Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي   شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 3:18 pm

داستان پهريون

1
پَڳَہَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
2
پَڳَہَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
3
پَڳَہَ پاسي ويہُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
تون ويسِرِي وِکَ کَـڻِين، هو پُورِيندا پَرَڏيہُ؛
سَمُنڊُ جِن ساڻيہُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ تِن سين؟
4
نَنگَـرَئُون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نه اوهِري؛
سَٻاجھين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيو هِنئون.
5
سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
6
نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.
7
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو.
8
اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو!
9
اُهِرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائيين!
سامُونڊينِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِئين!
10
سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛
انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي!
11
وڃيئِي وِسرِي شال! جو تو سودو سِکِيو؛
اَڃا آئين ڪالَ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهِين!
12
ڳِرِيو جَھليو روءِ، مَٿي مُهُري هَٿڙا؛
کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکِيو.
13
اُلوڙَڻَ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجَھ کي؛
رَهُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَنَ! مُون لائي؛
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپرِين!
14
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ؛ جئن مون بِيٺي هُن ٿيلِيو؛
سعيو سامُونڊِيُن سين، اَڳهِين تان نه ڪَيوم؛
وِجَھڻُ مَنجِھ هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين.
15
ٻيڙِيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينهُن نه ڪَجي تِن سين؛
اُڀيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُه سِڙهُ ڏيئِي سِيرَ ٿيا.
16
هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينهن ٿيا!
پُڇيو تان نه پِريان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪڏهين.
17
سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون.
18
جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوحَ رُچَندِيُون؛
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالھيون ڪَريان.
19
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي ته جھيڙِيان؛
لايَءِ ڏِينهن گھڻا، مون سين ڪَيَءِ ٿورڙا.
20
لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالھيُون هَلَڻَ سَندِيُون؛
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجھندا جِندڙو!
21
مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالھ ڪري؛
ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرجَ جئن.
22
چِمڪيون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون؛
ماءِ! سامُونڊِي آئيا، سَهسين ڪَري سِينگارَ؛
اُنِين جي پَچارَ، ڪالھونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.

وائي
آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منهنجو نِينهُن اَپليو نه رهي.
ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛
سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهن؛
اُڏوهِيءَ جئَن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئَن؛
گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن؛
مادَر! پائي مُنڊِيُون، وڃان هادِيءَ سِيئَن.

داستان ٻيو
1
اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ؛
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛
پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
2
لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران!
مَڙِهيو مَنجھاران، جِيُ مُنهنجو جن سين
3
تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛
مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.
4
لَڳي اُتَرَ اوهِريا، واهُوندي وَرَنِ؛
آئُون گھڻو ئِي گھورِيان، سؤدو سامُونڊِيَن؛
اَڱَڻِ جن اَچَنِ، عِيدَ وَرتِي اُنِ کي.
5
اَڱَڻِ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا؛
اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻـين ڏيان.
6
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جَن تَڙنِ تي؛
سِڙهَ سِبِي ساڄا ڪري، کُوها کَنيائُون؛
بيرَقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون؛
لَهريُون لَنگھيائُون، لُطف سان لَطِيفُ چَئي.
7
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جِن تَڙنِ تي؛
مُلان مُعلِمَ خبرون، پُڇِي پُوريائُون؛
سُتَڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.
8
بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلھ نه مِلي وارِئين؛
فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا.
9
اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجارنِ جون؛
آڻيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي.
10
جَرَ ٿَـڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُـٽِـيُون؛
اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائتِي آهيان!
11
جا جَرَ جاٽُون نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي؛
سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جون؟

داستان ٽيون
1
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مون ڏُورِ ٿِيا؛
نه مُون هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئِي چَڙهان؛
اِيهين ڪَجِ، پاتِڻِي! جنهن پَرِ پِرِينءَ مِڙان؛
ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُـئا!
2
هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنئِين هُنِ نه چاڙهيا؛
سارو ڏِينهُن سمنڊَ تي، لهِي سِجُ وِيونِ؛
جڏهين سائينءَ سَببُ ڪَيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيَّـدُ چئي.
3
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻـين جا.
4
مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
ڪا مُونهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجھا گھڻو.
5
مون اُڀي تَڙ پاسِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس؛
آهَ نه لاهِيندياس، موٽِي ايندا مان ڳَري.
6
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
7
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَيء لَنڪا جي اوهِرِيا؛
سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊيُنِ؛
پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ؛
وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي.
8
وَڻجارنِ ورِي، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
اولِيُون پَسِي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي؛
وينديسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُونڊيُنِ کي.
9
وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه پَـلِئين؟
آيو ٻارهين ماهِ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهَي!
10
وَڻجاري ڪانڌاءِ، مُون وَرُ ويٺي گھارِيو!
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري.
11
جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون!
پَرَ ڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺـئِي پَهرَ جنهن ڪيو.
12
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا؛
وِجھيو وَرُ ونجَھ کي، روئي وَڻجارِي؛
مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سامونڊي
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر مارئي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سهڻي

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: