Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ڇهون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am


داستان ڇهون
1
آءُ ڪانگا ڪارون، تو سان ڪيان ڪيتريون؛
جو پَهچائين پيغامَ ٿو، پريان جي پارون؛
کي �سچوءَ� سَنڀارون، ٿو ڏاها ڏهاڙي ڏئين.
2
ڪارون ڪِيئن نه ڪريانس، جو ٿو ڏئي سَنيها سَڄڻان؛
پُئي پَرَ پَکيءَ جا، ساڻ جواهِرَ جَڙيانس؛
موتين ۽ لَعلن سان، ڀينَر کنڀ ڀريانس؛
پيرين دست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نِيهَن جا.
3
پَکِي سو ئي پَرَ، ٿو اُڏري پار پِرينءَ جي؛
خوشيءَ جِي به خَبَر، مانَ وٺِي اچي ڪا اُوڏهون.
4
چڙهيو لامَ لَنئي، اَڄ ٿو ڪانگل قريبَ جو؛
سنِيها سَڄڻان، سي چهنب ساڻ چَئي؛
پورن منجھ پَئي، ٿو ساهُ منهنجو سَرتيون.
5
چڙهيو لنئي لاَم، ٿو ٻوليون ٻاجھاريون ڪري؛
ڏئي سَنيها سَڄَڻان، ٽُريو مَٽي ٽامَ؛
ماريون ماري مامَ، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪَ کَون.
6
پِريان جا پيغامَ، ٿو ڏئي مِڙيئي مامَ ۾؛
سَوين مُنجَن سَلامَ، جو ڏاهو ڏاهَپَ سان ڏئي.
7
ڇِپيو رهي ڇانڀين، ٿو ڏئي سنيها سَڄَڻان؛
آيل اولانڀين، ٿو ڳالهائي ڳُجھ ۾.
8
سِگھو اُڏامِي آءُ، تون پَکيڙا پِريَن جا؛
سڀ کنڀ ڪريان تانهنجا، ساڻ جواهر جَڙاءُ؛
عِطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻِڪ تو مَٿاءُ؛
ساري سنيهاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيبَ جا.
9
ماريون مامَ منجھي ڪِي ٿو ٽرُيو ٽاريءَ تي چَوي؛
سَڄڻ ڏانهَن سنجھٖي، ڏاهو ڏکجِي آئيو.
10
آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو؛
ڀينَر سَڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙهن سان.
11
مون ڏي ڪالهه مُڪو، دلبَرَ دلاسَن جو؛
سندو رازَ رقعو، سو پڻ واچيو وهسان.
12
واچيندي وياس، هاريون پنهنجي حالَ کَون؛
نامي تنهن نِياس، پاڻ لکيو جو سَڄڻين.
13
ڪانگا ڪتابَتَ، ساري سارج ساهَ سان؛
اِها اَمانَتَ، ٻئي ڪنهن عامَ نه آڇئين.
14
کٿرريءَ ۾ کَنڀَ، لويان لاکيڻي سَڀَئِي؛
جو ڳالهيون ٻُڌي تانهِجيون، ڇَپَرؤن وهن ڇَنڀَ؛
تا پُڻ اُتي ٿَنڀَ، ويهو ٿو وايو ڪري.
15
اَڄ نه انهيءَ ڏارَ، لامين لَنوين ڪانگڙو؛
جيڪس پِريان پارَ، ڏسندي سو ڏکَ ڀَريو.
16
زاغَ نه ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامِي اوڏهين؛
نه ته خاصو مُنهجو خون، پوندو ڳچِيءَ تانهنجي.
17
ڪاغذ قريبَن جو، اڄ مون کي آئيو؛
ساجن ڪيو سعيو، اَچڻ جو هن پارَ ڏي.
18
لِڪو ۾ لامين، ٿو لاکِيڻو لاتيون ڪَري؛
ٽهڪندو ٽامين، ڏئٖي سنيهو سَڄَڻان.
19
چڙهيو مَٿي ڇانڀَ، ايئن چوي ٿو جيڏيون؛
�ڪج سِيني ۾ سانڀَ، ساري سَنيهن جِي.�
20
ساري ڳالهه سَچِي، ڪانگي ڪئي قريبَ جِي؛
ريهي دل رچِي، تنهن نازڪ نياپَن سان.
21
آڻيو ڏنا ڪَر، ساٿِي يارَ سَنيهڙا؛
منهنجي پارؤن پَکِيَڙا، وڃ دوسياڻي در؛
جو سِڪَ آهي مون سَر، ميان محبوبَن جِي.
22
ڏنا ڪَر آڻي، سدا سِڪَ سَنيهڙا؛
هِينئڙو مون هاڻي، آهه �سچو� سوداءُ ۾.

ڪافي 1
مانَ پرينءَ پَهچائِي، هِي نياپو ڪو نيئِي!

ڳچِيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻي پَرچائي،
حال ڏسي وڃ هيئي.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، چِتُ نه وڃُ مون تَون چائي،
يارَ اسان کان پيئي.
الله ڪارڻ آءُ تون سائين، ٻانهِي ٿِي ٻاڏائي،
بخش اسان کي پيئي.
اوهان ٻاجھون سُپرين، ويٺي سو ورهَ وسائي،
ڪانگ اڏائي ڪيئي.
در اوهان جي جي دلبر سائين، �سچو� ٿو سگ سڏائي،
ٻَڌِي ٻانهُون ٻيئِي.

ڪافي 2
هِنيون هوتَن هٿ آهي آهي،
ڪيرُ چوي تا ناهٖي ناهٖي!

فَهَمُ فراستَ، عقل ارادتَ، نيهَن بِنا ناهٖي ناهٖي.
مست ٿيا مخمور اٿاهِين، ڪَل نه پَئِي ڪنهن ڏاهي ڏاهي.
ڏوڙا طالِعَ ٿين اُنهن جا، يارُ جنِهان نون چاهي چاهي.
وسُ مِڙيوئيي يارَ سَڄَڻ جو، هيءَ نماڻي ڇاهي ڇاهي.
سَڱ سِياپو يارَ سَڄَڻ سان، ڪير �سچيڏنا� ساهي ساهي.

ڪافي 3
آءُ اسانوٽ يارَ تون، آهي هِت اَسان جو حالُ هِي!

اُٻاڻِڪو آهيان گھڻو تو ريءَ پِرين پرديسَ ۾،
آءُ مِڙيوئِي، معلومُ ڪر، عاشق سَندو اَحوالُ هِي.
آههِ اوسيڙو اوهان جو، شب روز اکڙين ۾ ميان،
جانِي سَندءِ مون جاڳندي، آهه خواب ۾ به خيالُ هِي.
دوست تُنهنجي درَ اُتي، دونهين وجھي ويهِي رهان،
منهن ڏيکارج محب مون کي، نه ته آهه ويهڻ هت وبال هِي.
دردمَند جي در پيهِي، آءُ دوستَ دل خوشحال ڪَر،
صدقٖي ڪريان سِرُ ساهَ سان، ڇا مِلڪ ۽ ٻيو مالُ هِي.
ويٺي نهاريان واٽَڙِي، تنهنجي اَچڻَ جي لئه ميان،
لَههُ سُڌِ سَنديَم ساجن اچي، نه ته آه جِيڻ جنجال هِي.
پاڻون پَري نه ڪريو مون کي، ڪي دوستَ دلداريون ڏيو،
هوءَ تون سَدائِين ساڻ مون، آهي �سچو� جو سوالُ هِي.

ڪافي 4
آيو مُنهنجي گھر يار،
جنهن جي ڪارڻ مون ٿي ساٿي سَنڀايا!

در پيهي مون آئيو، اڄ دوست مِٺو دلدار.
سوئِي گڏيو سُپرين، هو جنهن جو جيءَ کي جار.
بلڪل ڪيائون پانهنجو، ڏنائون قول قرار.
معاف ڪيائون مِهَر سان، مون تي هُئو ميار.
�سچو� سرهائِيءَ ۾، ڇڏ روئڻ زارو زارُ.

ڪافي 5
راتِ پرينءَ ڪاٿٖي پيئي، اڙي ساٿِي سُڌ ڏيجو!

پُڄاڻان پِرينءَ جي، حالُ اسان هِت هيئِي،
ساڻو ٿَڪيءَ هِڪ ٿيجو!
پَسَڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪانگ اُڏايم ڪيئي،
نالِ وٺي هيءَ نيجُو!
عرضُ آرياڻيءَ کي، نانءَ ڌڻيءَ هِي نيئِي،
ٻانهون ٻَڌِي چڱيا چيجو!
�سچو� پاران ساٿيو، کين ڏوراپا ڏيئي،
پيرين پانڌيو وڃي پيجو!


ڪافي 6
دوست دلاسا ڏيئِي، ڏک ڏوڙو ورِي ڏيندئِي!

متان ويهين ماٺ ڪري، يار سَڄَڻ سان تو پيئِي،
سان نيڻن دل نيندئِي.
مون تا ڏٺا ڪيترا، ماريا سي ڪَجلين ڪيئِي،
اَڄ صبح تو وٽ اِيندئِي.
�سچو� آڏو سَڄڻان، ٻانهون ٻڌي آءُ ٻيئي،
سڀُ بديون بخشيندئِي.

ڪافي 7
هِيئن مَ وڃُ تون ماريون، هوتَ نماڻِيءَ کي، ميان!

سِڪ تُنهنجيءَ سُپرين، ڪوڪان هِن ڪي ڪاريون!
پِرين پَري ڇو وڃين، ٻارڻ دل ۾ ٻاريون؟
ٻاجھَ ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيف جون زاريون.
جايون ساري جيءَ ۾، ورهه اَوهان جي واريون.
ميان مشتاقن جون، سَههُ آرياڻِي آريون.
سک اُتي ٿيو سُپرين، ڏک هِتي ڏيهاڙيون.
راتو ڏيهان ٿو روئي، �سچو� تو کي ساريون.

ڪافي 8
سَڄَڻَ تُنهنجو بِرهه باري، اَسان جِي ساڻ تو ياري،
آءٌ تا ٻانهِي تون تا سائِين، ٻڌي ٻانهان ڪِيم زاري.

اَچانڪ لَنئه جا تو لائِي، پئِي، تا ڪَلَ نه مون ڪائِي.
وڻيئي جائِي ڪَيئِي سائِي، پاتِي سُون ڳل ڳچيءَ ڳاري.
وڌو سين طلبَ ۾ توئِي، نه هو هِت حال مون ڪوئِي،
چوان هِي حال ڪنهن روئِي، معلوم آهي تو کي ساري.
آلانڀِيون عشقَ جي لايون، ويون وسري سَڀئِي وايون،
اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئِي سڀ لوڪَ بيزاري.
لِکان ڪيئن ڳالهه هِن دمَ جي، ڏاڍي آهي راهَ هِن غم جِي،
ملامَتَ ڪُل عالم جِي، اَسان تا اَصل اِختياري.
�سچو� ڪَر سَوَ شڪرانا، پُڇي تا بِرهُ بيگانا!
توڙي هِت سي ٿيا ديوانا، مليوسين دوست هِڪواري.

ڪافي 9
يارَ مرشِد تنهنجون ديدان،
مشتاقن کي مارنِ ٿيون!

ڇڪٖي ته هڻڻ ٿيون ڇوهَ منجھاران،
ڪانُ بٿيءَ جو بَڇائن ٿيون.
ڏسڻ سان ڏور وجھن ٿيون،
دام دلينِ جو دٻائن ٿيون.
شهبازن جان ڪَرن ستونا،
گھورَ اُنهيءَ سان گھائِن ٿيون.
جاڏي چَڙهن تاڏي بِرهه بُراقان،
پير رڪيب نه پائن ٿيون.
�سچو� جھڙا سَوين هزارين،
ڪي ئِي ڪُرنش منجھ ڪنبائِن ٿيون.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: