهنجيءَ سُپرين، �سچوءَ� کي به سڏيندو.

ڪافي 9
زار روئِي ڪيم زاري،
دوستَ ڙي توريءَ تا نه سَري.

محبت تنهنجي، وو، ڪِيَس مستانِي، بارُ بِرهُ جو باري،
دوستَ ڙي چَوي لوڪ چَري.
هِن بنديءَ کي، وو، بخش بلوچا سائين، هوت اَچِي هڪ واري،
دوست ڙي سَندءِ ذوقَ ذري.
مٖيلائي لَڳي، وو، محب اَوهان جي، واجھ وجھي ويچاري،
دوست ڙي وڃان تا مَ مَري.
آهي مِڙيوئِي، وو، توکي معلوم سائين، حال حقيقت ساري،
دوست ڙي وڃ مَ يار وري.
جيڪِي آهين، وو، سو تا تون هين سائين، حڪم سندءِ آهي جارِي،
دوست ڙي پِيڙَم خبَر کَري.
�سچو� آهي، وو، اَوهان جو سائين، ڏجو تنهن دلداري،
دوست ڙي وڃن ڳَچَ ڳَري.



Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: