Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ   سچل جو سنڌي ڪلام  - جوڳ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am


داستان پهريون
1
ڌوڻِيءَ منجھ ڌيانُ، آهي آڌوتِن جو؛
گُم ٿِي گُرگم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان؛
اَصل کان اَشنانُ، گنگا جمنا تَن جو.
2
پورب پَنڌ نه وڃڻا، گِرنارِي گمنام؛
ويچاري ٿي واٽ تي، ڪَرن ڪين وسرام؛
سيني ۾ سَنگرامَ، سَچا سَنياسن جي.
3
پوربَ سندا پيرَ، لاهوتي لَٽي ويا؛
گِرناري گُنير، سَچا گُم گُر گيات ۾.
4
ورلو ويراڳي، گِيانِي، ڏٺم گودڙيو؛
ڀُليا ڏٺم ڀيرَ ۾، ڀوڳِي ۽ ڀاڳِي؛
طالبُ تِياڳِي، لَکن ۾ ڪو هيڪڙو.
5
جوڳين جٽائُون، جوڙي جوڙيون جان تي؛
چَمٽا ٻڌي چيلهه سان، تُنيون تَڻيائون؛
جَنجيرن سان جهان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون؛
گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڇِي ويا.
6
جوڳي ڀاتون ڀات، پَر منهنجو آڌوتِن سان؛
سَفر ويا ساجھري، رهيا رُڳِي رات؛
طلبَ تنين جِي تات، راتيان ڏينهان روح کي.
7
آهِن اَڪيچارَ، اَنتر مُک اڌوتَ؛
پورب سي نه پُريا، نه ڪِي ڪَن پرچارَ؛
اَٺ ئي پهر اَڇَ ۾، رهن سي گُم گار؛
سَچَل سَنسڪار، سَنسا تِن وڃائيا.
8
اَڃا آڌوتِي، آهن اڪيچارَ؛
اَوديا اَهنڪار، ڀَڃِي جن ڀورا ڪيا.
9
ڪاپَڙي ڪَن ڦاڙَ، آيل اَڄ لنگھي ويا؛
مَست ڪري ويا مَن کي، مُرلين سان مڻيارَ؛
تَن جوڳيڙن جي جاڙَ، مون کان مُئي نه وسري.
10
ڪاپڙِي قَنديلَ، کنيو گھُمن گودڙيا؛
ڇَٻَت ڪري ڇَٻَن ۾، وتن ڪاريهرَ قتيِلَ؛
مُنڊن مُرلين سان اُهي، آڌوتي اَصيلَ؛
�سچل� سِڪ سَبيل، جيءَ ۾ جوڳيئڙن جِي.
11
لاتِي لاهوتِين، ڌرم جي ڌوڻِي؛
پَنبهِ جي پوڻِي، ساڙي سنياسِي هليا.
12
جھونا ڳڙه جي جوءِ ۾، جوڳين جوڳُ اَجوڳُ؛
ڀوڳين ڀوڳُ اَڀوڳُ، پاڻُ وڃائٖي پانهنجو.

ڪافي 1
محبت جي مَي ماريو، ڙي مون کي،
ڪاڪيون ڪنهن سان ورهُ وراهِيان!

عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتو سٖي، عشق ڏنو اولارو.
اکيان کول ته ظاهر ڏيکين، سير سڄڻ جو سارو.
پُرجھي پير ايڏاهِين پايو، هوت اَٿوَ هاڪارو.
محبت مون منصُور وجھايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو.
سَنبرُ �سچيڏنا� ڇوڙ سانباها، ورهَ ڪيو جان وارو.

ڪافي 2
ياڪِي ٿيو يار اَسان کؤن، دل نماڻِيءَ جِي کَسي!

ويٺي ڏِسان واٽ اوهان جي، مانَ ڪو رهبر رسي!
اَچڻ هِن جو ايڏاهين، ڏيهه سندئِي ڪو ڏسٖي!
سِر �سچوءَ� جي يار سدائِين، ورهَ جو مِينهڙو وسٖي.



ڪافي 3
ڳالهيون ڳارن ٿِيون، ميان، دل کي دوستن جون، ميان!

ياد اَچن جي ڳالهيون، اُهي ڪوڪان ڪارنِ ٿيون.
هو جي ڪيائون ڳُجھ ۾، اُهي مامان مارن ٿيون.
ڳُڻن واريون ڳالهڙيون، اُهي ٻارڻ ٻارن ٿيون.
پَسَڻَ ڪارڻ اَکڙيون، صاحب سارن ٿيون.
پاڻِيءَ گاڏون رَت جا، هنجو هارن ٿيون.
اکيون ڏسَن نه غير ڪو، واحد وارن ٿيون.
�سچو� اُهي ڳالهڙيون، نِت مون کي مارن ٿيون.

ڪافي 4
تنهنجِي آهيان آءٌ، پنهنجي ڪري ڄاڻ!

جاڏي تاڏي توهين دلبر، ڪاڏي ڪاهيان آءٌ.
هونديس اوهان ساڻ.
آءٌ ڪنيزڪ تون تان سائِين، سَڱ نه ساهيان آءٌ،
چيٽڪ ڪَيس اَڄاڻ.
سِڪن ڪيئِي تو لَئه سانولَ هِڪ تا ڇاهيان آءٌ،
صدقي ڪيمُ پاڻ.
تو هَئون ٻاهر سُڻ �سچو ري، ڪنهن دم ناهيان آءٌ،
پنهنجو جھَلج ٻاڻ.

ڪافي 5
تنهنجي ڪارڻ ڪاريو،
هوءِ هوءِ هولِيَڙو!

ڪنهن سان ڪريان سُپرين، تنهنجين ڳالهين ڳاريو.
ڪنهن در ڏيان دانهِڙي، تنهنجي محبت ماريو.
آگ عِشق جي اَندر اسان جي، ڏاڍو ٻارڻ ٻاريو.
آءٌ اوهانجڙي آهيان، والِي ڪِيم وساريو.
پاڻئون پاسي نه ڪريو، سگ �سچو� پنهنجو ساريو.

ڪافي 6
سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي،
ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻهين ڄاڻِي.
اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي.
اَوهان ٻاجھون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي.
�سچو� اَوهان جو آهي اَصل کَؤن، پنهنجو سو سڱ سُڃاڻِي.

ڪافي 7
ڇو ٿو ڇڏين، ڇو ٿو ڇڏين، مون کي هاڻِي،
آءٌ تا تُنهنجڙِي آهيان!

پاڻُ پنهنجو پاڻهين ساڻُ غريبن گَڏين.
پکا پکن سامُهان، اوري سي دلبر اَڏين.
�سچو� نهاري واٽڙيون، ايندين صاحب ڪڏهين.

ڪافي 8
رهجِي اَچي منهنجِي يارَ، توسان!

آءٌ ڇا ڄاڻان عشق منجھارؤن، بِرهي والڙا بار.
طرف ٻئي ڪنهين خيال نه ڀانيان، آهي سدائِين يار.
هوندين هميشه گڏ اسان سان، نيڻن وهايم نار.
ٻانهن �سچو� جِي سُهڻا سائِين، پرتِي اَٿئي سردار.

ڪافي 9
تون تا ڪڏهن ايندين يار،
تُنهنجِي روز نهاريان راه!

سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.
راتو ڏينهان روح کي، تنهنجِي سارَ سنڀارَ.
وهَن ٿا واڪا ڪَيو، نيڻن سَندا نارَ.
آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنهنجا عاشقَ لکَ هزارَ.
سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قهارَ.
پِرين پارج پانهنجا، جي ڪيئِي قولَ قرارَ.
ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنهن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.
اَندر منهنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.
اَٺ ئي پَهَر ٿِي وڄي، تُنهنجِي تَند تنوارَ.
مُئِيءَ کي ماري اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ.
�سچو� سَگ اوهان جو، ٿو روئي زار و زار.

جھولڻو 1
ساٿِي ساري سَنيها، چئج پُنهونءَ کي،
بيراگي آهييان، وو!

حالُ ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪَرين، وو،
دلاسو ڪو دوست ڏنهن، وٺي جلد ورين، وو.
ڪارو ڪَج نه ڪيچَ کي، ڇَپَر تا نه ڇڏين، وو،
ٻانهي ڄاڻِي پانهنجِي، گولِن ساڻُ گَڏين، وو.
توسان عمر گُذاريان، جان ڪِي هِت هُئان، وو،
ڳالهين تنهنجِن ڳاري آهيان، جان ٿِي رت روئان، وو.
ڏوريندي مون ڏونگرين، گھڻا ڏينهن ٿيا، وو،
ٻڌا هوندا هوتَ تو، جٖي �سچوءَ� سَڏَ ڪيا، وو.




Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - سنڌي پورب

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: