Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر     شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر  I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:39 pm


داستان پهريون
1
ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنهِن پَرِ ڏِينهَن گُذارِئين؟
2
جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛
مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نه ڪَرِئين.
3
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟
4
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛
جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.
5
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛
سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه آيو؛
ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻـئِين.
6
ڍورُ نه اَڳـينءَ ڍارَ، مهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو؛
موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻيءَ پارَ؛
جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.
7
جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
ڪائي ۾ ڪوه ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون.
8
جان جَرُ هُئَڙو جالَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
پَوَندِيَءِ اَڄ ڪِ ڪالَ، سانڀويُون سانگِنِ جُون.
9
جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَھٽَ به جَھـلِيَءِ گھاتُئين.
10
مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛
جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا.
11
ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛
موتِ نه ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي.

وائي
لايَءِ جا وَرۡنَ کي، سا ڪانڌَ! مُنهِنجي ڪورا.
ماءُ! مارِيندَمِ ڪَڏهِين، هِنَ پِرِينءَ جي هورا؛
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيهو جِئن مورا؛
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛
ڇَپَرُ کَـٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، سانوَل ميڙِ سَنڀُوڙا.

داستان ٻيو
1
مَدِيني جا مِيرَ! سُڻُ مُنهِنجا سَڏَڙا؛
سَرَڻِ تُنهِنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگھائِيين پَيَڙا.
2
ڌَڻِي! سو وارِئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين؛
وَهِيءَ واٽَ مَٿاءُ، هِنئَڙي آسَرَ مَ لَهي.
3
نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا؛
هَنجُون نه هارِينِ، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري.
4
نيڻَ نِهاري مُنهِنجا، روئِي ٿِيا رَتُ؛
پُنهُونءَ هوءِ پَهَتُ، ته پارِي نِيَنِ پاڻَ سين.
5
َاڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛
ڏُونگَرِ ڏِينهَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.
6
اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛
نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
7
صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛
پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛
جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.
8
جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
9
سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛
ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.

وائي
مُون کي نِنڊَ نه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَن ۾.
موٽُ تُون آيَلَ! مُنهِنجِي ماءُ! تان تو ڏُکُ نه ڪيڻين ڪيڻين؛
هُوءِ نه نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛
ڪالهُوڻِيان اَڄُ گَھڻِي، جھورَڙِي جھيڻين جھيڻين.
ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين.
هِنئَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتڙو نيڻين نيڻين.
اَلا! عَبۡدَاللَطِيفُ چئي، مُحِبَّ اسان تُون ميڙين ميڙين.

داستان ٽيون
1
ڪَرِ ڪو ڀـيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجھري؛
پِرِين! تُنهِنجي پاندَ، ڍولا! ڍَڪِي آهيان.
2
جِئن تون قائِمُ، ڪانڌ! تِئَن آءٌ وَرَ! وِلَهي نه ٿِيان؛
پَکي ڇِنان پاندَ، ڳَنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِيو.
3
ڪانڌَ ٻِـيُنِ ڪيتِرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ؛
پاڻا ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهُ اَکِـيُنِ سين.
4
وَرَ سين وِجِھيو ڪاڻِ، کَـرَ سين کِلَڻ پائِيين؛
ڀورِي! مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِيو تُھَ ميڙِئين.
5
سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نه ٿِـئي.
6
ڪِي سُمھُ، ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُ ڀانـئِيو.
7
جاڳَڻَ مَنجھان جَسُ، آهي اَدا! جن کي؛
لاهي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلۡبَ ڪَسُ؛
وَرنہَ! ڪَجان وَسُ، صُبُحَ ساڻ، سَيَّدَ چئي.
8
هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛
راتِيُون ٻِيُون گَھڻِـيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪِلي.
9
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛
پِرِين سين پاڙو، مُنهِنجو نِنڊَ نِبيرِيو.
10
پِرَهَ ڦُٽِي، راتِ گَـئِي، جھيڻا ٿيا نَکَٽَ؛
هارِي! وِيَءَ وَٽَ، گَھڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.
11
پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا!
روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.
12
ڍولُ مَ کڻي ٻانهَنڙِي، پِرِهَ مَ کَـڻي پاندُ؛
آءٌ پَنهِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.
13
ڦِريا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نه چَکِيو؛
دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا.

داستان چوٿون
1
روهِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ هَلَڻَ هارِيُون؛
ڪَرڳَلُ ڪُونجَڙِيَن، رائي ۾ راتِ ڪَيو.
2
وَڳَـرُ اُڪِيري سَرُ سارِيو، سُورَ چَري؛
جُھري جِھڄندي ڏِئي، سَنِيها کي سَڄَڻين.
3
وَڳَـرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
ڪِ تو نه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟
4
وَڳَـرَ وِيا وَهِي، ڪالَھ تُنهِنجا ڪُونجَڙِي!
ڪَندِينءَ ڪوهُ رهِي، سَر ۾ سُپيرِيُنِ ري؟
5
وَڳَـرَ ڪَيو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنَنَ پاڻَ ۾؛
پَسو پَکِـيَڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گَھڻو.
6
مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين چاڪَ؛
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَھرِ گھارِيندِيُون ڪيتِرو؟
7
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.
8
اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهُونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛
پِرِين پَسِي مَنجِھ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.
9
ڪُونجُون ٿِـيُون ڪُڻِڪَنآِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون؛
ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.
10
آيُون ڍورَ ڍرِي، اصُلَ سَندي آسِري؛
کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پَـير ڏُکويا پَکَـڻين.
11
ڪُونجَ نه لَکِيو ٻاڻُ، مارِيءَ سَندي مَنَ ۾؛
اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.
12
ڪُونجَ! نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنهِن سين ڍَٻيو؛
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.
13
مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.
14
ڪَيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگھارَنِ سين؛
جنِين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.
15
جِيَنِ سي سَنگھارَ، اَجھي جنِين گھارِيان؛
مانَ لَهَنِئُون سارَ، وِچِ وِلَهين ڏِينهَڙين.
16
جي ڀانئِين وَسَ چَران، ته سَنگھارَنِ سين لَڏِ؛
ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪَڏَهِين.
17
مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جھوڪَ به سُونهَنِ پَهِيَڙا؛
سَندِي سَنگھارَنِ، جُوءِ جِئاري جَڏَڙين.
18
جاڳو، جاڙيجا! سما سُک مَ سُمهَو؛
پَسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري.
19
ٽاٽُونڪِينِ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکِرا؛
لاکي لوڙائِنُ جا، اَهِڙا ئِي اُهڃاڻَ؛
ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
20
ريـٻارَڻِ! رِيجھاءِ، لاکو لُولاٽِيُنِ سين؛
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرُو.
21
لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀـيرُ ٻِيو؛
جَنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجھ ڪُنبَنِ؛
جَنهِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.
22
لاکو لکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ؛
سونهرايُون سِرِ ڪَيو، ڀِيڙي ٻَڌي بيٺِ؛
ڪَندو ڏَمَرَ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَنهِين.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول
»  شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڪارايل

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: