Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ   شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 5:02 pm

داستان پھريون

1
آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ مان.
2
آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.
3
آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.
4
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.
5
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
6
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.
7
اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛
8
اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.
9
پِيَّ پَسايو پانھِنجو، نِظارو نا گاهَ؛
لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واهَ؛
اُميدُون اَرِواحَ، پِيَّ پَسندي پُنِيُون.
10
وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکــئِين، مِينھَن!
ته ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نه ڪَرِين.
11
گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛
پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛
شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.
12
اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
13
بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
14
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺوجيسَرُميرَ؛
آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پِيرَ؛
لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون.
15
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.
16
سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.
17
سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

وائي
مُنھِنجي سَيّدُ سارَ لَهندو؛ موُن کي آهِ اُميدَ اَللھَ ۾.
سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛
اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛
صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِـيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛
ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَّدُ مِيرَ مَلَهندو؛
نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛
مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.

داستان ٻيو
1
سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھڙِي لالِي لاکَ جي؛
اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛
بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
2
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجھان؛
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
3
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وُٺو وارِياسو؛
کُڻيـتِيءَ کِنوَڻِ ڪَيو، چَڱو چَؤماسو؛
ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ پاسو؛
خالِقَ ڪَيو خاصو، چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌِيـين.
4
چِيھو چُکِيءَ ڪُنڌِيـين، ڪَيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ؛
ھَڏاڪُٽيان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ؛
آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿِي.
5
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.
6
مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛
جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛
بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
7
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جِھڄَنِ؛
وَرَ رِءَ وانڍِيُنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ؛
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ته ڪَنھن کي ڪارُون ڪَنِ؛
وارِثُ وَري تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
8
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جُھڻِڪَنِ؛
سُڻِيو رَڙِ رَعِدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبُنِ؛
ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

داستان ٽيون
1
گَــنَيرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي؛
ھِنڊوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ؛
چِمِڪَنِ چوڏَس چَنڊَ جِئَن، وِڄڙِيُون وَھِسَنِ؛
لوچَنِ ٿا، لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لءِ پِرِيَنِ؛
ڪَيسَرَ قرِيبَنِ، سَنباھي ساڻُ کَنيا.
2
مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگھارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
3
مُندَ ٿي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
4
مُحبَّ مُنھِنجا سُپريِن! آڻيئِي اَللهُ؛
توکي سارِيو ساهُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
5
آگَمَ ڪَيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئن؛
پاسي تِنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.
6
اُوڇڻَ گُھرِجي آجِڪو، جُھوپو سَھي نه سِيُ؛
سُڻائِج سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيُ؛
اَڱڻَ آيو ٿِيُ، ته ڍولِيا! ڪَنھن ڍَنگِ ٿِيان.
7
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سَنجھي سيءَ مَران؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنَ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران؛
تارِيءَ تو تَران، جِئَن وَرُ وِھاڻِيءَ وارِئين.
8
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀِ راتِ؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نه اچي جھاتِ؛
اَچِين جي پِرڀاتِ، ته آئُون سِيُّ نه سارِيان.

داستان چوٿون
1
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئَن، جُھڻِڪَنِ پاسي جھوڪَ؛
ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجھان مِينھَن موڪَ؛
لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪَيو اَکِيُنِ سين.
2
واھُندان وِڄُون ٿِـيُون، کِڙِيُون ڏَنھن کَنڀاتَ؛
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ؛
سَنگھارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃُ اُساٽَ؛
جُھڙُ ڦُڙُ ڏيئي جھاتَ، پُسائِينديُون پَٽـيُون.
3
سَڄو صافُ نه اُڀِري، سَرِلي وِچان سِجُ؛
مُنھُن چَڙِھيو ماڙھن کي، ڏِئي وڌايُون وِڄُ؛
ھِنئَڙا! کَپُ مَ کِجُ، سِگھا مِلَندَءِ سُپِرين.
4
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيئِيُون، ٿِيا وَلھارَنِ وِيَ؛
سِڄُ، چَنڊُ نه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ؛
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گَھرِ آئِيا.
5
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
سَنگھارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!
6
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
7
موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.
8
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.
9
اَندَرِ جُھڙُ جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون.
10
آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ؛
جي پِرين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَن ميڙيا.

وائي
آئِي مُندَ مَلارَ، آئون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنھنجي يار؛
لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ؛
پَکي آءُ پِريِن تُون، لَہُ مُنھنجِي سَيّدُ! سارَ.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر سارنگ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر گھاتو
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سورٺ
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪاموڏ
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر مارئي

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: