Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي     شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي  I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:35 pm


داستان پهريون
1
توڻي تُون ڪاتارِ، جِمَ هيڪِلِي ڀيرِئين؛
ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنَهِين سُٽَ ۾.
2
جان ڪَتِين تان ڪِتُ، هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي؛
ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي؛
ڄاتو جِن ڄاتِي، تِنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.
3
هيءَ هَڏِ وِهاڻي، جان ڪَتين تان ڪِتُ؛
ڪو پنَهِنجي عِيدَ کي، ڀيري ڪَجِ ڀَرَتُ؛
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچَ سَرتِيين.
4
ڪَتَڻَ جي ڪانه ڪَرِين، سُتي ساهيِن هَڏُ؛
صُباحَ ايندَءِ اوچِتو، عيدَ اُگھاڙَنِ گَڏُ؛
جِتِ سَرتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.
5
اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
ڀوري! توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا؟
6
اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
مونا اُٺجِي اُکَڙِيا، اَرٽَ ڍَرڪِي مالَ؛
هَيءِ! تنِين جي حالَ، جن ڪاپي منجھان ڪِينَ ڪَيو.
7
سي تو ويهي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سندا ڏينهَن؛
اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِئين، ڀورِي! ڀوري سِيئَن؛
ڪَنڌُ کَـڻندِينءَ ڪِيئَن، اَڱڻِ عجِيبَنِ جي؟
8
سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهُ نه ڪَتِين رَڏِ؟
ويهِي ڪُنڊَ، ڪاپو ڪَرِ، گُھتُون گوهِيُون ڇَڏِ؛
ته صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.
9
ڀَڳو ئِي ڀيرِ، جانسين رَتو راسِ ٿِئي؛
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، هارِي! پاڻُ مَ هيرِ؛
ڪِتُ ڪَتِينديُون ڪيرِ، نَئين سين نه ڄاڻِجي؟
10
ڀيرِئين ۽ ڀانـئِيين، اِئَن وِڏُوڻو ڪانڌُ؛
ويٺِي اورِ اَرَٽَ سين، ڳِچيءَ پايو پاندُ؛
ته تُنهِنجو ئي وِڻواندُ، ڪِتو وِتو نه ٿِئي.
11
چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪَتيو جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪَيو.
12
مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگھائِيو.
13
ڪو جو وَهُ ڪاپائِتِيَنِ، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ؛
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجھ اَچَنِ؛
اُنِ جِيءَ سُونهَنَ، سَيَّدُ چئي، صَراف ئي سِڪَنِ؛
اَگِھيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نه تورِيا.
14
سُٽُ اُنيِن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ؛
آوازُ اَرَٽَ جو، ساهَ نه سُڻائِينِ؛
لِڪايو، لَطِيفُ چئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ؛
جي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلُھ مَهانگو اُنِ جو.
15
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِھ ڪِتَنِ؛
سُٽُ اُنِ جو سَڦَرو، مَٽِيو ماڻِڪَنِ؛
قادرَ ڪِيمَ ڪَڍَنِ، ٿيلهي ٿُلهي وارِيُون.
16
ڀيرِئين، ۽ ڀانـئِيـين، ڀانـئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ؛
ڪِتو وِتو پورِهيو، هوڏَ وِجَھنديَءِ هَڏِ؛
هِتي ڏيڍو مَٽِجِ ڏَڏِ! جتي ڏَڪَنِ ڏَهَسئي وارِيُون.
17
اولياڻِيانِ اَرَٽَ، ڪيڏانهن ڪَتَڻَ واريون؟
پَهيُون مٿي پَٽَ، لُڙِجَنِ لاکِيڙَنِ جُون.
18
ڪَتي ڪَتي ڪالَھ، اَڄُ نه آتَڻِ آئِيُون؛
اَرَٽُ اُکلي مالَھ، پُوري ويئِيون نِجُھرا.
19
نه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون؛
پَسِيو بازارِيُون، هِنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
20
تاڃِي توريائُون، عَيبَ نِڪتا اَڳِيان؛
ڪوٺي ڪاپائِتِيُنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِيائُون؛
اَگَلَڙي آءٌ، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِيا.

وائي
ڪا هِنئين سين لاءِ ڀوري! ڪا هِنئين سين لاءِ.
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جِنِ پِڃايو پاءُ؛
لَسي تَندُ، لَطِيفُ چئي، هَلي تِنِ هَٿاءُ؛
پَهيُون تُنهِنجُون جِھرِڪَنِ جھورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ؛
اَرَٽَ پاسي اوجِھرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءُ؛
آڌيءَ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، رِوئِي رِيجھائِجِ راءُ.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڪارايل
»  شاه سائين جو رسالو- سُر پورب

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: