Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am


داستان چوٿون
1
ڪاغَذ لکي ڪالَ، مُڪم جو محبوبَ ڏي؛
ڳالهيون سنديون حالَ، ٿِينديون پڙهڻ مان پڌريون.
2
آيو راتِ رقمُ، مون ڏي محبوبن جو،
ته �دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نه وسارئين.�
3
لکيو موٽي مُون، ڪاغذ قريبن ڏي،
�اَٿَمَ تون هِي تون، ٻئي جو ناهم آسرو.�
4
حَبِيبن ڏانهُن هِيئن، اَديون لِکجي آئِيو،
ته �تون مون سان جيئن، آءٌ تيئن تو سان آهيان.�
5
نَئون لِکيو آيوم، پِريان سندي پار ڏنهن؛
سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال هيانوَ سان.
6
جيڪر لِکي موڪليان، هَي خط هزارين؛
پڙهي مانَ مهنجا پِرين، هِي سگ سنڀارين؛
شَل وار نه وسارين، اِهو اَٿَم آسرو!
7
لکي خط مُنجان، هِي پِريان سندي پارَ ڏي؛
ته �منهنجون لک هُجان توسان آهن تو جيئن.�
8
پانڌي پَهچائي، ورُ عَريضو عجيبَ ڏي؛
قاصِد ڪونچائي، متان سورَ وجھين ساهَ کي.
9
چَئو ڪِيم تِکو، مون کي پارئون پرينءَ جي؛
سرتيون سڀ سِکو، جيڪر لائڻ لُونءَ ڙي.
10
ليلائيندو آئيو، پانڌي اَڄُ پَراءِ؛
ورتس دردَ ڌُراءِ، جو مَت وڃائي آئِيو.
11
اَڳيَئون مُحب مَٺِي، متان ڪا منهنجي ڪَرين؛
وهندو ورُ وٺي، ساٿِي خبر کِيئنِ جي.
12
وڃِي ڏيهه ڏٺو، ڪِي تو سندو سڄڻين!
چڱِيءَ طرح چِٺو، پانڌِي ڏنُئِي پِرينءَ کي؟
13
سوزَ ڀري سِٽِ جا هُئِي، سا ساٿِي ڪين سِکيو؛
ته مٿان ڏئِي، لَهسَ لِکيو، جو پڻ مُڪو سڄڻين.
14
سندو رازَ رقعو، آيو جو عجيبَ ڏنهُن؛
سا سِٽَ پڙهندي سَرتيون، ڳالهائڻ چُڪو؛
عاشقَ جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تِير تُڪو؛
مون ڏي مُحب مُڪو، ڄڻ ساٿِي سلامَن جو.
15
حَبيبَن هيڪارَ، آئين ورِي موٽئيين؛
ٻاٻِيهَلَ ٻيهارَ، اَچي ويهه اَکين تي.
16
وري ڪانگ وريو، پريان سندي پارَ ڏنهن؛
لامين لڳِي لُونءَ جو، تنهن ڏاڍو سُر ڀريو؛
ڪاڪيون ڪنِ ڪريو، جو ٿو ڏئٖي سنيهو سَڄَڻان.
17
سنيها ساري، منهنجا چَوي محبوبَ کي؛
�پرين تُنهنجي پارَ جِي مدت مون ماري؛
�مُنج ڏهاڙي مون مَڻين، اهو ڏاهو ڏياري؛
�مَرُ سِگھَڙو سَنڀاري، ڏئي سِڪ سَنِيهڙا.�
18
سنيهو سان سُورَ، چوي ٿو چهنبَ سان؛
پَون پاڙيچن پُور، ٻولِي ٻُڌي تَنهن جِي.

ڪافي 1
آءُ ڪانگا ڪا پِرين جي ڳالهه ڪَر
وعدو ڪَيُئِي ڪالههَ سو پَرحال ڪر!

ڪِيئن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،
خوش ڏٺو هو ئي يار ڪهڙي ويس ۾؟
سا خَبر مون سان ورِي في الحال ڪر.
ڪِي پُڇيائون خَبر منهنجي حالَ جي،
ڪي ڪَيَئي آگاهه هِن احوالَ جِي،
سو مون سان ڏاها اِهو اَحوال ڪَر.
هت فراقَ آهي ماريو، مان ٻيو ڇا چوان،
سور منهنجي ساههَ کي نِت نِت نوان،
آءُ ادا خاطر منهنجِي خوشحال ڪَر.
ڪِي اُڏاڻو هُئين پِرينءَ جي پارَ ڏي،
ڪِي نياپا هِي نِيا هُئٖي يار ڏي؟
ڪا مَدد مُنهنجِي ادا الحال ڪر.
دوستن جي منجھ حضور حاضر ٿئين،
زاغ زاريءَ مَون نياپا هي نِئين،
لڳه سائينءَ سارو، �سچوءَ جو سوال ڪَر.



ڪافي 2
اي پِرين تُون پاڙ پنهنجا، قولَ جي تو ڪالهه ڪيا!

مَنجھ جدائِيءَ تانهنجي، هِت اَسان هِي حال ڪيا.
مون تا مِلڻَ لئه تانهنجي، ڪوڙين ڪهڙا ٿٖي خيال ڪيا.
حالَ مُنهنجي کي ڏسي، ڪيئن ڀلا تو ڀالَ ڪيا.
سڏ �سچوءَ� سڪ سوزَ مون، جاني اوهان کي جالَ ڪيا.

ڪافي 3
مُنهنجو هاڻي مون وٽ اِيندو، هاريون واقف حالَ جو!

ڪينَ ڇڏيندو ڇَپَرين، نال نِماڻِي نيندو.
شالَ مقام مُئِيءَ جو، ٿَر وڃِي نِي ٿيندو.
درسن سندو دائما، ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏيندو.
�سچو� پار پرينءَ جي، وره وارو ڪو ويندو.

ڪافي 4
هِن غريب جو حالُ، توکي مَعلوم آهي!

صدقي ڪنديَس سِر سائِن تَون، ٻيو سڀ مِلڪ ۽ مالُ.
دوستَ اَوهان ريءَ ديس ۾، جيَڻ آهي جنجالُ.
چَئي ٻُڌايان ڪيترو، آرياڻِي اَحوالُ.
مَڃ �سچوءَ� جو سُپرين، سائينءَ لڳ سوال.

ڪافي 5
پرديسِي گَڏيا دوستَ لَٿو هِجر هلاڪِي،
آيا اڱڻ مُنهنجي، جن ڪيو هو فراقِي.

جَن ڪاڻِ سڪيَس سالَ، ويٺي واٽڙين تٖي،
مون ساڻ اَچِي پاڻ، ٿيا محب ملاقِي.
پَرديس لَڳه مون ٿٖي، پانڌي روز پُڇايا،
مون کي ڪانه پَئي خَبرَ، اَچِي سي ٿيم اوطاقِي.
پيغامَ پَهرِيئون پانڌن هَٿ پاڻ مُڪائون ٿي،
هاڻي هِڪُ ٿيا مون سان، جي يارَ هئا ياڪِي.
آهي سَگ �سچو� دوست جي در جو اصلَ کَون،
تنهن ڏيَڻ ڏوراپو، ناهي مَستُ ميثاقِي.

ڪافي 6
تون تا وسين مُنهنجي مَن،
ميان تو کي چَئِي ٻڌايان ڇا!

هوتَ سنديَوَ آءٌ حاضرِي، ٻيون سي ڏنَڙم ٻَن.
مقصد منهنجو تون ٿِئين، ٻيا ڪَعبي نيتَ ڪَن.
آءٌ گھڻو گھورِي تَن جِي، ڪيو سِرُ صدقي جن.
عرضَ اِلاهُون عاجزن، ڪوهُ نه ڪرين ڪَن.
اَکيُن عامُ نه آوُڙي، تو کي جانِي ڏِٺو جَن،
آهي �سچوءَ� کي سدا طَلَبَ توهان جِي تَن.

ڪافي 7
يارَ اسان کي ٿيون مارين،
تنهنجيون اَلغرضايون!

انهُون دانهُن تي، سائين هِي ڪميڻيون ڪارين.
باهيُون تنهنجي بِرهَ جيون، ٻارڻَ دل ۾ ٻارين.
کِيئَن جو ڏنئون خَبران: �سچو� تو هُتِ سارين.

ڪافي 8
جڏهن پِريَن پاتيم جھاتِي،
تڏهن حاجَت ناهي حج جي!

اَچڻ ساڻُ اُنهن جي يارو، عشقَ ڪئِي اثباتِي.
سڀ ڪُجھ ٿيڙم حالَون محرم، وسريَم ذڪر ذاتِي.
چوريءَ چوريءَ يار سَڄَڻ سان، ڏس �سچو� دل ڦاٿِي.



ڪافي 9
دوست تُنهنجي در جي، هيءَ ڳالهه آءٌ ڪنهن سان ڪريان!

ڇڏ پِرين پَرڏيههُ تون، ميان، ڏکَ اَوهان ٻاجھون ڏريان.
دوستَ رهه هِن ديس ۾، ميان، سرُ منجھُون سوُرن ڀَريان.
لَڪَ سَڀَئِي ويٺٖي لنگھيَس، ميان، پَوريم اوريان پَريان.
ساڻ چرخي چتَ جي، ميان، ورهَ جا ڌاڳا وريان.
سِرُ �سَچو� چَوي پانهنجو، ميان، دوست تو آڏو ڌريان.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: