Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مومل راڻو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مومل راڻو   سچل جو سنڌي ڪلام  - مومل راڻو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:47 am


داستان پھريون
1
آءُ راڻا ڏي رَنگُ، موٽِي ڪاڪ ڪَنڌن کي؛
لاھجِ لَڳِ خداءِ جي، ذرو پُرزو زنگُ؛
ناميان پاڙج ننگُ، مھڻي ھاب مَتان ڪَرين!
2
مومَل مِھڻي ھابُ، راڻا ڪر نه راءَ تون!
جوئِن کي جوابُ، مرد نه ڏين مينڌَرا.
3
مون کي مِھڻي ھابُ، ڪَيُئي ميان مينڌار؛
ڪَر نه خان خرابُ، ڪامِل ڪاڪ ڪنڌيُن کي.
4
ھِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، مرد نه ڇڏن مينڌرا؛
تو پُڻ پرين پوءِ، ڪوہُ لڄايو ڪاڪ کي!
5
ھِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، ڇَڏن ڪِين جوانَ؛
اُھي ڀِي انسانَ، جي ننگَن تي نِثارُ ٿيا.
6
آءُ راڻا رَنگُ لاءِ، موٽي ڪاڪ ڪنڌن کي؛
نامِيان ناءِ خداءِ جي، پير وري ھِت پاءِ؛
سوڍا سَنديئِي ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگَ اُڏايان.
7
آءُ راڻا رکُ رازُ، مون ھِن نماڻيءَ سان؛
توکي ڪريان ڪيترو، ناميان نَر نِيازُ؛
جو ٿي ڪَيَڙم نازُ، تَنھن مِھڻي ھابُ ڪري ڇڏيو.
8
مون تَؤن مِھڻو لاھ، موليٰ ڪارڻ مينڌار؛
تون تا صاحبُ آھيين، ھيءَ ڏوھارڻ ڏاھِ؛
توڙي ٿِيس بيراہِ، ته ڀي ڳَل تنھنجي آھيان!
9
ڏي ڪو رنگُ وري، ڪامل ڪاڪ ڪَنڌِن کي؛
مُنھن ڏيکارج مينڌار، وڃان تا نه مَري؛
بَخِشج ذوقَ ذري، مِھڻي ھاب مَتان ڪَرين.
10
چَڙھنديسانءِ چِکي، نه ته مُنھن ڏيکارج مينڌار؛
آندو مون کي ھِتھين، ڪَنھِن لارَ لِکي؛
چاڙھيو مون کي ڏاگھَ تي، تُنھنجي عِشق تکي؛
مَرُ ٻيو ڪو سِرُ سِکي، اُنھيءَ جي اولاڪ جو.
11
ھِي جو ٿِيَڻو ھو، سو اَکَرُ ميٽِيندو ڪونڪو؛
ھِيرو زھرُ زبانَ سان، ھِن ڳالھيين کِيَڻو ھو؛
نا ته پاڻَئؤن پِھَڻو ھو، مون کي زير زمين جي.
12
ڏکُ نه ڏيڻو ھو، تو مون کي مينڌرا؛
ناميان پنھنجي نَنگَ کي، تو نيبہ نِيڻَو ھو؛
زھر پيالو پُر ڪري، مون کي تڏھن پِيڻَو ھو؛
جِي نه جِيڻَو ھو، مان کؤن ھِنَ مِھڻي وري.
13
سوڍل سِڪائِي، آءٌ پُڻ گھڻو آھيان؛
راتو ڏينھان تانھنجِي، واتِ مون کي وائِي؛
ڪَر اُھا ڪائِي، جو ڪارَنھِ لَھي ڪاڪ تَؤن.
14
ميان آءٌ ماري، ڏاڍي ڏنوَ ڏھاڳَ جي؛
مِھڻي ھاب مَتان ڪرين، ته ڪاڪِ نه ٿئي ڪاري؛
ڪر سوڍَلَ سَتاري، ڏوھَن ڏي نه ڏِسيج تون!
15
آءُ سوڍا ڪر سَچُ، لاھي مُون تَؤن ھِي مِيھڻو؛
جھيڙو جھڳڙو نِڪري، مون مَنَ اَندران مَچُ؛
الله ڪارڻِ اَچُ، ماڳَ وسائِج مينڌرا!
16
اچين جي اوطاقَ، مُنھنجي ميان مينڌرا؛
ته عيبن کَؤن آجِي ٿيان، ڪوجھِي ٿئي نه ڪاڪَ؛
ھيرَ اِھا ھيراڪَ، مَتان مَٽئين مينڌرا.
17
موٽَڻُ مَرڪ نه تنھنجو، ھو سوڍَلَ سياڻا؛
وسائِج وِلِھيءَ جا، ڀينگَ پِيَلَ ڀاڻا؛
پَري ڪري پاڻا، مون کي ماريئِي مينڌرا.
18
آتَڻ اُجھائي ھَلِي، پِريَن پُڇاڻو؛
ڪِين گھٽايو گھوٽَ سان، پِرتِ ھِن پاڻو؛
ظاھر زالاڻو، پر باطن بِرھ بلي ھُيو.
19
ڪاتِيءَ ريءَ ڪُھِي ڇڏيو، راڻا تنھنجي رَنجَ؛
سُکؤن ۽ سَھنج، سوڍا ساڻ کَڻين وئين.
20
سوڍا ھِن سَڙيءَ جو، لَھِي وڃُ سماءُ؛
ويرن وڌو وچَ ۾، آھي ويرُ وڌاءُ؛
مون تي لڳندو ڪونڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ؛
ھيڪَر ھيڏي آءُ، ته پِيرولي پَڌر ٿئي،
21
ڍوليا تو لئه ڍَٽَ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻِي؛
راتيو ڏينھان اوتيان، پنبِڻيُن مان پاڻِي؛
لَٽا مون لِيڙون ٿيا، ھيءَ پوتي پُراڻِي؛
ته به راڻي جي راڻِي، سَرتيون سَڏن ساڻيھَ ۾!

ڪافي 1

آءٌ تا روز روئان ساريون،
سوڍا تُنھنجِيون، وو، ڳالھڙيون ڪيتَريون!

ٻُڌي ورج، وَلھا، زور منھنجيون زاريون.
سِڪَ سَنديَوَ ڪَيون، جِيءَ اندر جاريون.
راڻا رُسَڻ تانھنجي، ڪُوڪان ھِت ڪاريون.
ويٺِي ڳَرھيان ڳالھڙيون، ھَنجون ھِت ھاريون.
جيڪي جايون جِيءَ ۾، وِرہ تنھنجي واريون.
�سچو� سَھندا سُپرين، عاجِز جِيون آريون.

ڪافي 2
حالَ منھنجي ھاءِ ھاءِ،
تو ريءَ لَھَن ھِي ڏينھڙا!

آھي ھن اَحوال تي، وَلَھا تان واءِ واءِ.
دوستَ تنھنجي ديسَ جي، اُڪَنڊ اَسان کي آہِ.
ڏِسيو ڏھاڙِي روئان، جاني تُنھنجي جاءِ.
ڪاڪ نه لڳي ڪَس مون، سوڍلَ تنھنجي ساءِ.
سوڍا سَتاري ڪري، پيرَ اَڱَڻ مون پاءِ.
درد مَندن جون دانھڙيون، والِيءَ لَڳِ ورناءِ.
سوالَ �سچوءَ� جا سُپرين، تون لالَن دل سان لاءِ.

ڪافي 3
مينڌرا، آءُ ميان، ھِت ويٺي ڪانگَ اُڏايان!

تو ساريندي سُپرين، ھِت سوڍا ساہُ ڏيان.
راڻا رتِي راز جِي، ڪا جا آھي ھِيان.
ڪامِلَ ڪَنڌيءَ ڪاڪ جي، آءٌ جانِي ڪيئن جِيان.
شال اوھان جو اَڳتي، �سچو� نِيھُن نِيان.

ڪافي 4
راڻي سندو رازُ، مون سان ڪيڏوئِي آھي!

ڪاڪيون آڏو ڪانڌ جي، نٿو وڻي نازُ.
ٻانھان ٻانھِن جان ٻَڌي، ڪَرڻ نِت نيازُ.
ھي ھي آھي حُسن جو، ماريُون، غَمُ غَمازُ.
�سچو� پِرڀائِڻُ پِرينءَ جو، آھي ساڻُ ايلازُ.

ڪافي 5
مون کي تنھنجي سارَ سنڀار، وو،
ڇَڏ رساما تون، آءُ منھنجا يارَ، وي!

ڏوہُ نه ڪوئِي تو ڏيان، آھي مون ئِي سِر مَيارَ.
سِڪَ سور اخان مون ڪيا، ھِينئڙي مَنجھِ ھزارَ.
موٽُ مَران ٿي مينڌرا، بِرھِي چاڙھيئي بارَ.
ويٺي ڪري ڪاڪ ۾، ھيءَ ويچاري ويچارَ.
�سچو� سي ئِي آئِيا، جي دل گھُريا دلدارَ.

ڪافي 6
منھنجو سوڍلَ سارئِي ساہ، وو،
راڻا رُسامَن سان ماريئِي!

ويٺِي ڪَڙھان ڪاڪِ تي، آڻيندوءِ الله.
ھِن مُئِيءَ جو مينڌرا، توکي ڪيھو پَرواہُ.
سندو اَچڻ تانھنجي، روز نھاريان راہُ.
گھَڙي اوھان جِي ٿِي گھُران، چت اَوھان جو چاہُ.
مِھر مَٿو تو ناہِ ڪو، جيڪُس منھنجو بَخت سياہُ.
ڪوڏئون قُربانِي ڪري، �سچو� ساہُ پَسَاہُ.

ڪافي 7
پئِي پيش پرينءَ کي پاڻَ،
آءٌ چونديَس ھَلِي حالُ ھي!

تو تَؤن آھي مينڌرا، ڪاڪ سارِي قُربان.
دل کي ديوانو ڪيو، ٻھڳڻ تنھنجي ٻاڻَ.
نامِيان ڏِسجِ ننگَ ڏي، آءٌ تا ٿِيسِ اَڄاڻَ.
آندم ھيٺِ عتابَ جي، مون کي پنھنجيءَ ڄاڻَ.
�سچوءَ� سَندي ساھَ کي، تانگھ ايڏاھِين تاڻَ.

ڪافي 8
مون کي ڪانڌَ بنا ھيءَ ڪاڪ،
ڪوڙي آھي، نِي وو، ڪاڪيون!

سوڍلَ ٻاجھون سرتيون، ھيءَ مَري ٿي مُشتاق.
منھنجو ساہُ سُڌير ٿئي، اَچي جي اوطاق.
سَڦري آھي سونَ کَؤن، خاصِي ڍَٽَ جِي خاڪ.
سُڌ اَچِي لَھُ تَنھن جِي، جا چُور ڪَئِي چوطاق.
وِجھي ويچاريءَ ويو، اَديون ڙي اولاڪ.
تَنُ �سچوءَ� جو عِشق اوھان جي، چِيري ڪَيَڙو چاڪ.

ڪافي 9
آءٌ تا ڏيھاڙيون، زارو زارُ، ساريو روئان ٿي ھت ڳالھڙيون،
گھڻيون گھڻيون!

ڪڏھن ھُئڙوَ سُپرين، پاڄياڻيءَ سان پيارُ.
ڪامِلَ آھِيان ڪاڪِ کَؤن، تو بِنا بيزارُ.
اِيندو ھئين اَڌ رات جو، ڪاھي ڪَرہُ سوارُ.
ماري مون کي مينڌرا، وَلَھا ھِيءُ ويچارُ.
وَسي تنھنجِي ورہَ جو، بادل ھِت بِسيارُ.
ڏسي وڏ وڙائِي تانھنجِي، ھو ڏکِيءَ کي ڏھڪارُ.
�سچو� سگ اوھان جو، تنھن ڏي نيڻَ کڻو نِروارُ.

ڪافي 10
وَلھا ورِي آءُ،
مون کَؤن موٽُ نه مينڌرا!

ميان مون سَان نه مَٽين، سوڍل سائين ساءُ.
رکي شريڪت شانِن سان، ھيءَ ڪميڻِي ڪاءُ.
ھو جي اَچي ڍٽَ ڏنھُن، وَڻي اُھو مون واءُ.
ھَي ھَي ھِن حالَ جو، لَھُ سائينءَ لڳهِ سَماءُ.
�سچو� ڪنداسي سِگھڙو، پاڻَؤن ڄاڻِي پَرچاءُ.

ڪافي 11
اَڙِي جيڏيُون منھنجو جِيئڙو، وٺيو سَڄَڻ وڃي!

چَرخي مُنا تاڙيون، ڀينَر سَڀڪائِي ڀَڃي.
درد منديءَ جِي دل اھائِي، مَت نه ڪَنھنجَڙي مَڃي.
طَرف تُنھنجي يارَ �سَچُو� ري، سوز نه پنھنجڙو سَڃي.

داستان ٻيو
1
ڪاڪِ پُڇندا ڪاپڙي، ويا اَڌو ٻَنڌ؛
وڃي رسيا اُنَ ھَنڌ، جت �مون تون� آھي ڪانڪا.
2
ڪاڪ پُڇندا ڪاپڙي، وڏيءَ ويلَ وِيا؛
لُڊاڻون لَنگھي ڪري، ڪنھن پَرئين پَنڌ پيا؛
اُتي ٿاڪِ ٿِيا، جِتي �مون تُون� ھَڏنھن ناہِ ڪا.
3
لَنگھيا لُڊاڻو، آءٌ ڪاڪِ ڇَڏيائون پوءِ تي؛
تاتي وڃي رَسيا، جاتي مومَل نه راڻو؛
نَڪا مَسجد تَڪيو، اُت نَڪو ٽِڪاڻو؛
تاتي ٿِيُن ٿاڻو، جِتي �مُون تُون� ناھِ ڪا.
4
ڪاڪِ لُڊاڻو لَنگھيا، اَڄ لاھوتِي لال؛
اوري ھَڏ نه اَٽِڪيا، ٿِيا پِرئين خيالَ؛
حدون ڀَڃي ھليا، جن کي حَد ڀَڃائِي حالَ؛
تن سُرت نه ڪا سَنڀال، وڃي ويجھا ٿيا وصالَ کي.

5
ڪاڪِ نه وِيا ڪاپڙِي، نَڪِي لُڊاڻٖي؛
نَڪِي ڍريا ڍَٽَ تي، جِتي رنگ رکيو راڻٖي؛
اُھي مِڙئِي نابود ٿيا، تَن سامِن ساماڻٖي؛
ٿاڪ ٿيا ٿاڻٖي، جاتي �مون تون� ناہِ ڪا.
6
ھِيءَ ڏوھارڻ ڏاھِ، تون ڍولِيو ساري ڍَٽَ جو؛
ڪامِلَ تِکو ڪاڪِ تي، چَڙھِي ڪرھَلُ ڪاھِ؛
کاڻيون ڪَنڌيُون ڪاڪِ جِيون، ٻِي لَڳي باغَن باھ؛
اِھو مُون تَؤن مِھڻو لاہِ، ڪا مِھر پويئِي مينڌرا.
7
چڱِي ڳالھ چَوانءِ، سا سُڻ ميان مينڌرا؛
�آءٌ تنھنجڙِي آھيان، تون منھنجَڙو آنءِ،
�ھيءَ نِڌر تنھنجي نانءِ، آھي وڪاڻِي وَلھا.�
8
ولھا وڪاڻِي، آءٌ درِ تنھنجي آھِيان؛
تُنھنجي ڏسَ ڏھاڳَ ڪئي، ھيءَ نامِيا نماڻِي؛
ھيءَ مَرئِي ٿي ھاڻِي، تنھن مُنھن ڏيکارج مينڌرا.
9
مومَلَ ماڻڻ ھليا، ڪاپڙِي ڪَل دارَ؛
وچ ۾ آتش دودَ جا، آيَن بُھت بُخارَ؛
ڪي سَڙيا تنھن سوزان ۾، ڪي نَر چَليا نِروارَ؛
ماڙِي ڏسي ڀَنڀلِيا، خود کَؤن خَبردارَ؛
ڪي ويا ماڙيءَ کَؤن نِڪري، پِرت نه جِت پَچارَ؛
نَڪا صورت اُتھين، نڪا تارَ تنوارَ؛
نَڪو ڏسڻ وارو ھو، نڪا سُرتِ سَنڀارَ؛
تَن تي چَڙھِي آئيا، بيخُوديءَ جا بارَ؛
ڪين ڏٺائون ڪاٿَھين، روءِ نَڪا رُخسارَ؛
�اَلانَ ڪَمَا ڪَانَ� تَحقِيقاَ تَڪرارَ؛
لَٿا شورَ شُمار، ھَمَہ تا حَقُ ٿيو.

ڪافي 1
تو ڏي ھُيَن ڪا تياري،
اِجھي اَڄُ سي اِيندئِي، ميان!

رکج وڏو آسرو، جي تو محبت ماري،
اُھي نال ته نيندئِي، ميان.
اَچِي اَڱڻَ تانھنجي، ڏيندئِي سي دلداري،
سَنوان طالِع ٿيندئِي، ميان.
وڻي گھَڻي يارَ کي، زور نه زيادہ زاري،
وري پوءِ نه ويندئِي، ميان.
آھي ھَٿِ حَبيب جي، ڳالھ �سچوءَ� جِي ساري،
ڏاڍا ڏاڻ سي ڏيندئِي، ميان.

ڪافي 2
ھيڏي اَچَڻ جِي آھ، ڙِي، پانڌي يارَ پِرينءَ کي!

پِريان رِيءَ پَرديسَ ۾، آھي اَسان سان ھاءِ ھاءِ، ڙي.
وِھَڻ ڪارَڻ يار سَڄَڻ جي، چِت ۾ جوڙِيَم جاءِ، ڙي.
پوٿيون ھِت پٽايان، لَکَين لالَن لاءِ، ڙِي.
سِڪ سَڄَڻ جي ساہَ ۾، ساٿِي تا نه سَماءِ، ڙي.
سالَ �سچوءَ� کي آھي ئي، دوسن جِي واءِ واءِ، ڙي.

ڪافي 3
رويو حالُ چوان، اَلا! جي اَوٺِي آيَم اوڏاھون!

پايو پاندُ ڳچيءَ ۾، آءٌ پيرين تَن پَوان.
سَرتيون اِنھيءَ سوزَ جِي، ناھي سُڌ اَوھان.
سُکن مَٿي ڪينڪِي، آءٌ مَٿيان سورَ سَنوان.
سَڄَڻ سَڄَڻ ٿِي ڪريان، ٻيون لاتيون ڪِين لَوان.
جوشَ تَنھن جا جان ۾، مون کي آھِن نِتُ نَوان.
�سچو� اکڙين مان ٿِيا، ريلا رتَ روان.

ڪافي 4
پِرين مُنھنجي اڱڻ، الله توکي آڻيندو!

اَچڻ سَندي اُن جي ٿينديون واڌايون، مبارڪَ جَڳُ ڏيندو.
وري وسائج پنھنجِيون جايون، ٿورو مون تي لکَ ٿيندو.
ڀَلو پنھنجا ھٿڙا ڪري ڀلايون، لِڱِين مون لائِيندو.
خَبران کِيئن جون اَسان ڏسي آيون، توکي پِرين ساڻُ نِيندو.
ويو فِراق فَنا ٿي وصلَ ٿيون وايون، �سچو� نانوَ سَڏيندو.

ڪافي 5
آئين سو ڳالھ سُڻائين،
وَنھيا ڪانگَل، تون ڀَلِي آئين!

خط جو آندوئِي يارَ سَڄَڻ ڏھون، ھلِي سو نال پَڙھيائين.
آءُ ته جوڙيئين جاءِ اکين ۾، اَڄ اوڏاھون آئين.
سِگھڙو سِگھڙو آءُ اَسان ڏنھُن، ڏينھن گھڻا ڇو لائين.
اَچو اَچو تون ڇو نه اَچين ٿو، محرم راز رلائين.
نانوَاَلله جي يارَ �سچوءَ� کي، محبن ساڻُ مِلائين.

ڪافي 6
وعدو ڪِيئن وساريُوَ،
ڀَلا سائين، ڪيئي ڳالھيون ڳالھيون!

اَسان نماڻن سان يارَ پيارا، ڪو ڏينھن مانَ گُذاريُوَ.
ڏکَ ڏيئي وَئين اڳي کَؤن اَڳرا، وري نه پوءِ نھاريُوَ.
ھيڏانھن ھوڏنھن ڇِني اَسان کي، پنھنجِيءَ ڪَڍَ قطاريُو.
آتڻ چَرخو ويٺي چوريُم، ڏيئِي سو عِشق اُڏاريُوَ.
سڀ ڪنھن ساعت سانول سائِين، �سچوءَ� ھِت سَنڀاريُوَ.

ڪافي 7
جو تو پير ڀَري آئين،
تنھنجي ٿوري ھڪ نَٿِي پُڄان... اَلا، ميان!

عاشقَ ھِتي لَکين ھزارين، لَئون اسان ٿو لائين.
عَيب اَسان ۾ آھن اَپارين، اِھي ڀَلا ڪيو ٿو ڀائين.
ڏوہَ ڏنگايُون ڏسي اَسان جون، چِتُ نه اَسان تَؤن چائين.
راتو ڏينھان يارَ اَوھان جا، ڳُڻَ �سچو� ٿو ڳائين.

ڪافي 8
اَڙي اَلو اَلو، رانوَل آيو راڄَ ۾!

ويَڙا سورَ سنڌو ڪري، اَڄُ ڀينَر ٿِيَڙم ڀَلو.
جنھن ساعت گڏيا سُپرين، سا ساعت ڪنھن نه سَلو.
ڳالھ نه ڪريو ڪا ٻِي، ھاريون اَوھين ھَلو.
ڏھاڙي ڏسڻ کَؤن، وارُ نه پَوندو وَلو.
اَصل آھي اُنھن سان، روحَ منھنجي جو رَلو.
�سچو� گڏيو سَڄڻَنِ، کَرَن لَڳو کَلو.

جھولڻو
جاني آءُ ڙي جاني، ميان،
آءٌ تا روز پُڇان ٿِي پانڌيؤن.

تنھنجي اَچڻ ڪاڻ ھِت، پوٿيون ٿِي پٽايان،
سَنجھي صبح سَرتيون، ٿِي پانڌي پُڇايان،
ڏاھا تنھنجي ڏيھَ ڏي، ٿي ڪانگلَ اُڏايان.

پِرين تُنھنجي پارَ ڏنھُن، اچي قاصد جي ڪوئِي،
حالُ سڻايان پانھنجو، تَنھن رھَبر کي روئِي،
جانِي جال اسان جي ھاڻي ھجر ۾ ھوئِي.

دلبَرَ تنھنجي ديس ڏي ٿِي ڏسان ڏيھاڙيون،
نانؤ تنھنجو سُپرين اَسين وَس نه وساريون،
ڳچيءَ پائٖي ڪپڙو زور ڪريان ٿي زاريون.

اُٿيٖ ويٺي اوتيان، آءٌ پنبڻين مان پاڻِي،
اَچي ڏِسج سپرين تون، حال منھنجو ھاڻِي،
درد مَنديءَ جي دل ۾، تنھنجي سِڪَ تا ساماڻِي.

تاڪَؤن سَڄَڻ تانھنجِي ھِينڙي حيرانِي،
ڏيئِي ڏکيءَ کي وئين تون نِيھُن ته نِشانِي،
سدا �سچو� آھي، ميان، تُنھنجي ڳِچِيءَ ۾ ڳانِي.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مومل راڻو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سنڌي پورب
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: