Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو   شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 5:00 pm

داستان پَھريون

1
ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛
ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
2
مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛
مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!
3
مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا.
4
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.
5
سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.

داستان ٻيو
1
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
2
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
3
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛
ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين.
4
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
5
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.

داستان ٽيون
1
ڏِٺو ڪـالَھ ڪَـنھِين، جُھونجھارِڪـو جَھـڳِڙو؛
ھـاٿِيُنِ ھَڏَ مُڇـائِيا، ريلو رَتَ نَـئِين؛
ڀانـئِنِ سـا سَنئِين، جِئـان جِيءُ جوکو ٿِـئي.
2
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
3
ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.
4
بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛
وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛
ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
5
ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛
گھوٽَنِ ۽ گھوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
6
گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.
7
جِھمَندِيُون اَچَنِ، جھوليُون جُھونجھارَنِ جُون؛
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.
8
”ڪانڌَ! ڪَلارين ڪَپڙين، وَرَ! وِناھِيو آءُ؛
جِتِ سانگِيُنِ جِي سَٽِ وَھي، اُتِ وِکَ وَڌندِي پاءِ؛
نان تان ڀَؤ مَ ڀاءِ، جان جان نُوڌين نه چَڙِھِين.“
9
’ڀَڳو‘ آئوُن نه چَوان؛ ’مارِيو‘، ته وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
10
مُنهَن مَٿاھان جن جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پاَر؛
”جيڏِيُون! ھِنَ جُھنجھارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪَيا.“
11
مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!
ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا.

داستان چوٿون
1
ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛
عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي.
2
جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن.
3
ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛
پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَہُ وَرِ پِيو؛
سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو.
4
ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛
”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.“
5
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
6
پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛
”ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي!“

داستان پنجون
1
حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛
ساڙيہ شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛
يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟
2
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ هو؛
ڀيڙو ڀيڙو پَنهنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛
آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان؟
3
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نه ھُوَنِ؛
پِڙَ تي سيئِي پُوَنِ، موٽَڻُ جنِين ميھِڻو.
4
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَر جو پائي؛
اَڃا اُنَ کي جِئڻَ جو، آسانگو آھي؛
سُورِهُ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻِ گِھڙي.
5
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
6
حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛
”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.“
7
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَّ کي، اَزَلَ ۾ اَصۡلا؛
چَڙھِي آئِيو جَنگِ تي، ھلِي ھُنَ پارا؛
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: ”گھورِيُسِ آن مَٿاءِ“؛
”لَا يُڪَلِّفُ اَللهُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَهَا“، جيڪا پُڄَندِيَمِ سا؛
گھوٽَ به لڳا گھاءَ، سر پڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو.
8
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛
جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهيو مِيرَ حُسينَ جو.
9
ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
10
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.

داستان ڇھون
1
ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛
مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛
ڳاهُ ڳِجُھنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِهَ ٿِيا.
2
ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُھنِ رانـئِيو؛
وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
مُهاَينِ وَھُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون.
3
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛
سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛
”يُجَـاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِھو ئِي ڪَنِّ؛
حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِهرا شَهِيدَنِ کي.
4
جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا ’فى اَللهَ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
5
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
6
حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نه ھِنئَڙي جارُ؛
خالِقُ، رَبُّ جَبَّارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪيڏارو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سهڻي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ديسي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر حسيني
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر معذوري

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: