Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون   سچل جو سنڌي ڪلام  - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am



بيت سنڌي روجھن بابت
1
روجھُون رڻُ يادِ ڪيون، اُڀيون رتُ رئَن؛
ھر ڪنھن ويلَ ھُئَن، اِھڙن اوراتَن ۾.
2
روجھُون رڻُ ڦِٽو ڪري، لاھِ لھِي آيون؛
ٿِين تار نه تَرايون، جو مُند نه اُٺَن مِينھڙا.
3
مُندين مِينھن اُٺانِ، وري روجھُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائيءَ جا ڏينھڙا، گھڻا گھر ڏٺانِ؛
اُنھيءَ کَؤن اَرمانِ، لحظيٖ مَنجھ لھي ويون.
4
مُندين مينھُن پيونِ، تَرايون تارِ ٿيون؛
وڃڻُ مٿين ماٿرين، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
5
ھنيَڙو ڇـڏي ھُتِ، ٿيون روانيون روجھون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينھڙا، ٿيون گُـذارِن ھِت؛
اَٺئي پَھر چِت، وطن تَن نه وسري.
6
رڻُ ڇڏي روجھُون، ڪا ڏس چِتائي ھَليون؛
جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا، تيلھان ٿيون ڪوجھون؛
لُڪَنِ جون لوجھُون، جَرين جالِڻَ ھَليون.
7
ماٿَر مينھن پِيانِ، روجھان موٽي آئيون؛
اَوسَر سَندا ڏينھڙا، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿَر ٿيانِ، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
8
جڏھن ٿيا اَبَر، تڏھن روجھُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون ، جن ٿي گـذاريا اوسَر؛
پھاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُـذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگھيَن ڏکيا ڏينھڙا.
9
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛
اوسَر ڪَيون ھُيون، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون، رڻُ سڀوئي روجھيون.
10
روجھڙين اُتاءُ، لنگھيا اَوسَر ڏينھڙا؛
موليٰ آندا مِينھڙا، پنھنجي مھر مٿاءُ؛
جي ھيون ويچاريون وِڇـڙيون، ھڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ، اُٺي اَچي گـڏيُون.
11
آسَروند آھين، روجھون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي، ٿيون وائِڙيون واجھَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنھن ڪُنڊ ٿيون ڪاھِين، جنھن ڪُنڊَ وَسَن مِينھڙا.

12
�سچو� رک سَماءُ، ٿو ماڻھو روجھن سان گڏين؛
ھاڻي صبر مَنجھِ ئِي آءُ، ڪمائي پوري ڪري.
13
آيون وَس ڇڏي، مُندين اُٺَن مينھڙا؛
موليٰ سندي مِھر آھ، جي وڇڙيون گـڏ گـَڏي؛
لٿيون لاھَ لڏي، روجھون ريجاڻِن تي.
14
رڻَئُون روجھيُون آيون، وين اوسَر ڏينھن؛
مندين اُٺن مينھن، ڪيئون رُخ ريجان تي.
15
رڻئُون آيون روجھون، جو سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينھڙا، وسري وين پرديسُ؛
جي ھيون اُٺيٖ ريءَ اُديسُ، سيٖ پُڻ سرھيون ساہَ ۾.
16
جي اوسَر ڏسِي روجھيون، رڻَ چـڙھي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتھَين، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينھڙا، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون، ڍليون گـاھَ گُـلن تي.
17
رڻِ چـڙھي روجھان، ويون وري ڪَٺُ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي، پَھاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينھڙا، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
�سچو� مون نه سَري، ريءَ ميلائيٖ سَڄَڻين.
18
جي رڻ چَـڙھيون روجھَڙيون، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جھولِئين، بِـرُ ھيون بُکيون؛
ٿيون ھاڻي سڀ سُکيون، جو مُندين اُٺَن مينھڙا.
19
ھِنيون لاھي ھَليون، روجھان رڻُ چتاءِ؛
موٽي مِھر موليٰ جي ٿين، جو اُٺن مينھن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينھڙا، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنھنجي ديس ڏي، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ، ڪا رازقَ روجھڙيَن تي.
20
روجھون وٺي واٽَ، ھليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان، چَٽن مِٺي ماٽ؛
لاھي اُڃ اُساٽَ، راھِي ٿيون رڻَ راہَ ڏي.
21
روجھون ريجاڻن تي، لنگھي لَس ويون؛
بوندون جِـت بارانَ جون، پَھاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رھيون، جن پنڌُ نه ڪيو پھاڙ جو.
22
راھي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اوسٽَ اڃ؛
پھاڙيءَ مان پُڃَ، روجھن ڪيا رڄَ تي.
23
راھِي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَڦـڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي، ٽَھي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجھ پھاٽَ، لَٿَن سِڪَ �سچو� چَوي.
24
وٺِي وٽَ پَھاڙَ جي، ھليون منجھان ھيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
25
رڻَ چـڙھي روجھون ويون، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛
اُٺا مينھن مِھر جا، مِھر ڪئي مَوليٰ؛
روجھيون ريجھيون، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
26
روجھُن زارو زار، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرودَ سان، سارنگ لَـڌين سارَ؛
روجھن ساڻ رھاڻ لئه، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽھي ھليون ٽيلن تي، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي، وسڻ جي وسڪارَ؛
تانگھيون تارَئون تار ٿيون، ترايون تلھارَ؛
سَچي لَـڌڙي سارَ، سِگھي سڪَ وارئين.
27
ڦوڙائي جون ڦَٽيون، ڦوڳيون ٿيون ڦولھِين؛
اَبر سندي آسَري، ٽَڪَر ٿيون ٽولھين؛
ڳوليو ٿيون ڳولھين، ترايون تَر ڀَريون.
28
� مندائتا موٽيا �، روجُھون چَوَن روئِي؛
�قسمتَ قيدالماءِ� کي، ڪونَ جھَلي ڪوئِي؛
� سائين سِگھوئي، ڪَندو وسَ ولھِن تي!�
29
�مندائتا موٽيا،� روئِي چَون روجھون؛
�ڪميڻيون ڪوجھيون، قادرَ تنھنجيون آھيون!�.
30
پانڌوڙيون پھاڙَ جون، رڻين ڪوہ رھن؛
لوچي سي لَھَن، جن �سچو� ٻَڌو سندرو.
31
ماٿَر مٿاھان پنڌڙا، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن، �سچل� سي ساڻيھ تي.
32
ڇڏي رڻ راھِي ٿِي، روھَن مٿي روجھ؛
ٻيلي پَئي ٻوجھ، چَرڻ جِي تنھن چِت ۾.
33
روھَن اَندر روجھڙيُون، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
�سچل� سي ساون، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
34
پَلر پَھاڙين پَلٽيا، واحد ڪَين وسَ؛
لنگھي ويون لَسَ، روجھون راجاڻَن تي.

دوھا
شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي، جا سمجھي نه ڄاڻان!

بعضي ڀايان پُتلي، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور.

يا تا محل آھيان، جنھن ۾ شھنشاھ،
ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو درنئون داناھ.

يا تا گھوڙو آھيان، جو ھَلائي ھَسوار،
يا تا موج درياھَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.

يا مِھنديءَ گل تا آھيان، جنھن اندر لالائِي،
يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.

يا تا چشمو آھيان، جو اَبر ڀَريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آھيان،
جنھن ۾ ڳالھ ناہِ تا، سو ڀي تا ناھيان.

ڳالھ �سَچوءَ� تا سَمجھِي، کَون ھاديءَ اِھائِي،
تا غير خدا جو ناھيين، آھين صاحب سدائي.

ھدايت 1
رمزان سي ھاديءَ جون، ميان،جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناھن،
ھوءِ ھوءِ - ڌريون آھن دل تي!

ڳالھيون ڪري ڳُجھ جون، ٿا صاحبَ سَمجھائِين،
� لااِلهٰ � کَون اڳنان ٿا ھادِي ھلائِين،
سَمجھڻ � سَمع بَصَر� جو ٿا فائِقَ فَرمائِين.

� خوديون خاص نه ڀائنجو ھِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالھڙِي ھِي سوز و گدازان،
اَٿَـو �اَناالحقَ� جا اِھي عِبرت آوازان.�

�ھَي ھَي ھِڪڙي ڏينھنڙي، ٿا ھادي اِئين چَون،
جَن نه سمجھِي ھِـت ڳالھڙِي، سي سُڀان گھڻو رون،
جَن سُڃاتو ھتھين، سي ھُـت ڀِي اِئين ھُـون.�

�جيڪي ڀَليون ڳالھڙيون، اُنھن پُڄَڻ پَري آھ،
ڪوڙا قصا ڪُھ پئا يار- سُڃاڻ سَواءِ،
پُرجھَڻ آھي پاڻ کي، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.�

ھاديءَ حـقيقت جي، يار، موٽِي ھيئن چيو:
� آقا آھي ھيءَ ادا آھي ڪونه ٻيو،
جي ئِي لنگھيا سَڀَ کَؤن، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿَو، جو وجودؤن ويو.�

ھدايت 2
مرشِدَ ھادي رھنما، ٿا سَمجھائِن اِئين:

�ھُو تُون ڄاڻج پاڻ کي، متان ھيءُ ٿئين،
�وحدت جي چوگان ۾، اِھا گوءِ نِئين،
��سچو� ساڻ يقين جي، ھِي حال ڏي ھِئين.�

ھدايت 3
ھادي ويڙھي آيو، ھاڻي سائينءَ ھِيئن سمجايو،والِي ويڙھي آيو!

�ڪڏھن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينھان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان،�

خاڪَون ھَلج خاص ٿي ڪر پاڻِيءَ کَؤن پرواز، ميان،
چـڙيءَ چَنبو ماريُئي، ٿي شاھِين ۽ شھباز، ميان.�

�جيڪو اَصل آھي، ٿيو ھاڻي سو سلطان، ميان،
گھوڙي چڙھندِڙ گم ٿيو، پيو گھوڙو ۾ جولان، ميان.�

� گرد ڳجھو ڪيو طالبو، اھو گھوڙي جو ھسوار، ميان،
گھوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گرد غبار، ميان.�

آيو بحر جوش ۾، تڏھن موج پَئي ٻاھار، ميان،
ھَي ھَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.�

�لُـڙَ منجھَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياہ، ميان،
بيحد رنگ گھڻا ٿيا ٻاھر، ھرڪو ٿيو گمراہ، ميان.�

�سانوڻ لٿو، ھڪ ٿِي تڏھن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لُـڙ ٿيو، اھو سارو سمونڊوءِ ، ميان.�

�نانءَ لَھِي ويا ٻاھريان، اھو باقي رھيو نام، ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واھڙان، ھت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.�

�ھِت سَڀيئِي درياھ ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ ، ميان،
اول آخر ھڪ ٿيو، ويا وچائون گنان ، ميان.�

�اصل جيڪي ھوس آءٌ آھيان ھِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُھوئي، ھڏ آھِيان ڪونه ٻيو، ميان.�

�اکيون اکڙين ۾ رکي، تون پنھنجو پاڻ سُڃاڻ، ميان،
پوي نظر جت تانھنجي، تت پنھنجو چشم چال، ميان.�

�اکيون اکڙين ۾ رکين، تا ھِت ھُت �تون� ھين آءٌ، ميان،
جي خبر اکين جي لَھيين ، تا تون نرالو نانءُ ، ميان.�

اکين مون معلوم ٿئي، اِھو صورت جو سينگار، ميان،
�سچو� سارو سچ ٿيو، ٻيو ناھي تفاوت وار، ميان.�


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - سنڌي پورب
» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: