Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مالڪوس- داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am


داستان پنجون
1
ڏار چڙهِي ڏاهي، ڪِي جو چيو چُهنب سان؛
اِهو مون آهي، آڌرُ ڙِي اَرواح کي.
2
ڏاهو ڏار چڙهِي، لَسين ٿو لاتيون ڪري؛
ڪو نئون سبق پڙهي، اَڄ پڻ آيو اوڏنهون.
3
ڏاهو مَٿي ڏارَ، عجب اڄ لاتيون ڪري؛
ٿو ”سچو“ ڏئي سنڀارَ، پريان سندي پارَ جِي.
4
ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري، ڪِي ٿو چهنب ساڻ چوي؛
اَديون سڀ اُهي، آهيو ٻُڌڻَ واريون.
5
چهنبَ ساڻ چوي، ڪِي پيو ڪانگل ڪاڪيون؛
پورن مَنجھ پَوي، ٿو سُڻِي ساهُ سنهيڙو.
6
مُحبن ڏنهن مَسين اڄ پڻ ڪانگل آئيو؛
لاتيون واهَ لَسين، ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري.
7
لاتيون ڪنديئي، ڪانگو هيٺ ڪري پيو؛
هَي هَي هَنڌيئِي، ساٿيءَ ساه مٿي ويو!
8
ڪَهيو هِيئن ڪانگي، آئون چيائين چهنبَ سان؛
ته ’سڄڻ ڪنهن سانگي، وري ايندءِ اُتهِين.‘
9
چُهنب ساڻ چئِي، ڪا جا ڪانگل ڳالهڙي؛
ساري آتڻ سان انهيءَ، ڪَهڙي ڏِسُ ڪَئِي؛
پُورن منجھ پئِي، سڀ ڪنهن اَئٽ ڦٽو ڪيو.
10
ڏاهي چڙهي ڏار تي، ڪا جا لتِي لاتِ؛
ڏک ڏنائين سڀ کي، وائِي آڻي واتِ؛
پَيون ۾ هيهاتِ، آتڻ واريون اُتهين.
11
ڏاهو چڙهي ڏارَ تي، ڪري هيءُ مذڪور؛
سنيهَن ۾ سورُ، چوي ٿو چهنب سان.
12
سُڻو سنِيها سَرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي؛
سارو ساهُ نئي، ٿو نازڪ نِياپَن سان.
13
ڏاهو ڏارَ مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بِرهَ بيانُ؛
آتڻ تي احسانُ، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.
14
ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريبَ ڏنهُن؛
وڃي جان جثو، نيو نياپَن ساڻ ٿو.
15
وتيون ۾ ويڙهي، ٿو ڪاريون ڪانگ وهائي؛
روحُ نئين ريڙهي، سڀ ڪنهن جو سرتيون.
16
ريڙهيون روح نئين، پَسو سَڀ جو پاڻ ڏي؛
سنيها جي سَڄَڻان، سي چڙهيو ڏار ڏئي؛
آتَڻ ۾ افسوس ٿيو، تنهن جي پيرَ پِئي؛
ڪَتي سگھي ڪانڪا، کَؤن وهلور وِهي؛
ڪهڙِيءَ طرح ٿئي، وري سَنباهو سَرتئين!
17
ويس تَندُ ڇڄِي، پَهو پٽِ ڪري پيو؛
سُڻِي سَنيها نيهن جا، پَئِي جھوريءَ منجھ جھڄِي؛
اِنهيءَ ڀَتِ ڀڄِي، پيسَ روئندي ڪپڙا.
18
ويڙهي وتندي ئِي، ڪانگي قهر ڪمائيو؛
ڪاڪيون ڪتندي ئي. پَيم پورُ پريان جو.
19
صدقي ساهُ ڪريان، هِنَ ڪانگِي تَون ڪاڪيون؛
جي ڏئي سنيها سَڄَڻان، سي سانڀي ساه ڌريان؛
ڀلي پيرَ ڀَريان، اُنَهيءَ ويلي اوڏهِين.
20
آڻي ڪانگَ ڏنياس، ڪتابَت قرَيب جِي؛
پَهو ڪتيندي پَٽ پِيُس، ڇوهون تَند ڇُٽياس؛
ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چِڪَ ۾.
21
هَلِي ڪانگي هِڪَ، ڪا جا ڪَيس ڳالهڙِي؛
تنهن مامَ ٻُڌڻ سان روئندي، چولِي ڪيائين چِڪَ؛
سَنيهي مَون سِڪَ، پاڻهِي ڪيائين پڌري.
22
ڏاهي چڙهي ڏارَ تي، ڪا ٻولي هيءَ ٻولِي؛
سا ٻُڌي روئِي رتَ سان، چِڪَ ٿيس چولِي؛
ڄڻ هنيڙي ۾ هولِي، تنهن آڻي هِندن جي هنئي.
23
سَڄڻ ڏنهُن سَنيههَ، تنهن آڻي آتڻ ۾ ڏنا؛
ڄڻ ڏنائين سَڀن کي، ڇُريءَ ٻاجھون ڇيههَ؛
ڏک ڀَريائين ڏيهه، ماريو اِنهيءَ مام سان.
24
سُڻو سَنيهه سَڀي، ماريون مَحبوبن جا؛
لَکن مَڻجھ لَڀي، ڪا سوُرائِتي سارَ سان.

ڪافي 1
آءٌ تا ڪالَهه اُڏامِي، وڃي پَيَس پِرين وٽ!
هت قبوليم تَنهن جِي حلقه بگوش غلامِي.
مِهر مٿو ئِي ناه ڪو، عاشقَ ٿِج تون آرامِي.
اصل لاڪُون اُن جو، هِي پاڄِي آهي پيغامِي.
ويَس برابر اوڏهِين، ويٺيس ڪين وسامِي.
مونکي ڪيائون پنهنجو، ”سچو“ يار سلامِي.

ڪافي 2
ڪڏهن اِيندين هِڪُ ٿِيندين،
نت نهاريُون سنديَئِي واٽڙيُون!
سانَولَ ڪنهين سانگَ سان، اڱڻ اسان جي ايندين.
اِهو اٿئون آسرو، بَديون تا بخشيندين.
ڪَنهين ڏينهن هِن ڏکيءَ کي، دوست دلاسو ڏيندين.
پِرين نيندين پاڻَ سان، ڇَپَر تا نه ڇڏيندين.
ٿوري گھڻي ڏينهَڙي، گولِي ساڻ گَڏيندين.
پَکا پَکن سامُهون، اوري آڻي اڏيندين.
سو ڏينهُن ٿيندو ڪهڙو، ”سچو“ ڪري سڏيندين!

ڪافي 3
مَنُ موهي منهنجا جانِي،
گھڻا لايَئِي ڏينهڙَا!
صورتُ تنهنجي سُپرين، مورت ڪئِي مَستانِي.
پِرين اوهان جي پار جو، گوندر ٿيو گُذرانِي.
روز اَزل کَون ڏٺُوَ اسان کي، نيهن پنهنجو نِيشانِي.
اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، محب ڪريان مهمانِي.
پيريءَ جا ”سچو“ ڏينهن وسارج، ٿيئِي جَمالُ جوانِي!

ڪافي 4
يارَ سڄڻ ڪيئن سَرِي، تو کي اَسان ٻاجھون!
اسان نِماڻَن ڏي سهڻا سائين، دوستَ نِهارج وري.
توکي قدر ناهي ڪو، ڀَلو، چيٽڪ ڪِيڙس چَري.
اَچي ”سَچوءَ“ جِي ايڏهين، سَندي دزَ ذرِي.

ڪافي 5
ياد مون کي اَڄُ پيون،
مِٺيون ڳالهيون سُهڻا تُنهنجيون!
رهيون آهن روحَ منهنجي ۾، ڪين وسرِي سي ويون.
ويٺا ڏسون ٿا واٽ اوهان جي، دوسَت دلاسو ڪو ڏيون.
”سچو“ آهي سَگ تنهنجي جو، ميان نالِ نِباهي سو نِيون.

ڪافي 6
مون سان تو ڪَيون ڪيون، سُهڻا اُهي ڳالِهيون ڳالِهيون!
سي نه وڃن وسري، ڀلو ميان،
چڱيون اَوهان جي چَيون چَيون.
اوهان ٻاجھوُن سُپرين، ميان،
نِيهن وهايون نَيون نَيون.
لِڪُون ڪيون سين لوڪَ کَون، ڀلو ميان،
پَڌر اُهي اَڄ پَيون پَيون.
ڳجھيون سي ڳالهيون يارَ ”سچوءَ“ کَون،
ڪين وسري سي ويون ويون.

ڪافي 7
آءٌ تا تنهنجڙِي آهيان، يار مون کي ڇو ٿو ڇَڏين!
تون تا منهنجو آهين اَصل کَون، ڪنهن نه ٻَئي در ڪاهيان،
هوتَ اِيندي هِت ڪڏين.
آءٌ نماڻي عيبن هاڻِي، سَگَ نه ساڻُوَ ساهيان،
پَکا اوري آڻي اَڏين.
توڙي سُڃاڻِين توڙي نه ڄاڻِين، لالچ تا ٻِي نه لاهِيان،
ساڻ گولِيءَ پاڻ گَڏين.
آءٌ تا ٻانهي تون تا سائين، آءٌ غريب سا ڇاهيان،
نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.

ڪافي 8
انهن جادوگر چشمن بيران ڪيو سين!
اِنهن نيڻن سندي نازن حيران ڪيو سين!
راتو ڏينهان دل کي هيءَ آهي پريشانِي،
اُنهن غَمزن ڳُجھن رمزن ديوان ڪيوسين.
هَي هَي هيءَ فرياد وي يارو، ڪنهن کي سُڻايان،
خونِن هِن خمارن، مَستان ڪيوسين.
ميدانَ منجھ ”سچو“ تَهه دليون آيو آهي،
اِنهن تارن سَندي تِيرن نيشان ڪيوسين.

ڪافي 9
زاريون ڪَيو زار زار، ميان،
ويٺي روئان، ٻَڙي جيڏيُون!
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان،
ياڪِي سو ٿيڙم يارُ، ميان.
راتو ڏينهان ڳالهه اِنهيءَ جو،
جيڏيون ڙي جِيءَ کي جار، ميان.
پاتو اَٿم لَڳه پرينءَ جي،
ڳَلِ هَنجُن جو هارُ، ميان.
عاشقن کي سوز ”سچو“ ڙي،
آهي سَدا سِينگار، ميان.

داستان ڇهون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: