Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سارنگ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سارنگ   سچل جو سنڌي ڪلام  - سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:49 am


داستان پهريون
1
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
بجلِي بادل سان، آهي جيئن سُپرم.
2
سارنگ سندا ساٺَ، سرتيون ساٺِڻَ آئيون؛
ڦيريو راڳن ٺاٺَ، وِڄُن ويس وَس ڪيا.
3
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار؛
وِڄُن ۽ وَڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار؛
اُڀي کي آبِيندي، لڌئون سِنڌُڙِيءَ سار؛
ساوا ٿيا سَنگھار، موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان.
4
موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان، ساوا ٿيا سَنگھار؛
ڏَلهٖي ڇڏيو ڏُٿ سان، ڏوٿيين ڏِيار؛
ترايون تجل جون، ٿيون تارون تار؛
سَو راهين سنوارَ، صاحب سَڻائي ڪَئِي.
5
ٻَهه ٻَهه ڪندا آيا، ٻيهر ٻَڪَروالَ؛
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽَ کان، ويا ٽهِي مالَ؛
آهُن ۾ اچِي پَئِي، چونگن سندي چالَ؛
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺا جالَ؛
پَلَر سان پُسِي پيا، پنهوارن پَلال؛
جھُرِي پيون جھوپيون، جھانگيڙن آجھالَ؛
نَنگو ڪَج نه نِڌر کي، نِماڻن نَنگ پالَ!
جَنِ جا هِهڙا حالَ، تن پَرور پَت رکيج تون!
6
مِهرَ سَندا مِينهَن، شاهه وسائِين شَل!
جھُريَلَ منهنجي جھوپِڙي، بنا جھَلي جھَلَ؛
ڪاهِلِ تي ڪَهَلَ، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!
7
وِڄُن وِکَ وَڌائِي، وَسَڻَ وَسُ ڪِيو؛
وَڄَڻ واڄا واه ڪيا، پَلُر پوءِ پَلِٽيو؛
�سَچا� سائو ٿِيو، سڀڪو سارنگ آئي.
8
نازڪ سندو نِينهُن، آهي اِئين جيڏيون؛
پنهنجي رائِي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينهُن؛
راز رکي ٿو ريهُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.
9
راتاڪو ريهُن سان، رِڻَ ڪيائين ريجَ؛
پَٽَن مٿان پَلٽِيون، هِيرون مَنجھان هيجَ؛
بَرن ۾ بهارَ ڪئِي، گلزاريءَ جي گيجَ؛
�سَچل� سارنگ سيجَ، سونهين ساوڪ وچَ ۾.
10
سارنگَ رنگَ ڪيا، پوياڙيءَ پَٽن تي؛
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، پَلَر پِي ڍيا؛
ڏيهان ڏرت ويا، موليٰ سنديءَ مِهرَ سان.
11
عالم کي آگاهه، سارنگ ڪندو آئيو؛
گُڙَ جيئن گوڙيون ڪَري، ڪاهيون اَچي ڪاه؛
وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اَچي ٺاه؛
وَسايائِين وَڏَ ڦڙو، واٽن تي واه واه؛
گلزاريون ۽ گاه، پَٽَن تي پڌرا ٿيا.
12
اَڄ پڻ پورَبَ پارَ ڏي، ڪَڪر ڪَڪوريا؛
سارنگَ سُرَ سُرائتا، ساجھُري سوريا؛
سُر منڊل ۽ سارنگيون، چَنگ چڱا چوريا؛
اُڀَ اُتي اوريا، طَبَلَ تارون تيج سان.
13
وسِي پيو وَڏَ ڦڙو، ڀِنيون ڀِٽَ ڀَريون؛
ڀَٽاريون ڀِٽُن تان، وٿاڻين وريون؛
کِيرن جو کَريون، چاڏيين ڏنئون چاه مان.
14
چاڏئين ڏنئون چاهَ مان، کيرن جون کَريون؛
وهائينديون سي آئيون، ٿَڻن مان ٿريون؛
ڀَٽاريون ڀريون، آيون وسائي وَڏ ڦُڙا.
15
والي وسائيج، درد منديءَ جو ديس؛
پِرين مون پرديس، اُٺِي اِيندم اُوڏڙا!
16
مُندون موٽي آئيون، جھُڙ جھجھا جوٽيون؛
پَلَرَ ساڻ پُر ٿيا، پوٺا ۽ پوٺيون؛
پَسِي مِينهن مهر جا، ميهيُون اَڄُ موٽيون؛
چَريو اَچن چوٽيون، وٿاڻين ولَر ڪيو.
17
والي وري تون، وطن تي وسَ ڪرين؛
مِينهن وسندي مون، سڄڻ ساريم سُپرين!
18
ديسا ديس وسِي پيا، رحمتَ جا درياه؛
گلزاريون ۽ گاه، پوٺن تي پڌرا ٿيا.
19
سارنگ سعي ۾ اَٿِي، �سچل� سستِي ڇڏ؛
مٿان ايندءِ اوچتو، هاڻ نه مُڙندءِ هَڏِ؛
اَجھاپِي ڪا اڏ، وسَڻَ کان اڳٖي وڃِي.
20
سارنگ ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا؛
پَکن پرڙا سوئيا، پِره ڦٽِيءَ پرڀات؛
پَٽن تي پڌرا ٿيا، گُلَ ڦُلَ ڀاتون ڀاتِ؛
وائِي سڀ ڪنهن وات، �سچل� سارنگ ساٺ جِي.
21
سارنگ صبح آئيو، گوڙيون ڪري گاجَ؛
هاري هَليا هاجَ، ڪُڙمين هَر ڪُلهي ڪيا.
22
ڀينر نا ڀانئيو، ته بوندنِ ڪَئي آ بَس؛
اِجھوڙِي آئيو، ورِي ويتر وترو.
23
اکين آب وهائِيو، سرتيون سارِي راتِ؛
وهائِن وڏ ڦڙو، پرچن نا پرڀاتِ؛
ڀينر کان بَرساتِ، اَکين اوتڻ سکيو.
24
هِڪ وسَڻ ٻيو وڄَڻ، ٽيون لَهي پيو سيءُ؛
جھوري وڌئين جھوپيون، ڇَن وڌائين ڇِيءُ؛
رنُن جو رڻَن ۾، واهَ وسيلو ٿِيءُ؛
حال جنين جو هيءَ، تَن پَرور رک پناهَ ۾!
25
اَول آنڌي آئي، پويان جھُڙ جھَجھو؛
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽَ اَجھو؛
ڏهيلين ڏجھو، تَن پروَر رک پناهَ ۾!
26
اَول آنڌي آئِي، پويان ٿي برساتِ؛
رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نه هُئِي باتِ؛
ويچارين ورن جي، وائِي هُيَڙي واتِ؛
مٿان وسَڻ هيٺان چِڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات؛
پِرهه ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌيٖن گَڏيون.
27
اَڄ پوربَ پار ڏي، ڪَڪَرن ڪڍيا ڪوڙَ؛
صبح ويل سويلَ جو، سارنگ لاتِي سوڙَ؛
وڄن واڄا واه ڪيا، مينگھ ٻَڌا اَڄُ موڙ؛
لوڪان لاٿِي لوڙَ، موليٰ پنهنجي مهر سان.
28
اُتَران اوري، بادل بَرسِي آئِيا؛
سُرَ سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري؛
گھوري مان گھوري، اجھو اڱڻ آئِيا.
29
اُتران اوري، ڪئِي چِمڪڻٖي چَمڪاٽ؛
اُتان ڪيائين اوچتِي، لس ٻيلي تي لاٽَ؛
منڊلَ ٿيا مَڪرانَ تي، گوڙن جا گڙگاٽَ؛
ڪَڪَرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪِي کاڌا ڦاٽ؛
وري ورتَئون واٽَ، �سچل� سائي سنڌ جي.
30
سچلَ سائِي سنڌ جي، وري ورتائون واٽَ؛
جھُڙ ڦڙ جھُلي آئِي، جھٽِڪو ڏيئِي جھاٽَ؛
وسِي پيا وڏَ ڦڙا، گھيڙ پُسائي گھاٽَ؛
لاٿِي اڃ اُساٽَ، سارنگ سنگهارنَ جِي.
31
سارنگ آيو صبر ۾، بوندن ڪئِي بَس؛
رنگا رنگِي رسِ، قَزح ڪَڍي نيل تي.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سارنگ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - سنڌي پورب

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: