Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am


داستان ٻيو
1
ڀينَر ڪِيئن ڀِنو، هِي جو نامو نيهَن جو؟
جيڪس خُمار ڏنو، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
2
پڙهندي پرزو پرينءَ جو، ڀَلو ڪِيئن ڀِنوس؟
جيڪس خُمار ڏنوس، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
3
روئِي زارو زارُ، پنو لکِيُس پريَنءَ ڏي.
ڏِنس خَطَ خمارُ، اَوليءَ عبارَت ۾.
4
آڻي عبارتَ، اَڃا لِکڻ لڳي پِرينءَ ڏي؛
روئندي ڀَريون رتَ، اوتڻ ٻَئِي اَکِيون.
5
عبارت آڻي، اڃا لِکڻ لڳِي پِرينءَ ڏي؛
دِيدن درداڻي، اَچِي اوتيا اُتهِين.
6
نِيهُن منَجھؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي،
ته به پانڌي، پيغامي، وِرهُ وڌائڻ آئيو.
7
آيو اوڏاهُون، اَڄ ساٿِي سلامن سان؛
ماريون ڙي مان هون، اها ويل نه وسري.
8
نامو راتِ نيو، قاصد پار قَريب جي؛
پورن مَنجھ پيو، هُت واچِيندڙ ورق جو.
9
جارؤن لکيم جو، ڪاغذ قريبن ڏي؛
حقيقت جا حال جِي، واچِڻ ويٺو ڪو؛
پڙهندي پَنو سو، تنهن کي آنڌيون آئيون.
10
عريضو آڻٖي، ڏنو قاصد قَريبَن جو؛
هن ويلٖي هاڻٖي، هِيءَ سِر ڪَريان صدقو.
11
نامو نيندي ئي، قاصد واٽَ ڪِري پيو،
تنهَن ويلي ويندي ئي، ورهَ وڪوڙيو نڪڻيان.
12
پڙهندي پرزو ئِي، واچِيندڙ وهلور ويو؛
لِڱين لَرزو ئِي، اَچِي پيس اوچتو.
13
قاصِدُ ايندي ئي، پيو شوڪارن ۾؛
نياپا ڏيندي ئي، ساٿِيءَ ساهُ مَٿي ويو.
14
نامو سارو نِيهَن، جو پُڻ لِکيو سَڄُڻين؛
رات برابر ڏِينهَن، مون کي گوندر گذري.
15
ڪا جا ڪتابَتَ، لِکِجِي آئِي پِرينءَ ڏَنهُن؛
�سچو� سا ثابت، مون هون واچَڻ نه ٿِئي.
16
پَني ۾ پيغامَ، ڪٖي لِکي مُڪا سَڄڻين؛
سي نه سمجھن عامَ، جٖي آهن مَنجھ اشارتان.
17
ڪِي جو لِکيائون، پني مَنجھ پِريت جو؛
اُهو پَسِي آئون، بيخود ٿِيَڙس سَرتيون.
18
ساٿِي ٿِي سونهون، واچِيندو وَرَق کي؛
سو مَنجھ مطالع مون هون، خونِي خط پِرينءَ جو.
19
لِکُيون لَسَ لَڙهان، ساجَن سَلامَن جون،
اهو پُرزو پاڻ پَڙهان، ٻُڌايان نه ٻين کي.
20
مُنجان ڪِيئن لِکِي، ڪِتابت قريبَ ڏي؛
متان ساٿِي واٽَ سِکِي، ٻڌائِي ٻِين کي.
21
مون ڏنهُن اَڄ لِکِي، جانيءَ جدائِيءَ مَؤن،
کَنئون ترار تِکي، هُئِي ڪتابَت قريب جِي.
22
لَڙهان لَسَ لِکيون، پِرينءَ پيغامن جون؛
سٖي رقيب سِکيُون، ٿو ٻڌائٖي ٻَيِنِ کي!
23
رَت اکين رويو، ٿِي ساٿِيءَ سَنيهڙا ڏئٖي؛
نَهريون نچويو، جارؤن جَرُ هاري گھڻو.
24
نِچوئِيندي نُنهَن، ٿِي پاڻي ڪَڍي پڌرو؛
وجھي ساٿِيءَ سُنهَن، ته �تون ڏيج سِجدو سَڄُڻين.�


ڪافي 1
ڪوڙِي ڪَيئِي ڳالهه پنهنجِي،
ڪالهه ڪانگا جا چَيئي مون کي!

جيڪُس ڪِين ڪِي ڌُر وئيٖن تون،
واٽَ ڏسِي مُوٽيين اَهنجِي.
عجيبن جي آڏو وري تو،
ڪَچِي ڪَئِي سا ڪنهن جي!
وري برار وئُون اوڏانهين،
سائِين ڪندو شال سَهِنجِي.
تنهن کي سوئِي توڙ رساڻِي،
وٺٖي جو دامَن ڪنهن جِي.
اَصل لاڪُون �سچوءَ� سَڀائِي،
طاعت مَڃِي آهي تُنهنجِي.

ڪافي 2
پِرينءَ هِي پيغامَ، ساري ساٿيا ڏيجو!

ٻانهون ٻڌِي يارَ سَڄَڻ کي، ڏيجو سٖي سَوَ سَلام!
�ڪڏهن ڪندؤ پارِ اَسان جي، اچڻ جا اَنجام!�
�درِ اوهان جي يارَ رَسڻ رِيءَ، ٿِئي نه طلب تمام.
�شوقَ اَوهان جي شورُ مَچايو، ڪياسين هُل هَنگام.
جيهو تيهو آهي اَصل کؤن، �سچو� سو گولو غلام.�

ڪافي 3
آءٌ اصلَ کؤن جو آهيان، گولو غلام تنهنجو!

مون سان وعدو ڪَيَڙئٖي، ويهي، ڪالهه پَکي هنَ پيهِي،
ناهيان ڏور اوهان کَؤن ڏيهِي، ڪن لايان ڪلام تُنهنجو.
تنهن ڏينهن لاڪون اَڄُ تائين، منهنجو ساهُ سِڪي ٿو سائِين،
پيو اوچتو هَنڌَائِين، هن دل کي دام تنهنجو.
ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اِهو وڃڻ ته واجب ناهي،
اِهو فرض اسان تي آهي، سجدو سلامُ تنهنجو.
ڏاڍا خوني نِيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،
نيڻَن سان مُلڪَ ماريئِي، هر جا حُڪام تنهنجو.
آئِي سائينءَ ڏهون وراڻِي، ٻيا خيال ويا اُڪاڻِي،
تون ته سرور نبي سُڃاڻِي، �سچو�، آهي امامُ تُنهنجو.

ڪافي 4
اَڄ تا خبران آيون آيون، دوست اَوهان جي ديسئون!

وري وسائيندو سِگھڙو،
جاني سو پنهنجيون جايون جايون.
ته ڪَرَ ويندين نِڪري،
هيئن ڀُلٖي ڪينَ ڀانيون ڀانيون.
ڏکُ وڏوئِي ڏيلَ منهنجي کي،
وئين تون لالن لايُون لايُون.
راتو ڏينهان روحَ پنهنجي سان،
ڳالهيون سنديوَ ٿا ڳايُون ڳايُون.
اَچڻ اوهان جي جوُن، طَرف �سچوءَ�،
جٖي، شالَ وري ٿِين وايون وايون.

ڪافي 5
منهنجي اڳهين لڳِي، نه ته هاڻِي لڳِي،
دل، اَلو، اَلو، تنهن يار سان!

روز اَزل کؤن اکيون لايون سٖي، دوستَ مٺي دلدار سان.
ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪيائِين، چشمن جي چَمڪارَ سان.
دوستَن جي در اَچي پيَس، اَصل سَچي اِعتبار سان.
جيڪِي ٿئي ٿو جوش وارن سان، سو نه ٿئي هُشيارَ سان.
ناز نياز جي نيهَن وارن کي، تَڪ ڪيو تَلوار سان.
سِرُ �سچوءَ� ڪيو صدقي سائِين، عقل ڇَڏي اقرار سان.

ڪافي 6
آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو!
ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنهنجو!

هن کي اوهان جي ٻاجھون آهي نه ماڙ ڪائِي،
هِي تا غريب آهي، اُميدوار تنهنجو.
�ٿِيءُ پاڻَ کان پَري تون� فرمائيو اوهان جو،
آهي ڄميل اَصل کؤن هي اعتبار تنهنجو.
هِنَ تي ڪَرم وڏو ڪيُوَ، جو درد دل بڇايُوَ،
ساريان لطف سنڀاريان، نِي بيشمار تنهنجو.
چاهَون ٿِيو اَوهان جو، دامن لڳي جو آهي،
�سچو� غلام ڄاڻي، جو داغدار تنهنجو.

ڪافي 7
لنگھٖي ويون ڪالهه قطارون،
ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏنهُن، ميان!

ڪنديون ويون ڪيچَ ڏي،
ميان الا! طرحين طرحين تَنوارون.
ويچاريون، ميان الا، ولَرَ ڪيو وڙڪَن،
ڦُٽِي ٿيون سي ڦارون.
ولَرين ڪونجَڙيون، ميان الا،
ڪنهن اَندوههَ اُڏاريون.
اُنهن جي افسوسَ جون، ميان الا،
پونديون ويون پچارون.
اُٺَنِ ڳانا پٽَ جا، ميان الا،
موتين مَڙهيون مَهارون.
�سچو� هليو سوز ۾، ميان الا،
لاهِي لوڪَ مَيارون.

ڪافي 8
ڳلِي ڳلِي مون ٿي ڳولِي ڳولِي،
يارَ سڄَڻَ تنهنجٖي ڪارڻ!

ڇڏي لاڳاپا لوڪَ جا، اسان تا ٻانهپَ ٻولِي.
ٿيَس ديوانِي دوستَ اوهان لئه، ڪري چيهاڙيون چولِي.
اچِي اَچانڪ اندر اسان جِي، حُبَ مچائِي هولِي.
اصل لاڪُون آهي اوهان جِي، هيءَ غريبِ سا گولِي.

ڪافي 9
مون وٽ يارَ پيارا، آءُ تُون پاڻُ سُڃاڻِي!

حال مِڙيوئي معلوم توکي،
دنيا سا ڪوڙ ڪهاڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
ٿينديَس گولِي، در در ڳولِي،
جانب ڪاڻِ جوڳياڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
سِڪندي تو لئه سُهڻَل سائين،
روئندي سا رات وهاڻِي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
�سَچلُ� آکي سَهي ڪِيتو سي،
پِرتِ جي ناهه پڄاڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: