Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 وحدت - سچل سائين جو ڪلام

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: وحدت - سچل سائين جو ڪلام   Thu Nov 15, 2012 1:40 pm



داستان پھريون
1
اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
تَنھِن پڄاڻا وَڃُ، حَلّاجِي حيرتَ ۾.
2
ھِيءَ نه واٽَ ھُئاءِ جي، آھي نڪا تَقلِيدَ؛
تَحقيقاً توحيدَ، آھي راهَ رسُولَ جِي.
3
ھِڪُ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو؛
پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو.
4
جي تو ادب آھ، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين؛
ڪَلَ نَه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي.
5
پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، مَنجھ تَماشي نه پَوين؛
گھوٽُ ڪري تون پاڻ کي، ڪَر ھَنگامان ھُلُ؛
ڀولِ نَه ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ، وَٺِج حالُ حَلاجَ جو.
6
پُٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گھوٽُ؛
مَردَ نه ھِتَئوُن موٽُ، پٺيءَ لائي ڄڃڙي.
7
جَڏھن وِھين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال؛
تَڏھن فراق وارا فِي الحالُ، بَندَ ٻَڌندءِ وچَ ۾.
8
حُڪم ھَلي ٿو جَنھِن سان، سو ڪر پيدا پاڻُ؛
صورت سا سڃاڻُ، مُنھن ڪَري مورَتَ کي.
9
”تون“ ھي سان ”تون“ لَڀين، ”مان“ لَڀان ”تو“ سان؛
”تون“، ”ھي“، ”آءٌ“ سَڀھِين، ”لا“ ۾ موجودات ٿي.
10
جي تو ڄاتو ”پاڻُ“، ته ”آءٌ“ ٻيو ڪو آھيان؛
ڪَندُءِ غرقُ گُمان، ڳَھلا انھيءَ ڳالھه ۾.
11
اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاھون ٿِئين؛
مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ ”اَنَاالحق“ جِي.
12
جي فِڪر کَئُون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور؛
ھوندا سي حضور، آءُ ڳرھيون ڳالھڙيون.
13
بيرنگيءَ مَئُون رنگُ، پَسو جو پيدا ٿئو؛
ظاھِرَ ۾ پئو زَنگُ، موسىٰ ۽ فرعونَ جو.
14
تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِڙِيائي مِھراڻ ٿي؛
ھِي اُنھن جا اوجَ، جَن سنبَت سوريءَ پار ڏي.
15
دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛
تنھن کان پوءِ حُڪامُ، ھَر ڪنھن ھَنڌ تنھنجو ھَلي.
16
جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي؛
جاڏي مُھاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو.
17
ظاھر ڪَڪَرُ آنءِ، مِينھُن توئِي باطن ۾؛
پاڻُ اُھوئي ڀانءِ، جنھن وَسي سان وَسَ ٿئي.
18
سوزُ گُدازُ۽ غَمُ، مِڙِيوئي معافِي ٿيو؛
ماردَمامين دَمُ، عاشِقَ ”اناالحقَ“ جو.
19
جي ادب کان نِڱِئا، سي ئي ٿيا اللهُ؛
ھُن وڃايو راہُ، ھو ھاڃي ۾ ھڄِي وِيا.
20
تون تاڪا ٿي آنءِ، پاڻُ اَول لَھُ پانھنجو؛
جيلَھان ٻِئي نانءِ، پَئين تيلھان تفاوَت ۾.
21
ڄاڻُ نه تَفاوتُ، عبد ۽ اللهَ جو؛
ھو آھي اَمرُت، ھِي ڀِي ڏُور نَه اُن کَئُون.
22
اللهُ ڄاڻُ نه ھن کي، ھِي مِڙِيوئي حَقُ؛
ناھي شبھو شَڪُ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَئُون.
23
معلوم ٿِي مرشدَ کَئُون، ٻي جا ڳُجھِي ڳالھ؛
ھِن جِي ڇاھِ مجالَ، ”ھو“ لَڀي ”ھن“ سين.
24
ھِي تان مور نه وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟
”ھوُ“ ”ھِي“، ھِڪُ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي.
25
جھڙو ڀائِيندين، ”پاڻ“ پَنھنجو پاڻھين؛
تِھڙو ئِي ٿِيندين، ھُت ڀِي ساڻ يقين جي.
26
جيڪي آھي ھِتِ، ھُت ڀي اُھو ئِي اٿَئِي؛
ڀَڃ اُھائي ڀِتِ، تان تون اھو ئي رَھين.
27
جِھڙو آھين تِھڙوھوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟
سُڌ پنھنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا؛
ڳالھ نه سمجھيئي سَا، آوازي ”اَنَاالحَقَ“ جِي.

ڪافي 1
ٻيو ڪو ڄاڻڻ مَحض گناہ،
ھر ڪَنھِن صورت آپ الله.

ڪِٿي گَدا گدائِي والا، ڪِٿي شھنشاہ.
دونھان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي اَبر ماہ.
”وَنَفَخۡتُ فِيہِ مِن رُُّوحِى“ آھي، سَھِي ڪر ساہ.
”خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھا“، اِھو قول گواہ.
صورت منجھ ”سچوءَ“ جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواہ.

ڪافي 2
عاشق ڏِسڻ ۾ آيو، محبوب گل سَناسِي؛
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسِي.

برھي جِي اک ببيني، ڪائي مثال چيني؛
توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مَٽ نه ڪاسي.
گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي؛
عاشِق ڏِسڻ کَئُون ڪاٿي، رَھندو پتنگ پياسي.
”صورتَ“ ۾ جاءِ ”دَمَ“ جِي، ”دَمَ“ ريءَ نه ”صورتِ“ ڪمَ جِي؛
دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جي، وہ واہ ڳالھ خاصِي.
ابليس جِي وڏائِي، ھَر سانس تي سوائي؛
جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي.
ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري؛
وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.

ڪافي 3
ھُتِ تان ڪير ھُياسِ، ميان وو!
ھِتِ ٿي ڪير آيس، نه ڄاڻان!

نانءُ ٻِئو ھُتِ ھو منھنجو، ھِتِ ٻِئي نانءَ ٿِياس.
اچڻ نه ھو ھِت منھنجو، پَرڪَنھِن تا خواھش کَنياس.
ھُتِ ھُيَس معشوقيءَ ۾، ھِت عاشِق ٿي آياس.
ھيءَ ھَي ھُئي ھُت ڪا نَڪا، ھِت مَنجھ پروڙ پياس.
”سچو“ سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون ”آءٌ“ وياس.

ڪافي 4
ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينھڙو لايو،
جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

”وھُومَعَکُم“ چيو وصالون، وري سو ورہ وسايو.
”وَنَحۡنُ اَقۡرَبُ“ پاڻ اُتيوئي، موٽِي تا بِرہُ بَڇايو.
”اسين تو سان، تون اسان سان“، پاڻَ پِرِين فَرمايو.
زلفان کوليوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سَھايو.
ڪري اُمارو اڳيون اسان جي، تيرن ساڻ تَپايو.
راند روئڻ جِي سِکِئين ”سچو“ ري، ڏاڍو ڪو پور پِرايو.

ڪافي 5
آءٌٗ تا پِيَڙس اُتي، جِتِ جاءِ ادب جِي ناھي.

نادانن ناداني آھي، بيھڻ اُتي بُتي؛
وحدت جو پيو باز جتي، مُئو مرغ اَدب جو اُتي؛
وھم خيال وڃايا غيري، خيال ھڪڙي کُتي؛
سر ڪٽايو، سو ڪيئن موٽي، ويڙو جو شرط اُتي؛
”سچو“ سَچ آھي اِھوئي، وسرئي نه پَنج سُتي.

ڪافي 6
نانءُ اِھوئِي، اِھوئي نانونَ وَارو، صورتَ مورتَ سائي وو.
اِسم خاني وِچؤُن اِسما، اِھو ڏَسُ ھادِيءَ جو جانِي، وو.

آھِ تَعجب اِھو جو، ڪَر لوڪان ذاتِي لِڪائِي، وو.
گاھي طاعَت گاھي عبادت، سَجدو سَھو سَھائِي، وو.
ٻئي پارون تان ڏئي ڏيکاري، اوڙَڪ خَلق مُنجھائِي، وو.
”سچو“ سھي ڪَئي اِھا سڀائِي، جا بازِي يار بنائِي، وو.

ڪافي 7
آءُ، ادا سالڪَ، سھِي ڪر تون طلسمات کي؛
ڀَڃُ دوئِي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.

سِر اھو سارو سڻائج، ڪَن نه ڏي ڪرامات کي؛
ظاھر ٿئين تان ”ذات“ مون، پر سمجھ تون ”صفات“ کي.

غازي نه ڀانئج غير تون، ھن محض موجودات کي؛
سِرسَٽجِ ھن سِر ۾، ڏي منھن نه ٻِي مصلحات کي.

بي اعتباريءَ سان ڪرين، ھَرھَر نفي اثبات کي؛
اثبات کَئُون اڳنان لنگھي، ڪَر تَم تون طاعات کي.

تون ڪيئن وٺِي ويھي رھين، ھَي ھاءِ حڪايات کي؛
ڳالھين مَنجَھئُون تان ڪِين ٿئي، ڀَڃ اوٽ عزىٰ لات کي.

”سچو“ روئين ڇو ھيترو، بس ڪر ھن برساتَ کي؛
تَصديعَ تون ڇو ٿو ڏئين، محبوب جي محلات کي.

ڪافي 8
ڳالِھ سَھِي ڪَيَم ساري، ٻَڙي جيڏيون، يارَ جي، وو؛
ڀلو جيڏيون، ھوءِ... ھوءِ... ھوءِ... !

جي مون وسھَو جيڏيون، آءٌ اھو آھيان آري.
پوءِ پَروڙُڻ پانھنجي، لاتِي خَلقَ خواري.
پاڻِ ڪري ٿو پاڻَ کي، يارُ زور آور زاري.
”سچو“ ري سِر پانھنجي، بِرہُ ڪَيائوُن باري.

ڪافي 9
ھو سو سَڄَڻ مُون ساڻُ،
جنھن جي ڪارڻ مُون ٿي پوٿيون پٽايون!

”وَھُوَ مَعَکُمۡ اَيۡنَ مَا کُنتُمۡ“، آھي سَندس اُھڃاڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي فالون وِجھايون!
سَدا مون وٽ سپرين، مُحب ناھي مِھماڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي واٽون پُڇايون!
اَھڙيءَ اوڏائِيءَ ۾، ڪونه پَيو مون ڄاڻُ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي راتيون لَنگھايون!
ھيڏي ھوڏي ٿي ڏٺُم، ڪِينَ پَروڙيم پاڻُ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي وِرھون وَسَايون!
پري پُڇُ نه پنڌڙا، ”سچو“ تون پاڻ سُڃاڻ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي ميڙيون سَنباھيون!

ڪافي 10
ھيڏي ھوڏي نه نِھارِ،
تُنھنجي ويڙھي سو ته يار وسي ٿو!

ساڻُ سدا آھي تان تنھنجي، پِرين نَه آھي ٻي پارِ.
ڦولهي لَهج، پاڻَ مَئُون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.
”وَفِى اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِرون“، وِيجھو ڪِيمَ وسار.
پِريُن نه پُڇِج پَنڌڙا، تُون ”سچو“ پاڻُ سَنڀارِ.

ڪافي 11
اُھو ويو ھاڻي ڪاڏي، جنھن ”سچُو“ سو نانءُ سَڏايو!

مُکڙيءَ مَنجھؤن، نِي وي ميان، ٿيو گُل پيدا، وي ميان،
مُنھُن ڪري بِيٺو ماڏي.
سُڌ نه پَئِي، نِي وي ميان، طَرفَ اُنھي جي، وي ميان،
جان جُثو ويو جاڏي.
اھو ھلي ٿو، نِي وي ميان، اھو چلي ٿو، وي ميان،
گوشو ڪيو وڃي ڪاڏي!
ڏيھُ ڏاڏاڻو، نِي وي ميان، اڳُ ڏٺوسي، وي ميان،
پَلَٽَ ڪَئي پَڙاڏي!
نانءُ ”سچوءَ“ جو، نِي وي ميان، ويو اوڏاھين، وي ميان،
طَلَب ويئِي ڀي تاڏي.

ڪافي 12
ڀولِ نَه ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ،
تون ته آدَم ناھيين.

لِڪو ٿو لاتِيُون ڪَرين، جيئن باغَ اَندَر بُلبُلُ.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واہ مِٽي تنھنجو مُلُ!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاھ بنا دُلدُلُ.
اَحد مَنجھارَؤن عَبد سڏايءِ، ھُئين تا پاڻَ اصلُ.
”سَچَل“ چَوي سَچُ ٿي آئين، ڪونھي تنھنجو تُلُ.

ڪافي 13
آھيان آءٌ اِسرارُ،
جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!

ڪَنُ نه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.
ڇَڏي بادشاھِي پانھِنجي، ڪِيَڙُمِ ھِتِ شِڪار.
آيُسِ ھِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙھي بارُ.
آڻيو صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.
نوري ناري ناھيان، آھيان ربُ جبارُ.
مُرشِدَ ٻانھو نه چَيو، تون ”سچو“ آھين سَردارُ.

ڪافي 14
پَنھِنجي ذاتِ لِڪائي، ڪِيئن ٻِي ذاتِ سَڏايان!

ظاھِر ڪَريان ذاتِ کي، تا ھي بُتَ ڀَڃايان.
منَصُوريءَ جي مَوجَ ۾، ٿو ”اَناالحَقُ“ اَلاَيان.
واديءَ ۾ وَحدتَ جي، گھوري سِرُ گُھمايان.
”اعلىٰ اَعظم شانَ“ جِي نوبَتَ نِينھَن وَڄايان.
ظاھِرُ باطِن ھِڪڙو، آءٌ تا حُڪم ھَلايان.
”سچو“ سارو سَچُ ٿِيو، حِڪمت ھيءَ چَلايان.

ڪافي 15
اوھِين سَڀئِي ڇونَه ڄاڻو،
نانءُ مَٿِمِ آھي ڪھڙو!

اِسم اصلَ کَـئُون وِرہَ وَڌايو، صورتَ ھيءَ سُڃاڻو.
پاڻِيءَ منجَھون پارو ٿيو پيدا، واءُ عجب ڪوئي واڻو.
شاہُ جھانِ جو ٻانھو ٿِي، ڪَرَ وائيءَ ھِنَ وِڪاڻو.
ڏِسِي تماشو اِھو سو سارو، وَتي تان پاڻَ ويڳاڻو.
نانءَ وارو، سُڻو ري سَرتيون، ٿيو ھِتِ ڪِيئَن نِماڻو؛
مَستيءَ واري ساکَ نَه سلجي، ”سَچُو“ تون ٿِيءُ سِياڻو.

ڪافي 16
آھي بي نام و نشان،
سِر اِنھيءَ جو ناھي امڪان.

طرحِين طَرح پوشاڪون پھريئين، ڪُلَّ يَوۡمٍ ھُوَ فِى شَان.
ظاھر ذاتِ صفات سھي ڪَر، سِري سِرہُ الانسان.
منصوري آھي راہُ اِھو ئِي، جوشَ تنھين ۾ آ جولان.
غَرض گداگر يارَ اچي ٿو، نا ته ”سَچُو“ سارو ئي سلطان.

ڪافي 17
پاڻَ پِرين اُھو آھي،
متان ڀينر ڀولو ڀانيو.

جَنھن تي آھي تَنھن تي آھي، نانءُ ٻِئي تي ناھي.
پاڻُ پنھنجو سَھِي ڪَيو سين، ڪيچ وَڃُون ڪِيئن ڪاھي؟
ھِيئن تَنھن جو اَوھِين نه ڄاڻو، چَؤ تَڏھِن ٻِئو ڇا ھي؟
”سَچو“ سارِي صورت اُھائِي، لوڏا لَڪَن جا لاھي.

ڪافي 18
تاڏي مُنھُن نه پِيو ڙِي مُنھنجو،
جاڏي لوڪُ لَڙي ٿو.

جيڪو ھُئَڙُس جيڏيون، ساڳو آءٌ ٿيو.
پاڻَ ئِي پُنھلُ آھيان، ڄاڻو ڪونَه ٻِيو.
ظاھِرُ مُنھنجي ذاتِ کي، ڪيچِن پاڻَ ڪِيو.
”سچو“ سارو سَچُ ٿيو، وِچؤن وِرہُ وِيو.

ڪافي 19
اُتي پيو وَڃي خيال منھنجو، جِتي دَمَ قَدمَ جي جاءِ نه آءِ.

لامَڪانَ مَئُون لَهر لڙھِي، جَنھن مَٿي سَڀ ھوءِ ھاءِ.
وحدتَ جي درياءَ مَنجھارؤن، تون ڀِي وڃين موجَ مَناءِ.
بِرہَ توتي بادَلُ آندو، ”اَ نَاالحق“ جِي ھڪَل سڻاءِ.
قَطرو پاڻُ نه ڀانئِج عاشِقَ، ساروئِي تون بَحر سَڏاءِ.
ٻَئي جھان ھِڪو ڪَرڄاڻين، جلوَو تنھنجو جاءِ بجاءِ.
”سچو“ آھِين سِرُ سُبحانِي، ظاھِر جو تون نانءُ وِڃاءِ.

ڪافي 20
پاڻ کي يارُ نَه ڄاتوم، ڀينر ڀُلِي آھيان.

ٻُڏيَس ٻِيائِيءَ ۾، جو پاڻ نَه سُڃاتوم.
موڳائِيءَ جي مونجھَ ۾، ٿي ورہُ وسايوم.
اَٿَڻُ ويھَڻ پانھنجو، ھِي ڀينَر ٿي ڀانيوم.
خاص مُناري خاڪ جي، سوسرتيُون سمايوم.
ڏِسَڻ ٻُڌڻ ھِڪڙو، ھي ڪاڏنھُن الايوم.
”يَنطِقُ“ واريءَ رمزَ ۾، ھِي سِرُ سَلايوم.
نالو آدَمَ جو رکي، ھِن حيرت ھلايوم.
نانءُ مَنجَھؤن نانھِ ٿِي، ھِت ”سچو“ ٿي آيوم.

ڪافي 21
ڪَجو اوھين ويساہ،
سَرتيون، مُنھنجي ڳالھ سچيءَ تي!

آيو ڪنھِن تا ڳالھ کَـئُون، شھود ۾ شاہ.
لَڌم ھِھڙو ھوتَ جو، ريجھائي مون راہ.
جوئي ھدايت ۾، سوئِي آھي گُمراہُ.
اَحد اَحمد ھِڪڙو، آھي پاڻَ الله.
ساڳيون اَٿوَ پاڻ سو، چئو جو اَرواح.
”سچو“ سچيءَ ڳالھ ۾، ڪَھڙو ڪَيَم گُناہ؟

ڪافي 22
سڀ ڪنھن ويڙھي تون وسين، ڪونه آھي ٻيو تو ري!

ڄاڻي ھِيئن ڄاتوم، توکي سانوَلَ سڃاتوم،
ھر جا آھين تون حاطي.
ھَر جا حاضر ”تون“، موٽي ڪھڙي آھي ”مُون“،
ھادِي کَڻُ حِجاب کي.
ڪاٿئين قاضِي ٿئين، ويھِي ناحق فتوىٰ ڏئين،
سوريءَ تي منصور جي.
موٽِي ٿئين منصور، ڪَيئي مُلَن جو مذڪور،
شاھد ٿي بيھين، شَرَع تي.
”اَناالحَق“ آواز ھِي، تا سارو تنھنجو راز،
ظاھِرڪَيُئي بيھي زمين تي.
سرمد تي اَسرارَ، ڪَيءِ عالم تي اِظھار،
وري وڌُءِ شور شھرَ کي.
ھي سَڀُ ڪَم سنداءِ، آھن جاني جاءِ بجاءِ،
جيڪي ڪرين تون سو ٿي.
حاضر ناظر تون، باطن ظاھِر تون،
تُنھنجو ھُل ھَنگام ھي.
اُڀريو آفتابُ، جھَليو تارَن ھَڏِ نَه تابُ،
گوشا ويا ٿِي گُم سي.
”سچو“ ڀَڃُ گُمانُ، ٿي حيرتَ ۾ حيرانُ،
جو مولا مَئُون ٻانھون ٿي.

ڪافي 23
اَحوال عشق لائي،
”سِرُسِرہٗ“ بُلائي.

سِسِي شيخ عطار جِي، ٿو چوٽئين چَلائي.
ڏٺُوَ تماشو تيغَ جو، ڪُوپَن ڪَنڌ ڪَپائي.
دينَ ڪُفرَ مَئُون نِڪري، ٿو ”اَنالّحَق“ اَلائي.
واديءَ ۾ وحدتَ جي، ڪوڙيين سِرَ گَنوائي.
”سچوءَ“ کي تنھِن صِفَت ۾، سائين مانَ سڏائي!

ڪافي 24
رانجھو چاڪَ ٿي آيو،
نه ڄاڻان ڪھڙيءَ ڳالِھ کَئُون.

پَڌر وِجھِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.
بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.
سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائِين ڪونَه ڪِنايو.
”مَاراءيتُ شيَئاً اِلا ورايتُ اللهَ فِيہِ“ فائِق اِئين فرمايو.
”لَوکَفاالغِطَاء مَازتّ يَقِيناً“، حيدر ھِي رنگُ لايو.
مَاڻھوءَ جي مَظھَر ۾، آڻي سو نِينھنَ نِوايو.
”سچوءَ“ جي صِفَت ۾، الله اِئين الايو.

ڪافي 25
نانوَن حَق ڇپايو، ڀلو جيڏيون، وو...ھوءِ، ھوءِ، ھوءِ!

ھِنيَڙي کي حيرتَ، يار وي، آھي اُھائِي.
لَهرن بحرُ لِڪايو.
ھِنيَڙي سان لائين، يار وي، رمز اِھائي.
ھاديءَ ھِيئن سمجھايو.
جان جسم جِي، يار وي، ڏيئي ڏيکاري.
لِڪ لِڪوٽي ٿي آيو.
رنگَ بيرنگَ ۾، يار وي، طرحين طرحين.
يار ”سچوءَ“ رنگ لايو.

داستان ٻيو
1
اَول گُمراھي، آھي رباني راہ ۾؛
تِنھان پوءِ ھَمراھِي، آھي ھيءَ ھدايت جِي.
2
جي اول ھِدايَتَ، تَحقِيقاً ڄاڻيج تون؛
زيادہ ضَلالتَ، آھي اُنھينءَ وچَ ۾.
3
قَدرُ ھِدايتَ جو، آھي ۾ ضَلالتَ؛
جي ضَلالت نه ھُئِي، تا ڪاٿي ھِدايت؟
4
جي تو نه تَجريدَ، تا آئين نَه تَفريدَ ۾؛
ڪاٿي ٿِي توحيدَ، ڪَاٿي بيھَڻ تانھِنجو!
5
جِتي ماڻُھن ميڙ آھِ، آءٌ تِتي ناھيان؛
سِسِي سَنباھِيان، پُٺِيءَ شاہَ حلاجَ جي.
6
جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نَه مَڃان مان؛
ڪوئي آھيان اَن، جو ٻانھو ڪَنھِن جو نَه ٿيان.
7
پَسِي ڀَت ڀُليوس، تا آءٌ آدمِي آھيان؛
وچان جان ويوسِ، ته ساڳيو سائِين آھيان.
8
ٻيائِي ٻانَھَپ ڇَڏِ، آءُ تون اَحديَت ۾؛
لَحمئُون دَمَئُون لَڏِ، تا پاڪائِي پاڪُ ٿِئي.
9
آڇِپا اَول آھِ، پوءِ ٽِکُٽ جو پنڌڙو؛
جڏھن ٽِکٽ جاءِ، وَڌُ تڏَھن اُن حَد کي.
10
فِراقاءُ فَرقُ، شالَ نه پوي جيڏيون؛
مون کي آھ مَرَڪُ، سَدا سوزُ پِرين جو.
11
جَھڙوڀانيُم پاڻ کي، تَھڙو آھيان آءٌ؛
باقِي رھيو نانءُ، ”سَچو“ مون صاحِبَ جو.

ڪافي 1
ذاتِيءَ مَنجھ ذاتِ ڇُپائي،
بازي جا يارَ بنائِي!

ھاديءَ حقيقت حالَ جي، مون کي ساري سُڻائِي.
سَڀ ڪَنھن ۾ سَڄڻنِ، نوبت نينھن وڄائِي.
ڪاٿئين ”اَناالحق“ جي، تن چوٽ تَه چَلائِي.
”انا اَحمد بلا مِيم“، اِھا معنىٰ مِڙيائِي.
ڪاٿئين مَسِيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.
موٽِي مَڙھين وِچ ۾، تَنھِن مالھان ڦيرائِي.
ڪاٿئين وٿِ نه وارَ جي، ٿِي ڪاٿئين جُدائِي.
ڪاٿئين مَٿي تَخت جي، ڪاٿئين گدائِي.
اندر ٻاھر ھڪڙو، آھي صورتَ سَڀائِي.
ڳالِھ نَه سَمجھڻ جھڙِي، پر سڀا سَمجھائِي.
ڪافِر مومِن ھڪڙو، ”سچو“ ٻوڙج، ٻِيائِي.

ڪافي 2
سڀَ ڪَنھِن پارِ پِرينءَ جو پَر تو، خوابون عينُ کلايو.

وحدتَ مَئُون، وو، ڪَثَرتَ ڪِيائين، رَنگيءَ رنگُ رَچايو؛
تو مان جي پَردي مَئُون ٻاھر، سرتِيُون ڇو نه سِڌايو؛
طرحين طَرح پوشاڪان پَھري، لالَن پاڻُ لِڪايو؛
ھِي سَڀ حُسن ھادِيءَ جو آھي، ڀينَر ڪِيمَ ڀُلايو؛
پاڻ ڳُجھو ڪِيائين پَڌرائِيءَ ۾، ھِيءُ تَنھِن ھُنر ھَلايو؛
”سَچيڏني“ جي صورتَ ۾ تَنھِن، اِھڙي رمَز رلايو.

ڪافي 3
ھيڏي ھوڏي نه نھار، تنھنجي ويڙھي سو تان يار وَسي ٿو.

ساڻُ سدا آھي تان تنھنجي، پِرين نه آھي ٻي پارِ.
ڦولھي لَهِج پاڻَ مَئُون، ڇوٿو وَڃين وڻڪارِ.
پِرِينءَ نه پُڇِج پَنڌڙا، تون ”سَچو“ پاڻ سَنڀارِ.

ڪافي 4
ناھي ٻاروچو ڪو ٻيو، آھي اُھو جو مان روز ڏِسان ٿي!

ويٺِي ھُيَڙَس وَاٽَ تي، اَچي وسيلو ٿيو؛
ماڙيءَ مَنجھ معشوقُ ڏٺوسِين، لالَن پائي لِيو؛
دريءَ مَنجھون ديدَ ڏٺيسُون، لالَن پاتو لِيو؛
جَتَن ڪَج جَتَن جو، سَڱ سَبب سان ٿِيو؛
صحِي سُڃاتَم سُپُرين، يار يقينئون ٿيو؛
”خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھَا“، شَڪ وچَئون ٻِيو ويو؛
کڻِي وڃان آءٌ خوشِيءَ سان، سَرتيُون جي سُنھن ڏيو؛
سَير ساروئِي صُورَتين، پاڻَ قريبَن ڪيو؛
يارَ ”سچل“ تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کيو.

ڪافي 5
حاجي حَجُ اَڄُ ڪيوسي، ڪعبَو مُنھُن محبوبَ جو.

ھاڻ حاصل سَرتيون، اَڪبر حَج ٿيوسي.
ٿِيو قَبوليت مُنھنجو، جيڪو عرضُ چَيوسي.
ھِيءُ تَنُ طَوافي ٿيو، وچؤن غيرُ ويوسي.
ھاريون ڙي حَرمين ڏي، سَندن نامُ نِيوسي.
اُنِھيءَ ٻاجُھون ناھ ڪو، اِھو احرامُ ٻَڌوسي.
اُھو ڪَعبو اُھو قبلو، ”سچو“ ڏَسُ ڏيوسي.

ڪافي 6
تو ڪِيئن وڃايو پاڻُ، ڳولي لَھِج پاڻ کي!

پاڻ وڃايو نَه لَھِين، ڀَڃِي شَڪ گمان!
آخر گَڏيُئي گھرَ ۾، ميان سوئِي گَھرُ سُڃاڻ.
مَکَڻُ اکر ھِيڪڙو، ميان سوئِي کِيرُ سنڀاڻ.
آھين ناھين آھ سَڀوئي، آھ نڪو اُھڃاڻ.
ڇا جي ٿيندو، ڇا جي لَڀندو، صورت وچ سُڃاڻ.
”سچو“ ٿي سَچُ آئيو، ماڳ اِنھِيءَ مِھمان.

ڪافي 7
سَڀ ڪنھن صورتَ ۾ سُپِريَن، سَرتيون ڙي، ساري ڳالِھ سَليائون.

ڏيو ٻاري سِجَ کي، ڪاٿي ڪِينَ ڏِٺائوُن.
ساڻُ روشِنيءَ سِجَ جي، پُرجھِي سِجُ پسيائون.
وحدتَ ڪثرتَ ھِڪڙي، جيئن مِينھَن ڦُڙيون مورائوُن.
”سچوءَ“ سندي نانءَ ۾، اِھڙيءَ طرحَ اُتائون.

ڪافي 8
جيئَن سِجُ آھي پِريشان، سوئي ڳولي سِجَ کي.
مَڇِلي جيئي آبَ سان، آب پڇي طغيان.
تارو پُڇي نجَم کي، موجَ پُڇي مِھراڻ.
ڦُڙي پُڇي مِينھَن کي، شاہُ ڳولي سلطان.
ھو مِڙيئِي پاڻَ ٿِيو، ڪير ٿِيا حيران!
”سچوءَ“ جي صفت ۾، اِھو باريءَ ڪيو بيان.

ڪافي 9
صورتَ سَڀ سلطان، پاڻَ ڏسَڻ آيو پَنھنجو تَماشو!

ڪاٿئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئِين مالِڪ، نعمان؛
ڪاٿَئِين پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پِڙھي قرآن؛
ڪاٿئين اَنَاالحق چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فرمان؛
ڪاٿئين طفوليَت ۾، ڪاٿئين پِيرُ جوان؛
ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ھَنومان؛
”سچُو“ پيو صَبرَ ۾، ھوءِ حَيرتَ ۾ حَيران!

ڪافي 10
ٻانھون ڀانءِ مَ پاڻُ،
تو ھِين مالِڪ مُلڪَ جو!

”لاَ خَير فِي عَبدِي“ اِھو اَٿَئي اُھڃاڻ؛
پاڻ پنھنجو پاڻَھِين، صورت مَنجِھ سُڃاڻ؛
تون ئِي ڄاڻَندڙ سَڀَڪِي ميان، ٿِئين ڪِيئن اَڄاڻ؛
اللهُ اللهُ ڇو چَوين، پاڻ ئي اللهُ ڄاڻ؛
”سچو“ سائِين ھِڪڙو، ناھي شَڪ گمان.

ڪافي 11
آءٌ پُنھون پاڻ آھيان،
ڪاڪِيون مُنجان قاصِد ڪاڏي!

اِھا صورتَ سَمجِھي ڏٺِيَم، ساٿِي ٻِيا ڪيئَن سَنباھِيان.
ڳالِھ پَري ھُئي، ٿِي پَئِي اوري، ڪيڏي سي ڪانگ اُڏايان.
مُدعا مَطلب ھو مِڙيوئِي، پوٿِيون سي ڪيھُون پَٽايان.
سُڌِ پَئِي مون سِر انھيءَ جي، ڪيچ ڀنڀور کي ڀايان.
”سچوءَ“ مَنجھَون ٿيو سچُ پِيدا، ڪيھون ڪوڙيون ڳالھيون ڳايان!

ڪافي 12
مون سان تون آھين آھين،
ڪَڏھن ڪِيئن ڪَڏھِن ڪِيئن!

اسان نماڻن تَئُون سُھڻَا سائين ، ھَٿ ھَٿَئون متان لاھِين.
آءٌ ڪَنِيزڪ، تون تان سائين، سڱُ نَه تَنھِن سان ڪو ساھِين ساھِين.
ڪَڏھن آرامِي ڪَرين اسان کي، ڪَڏھن بَڇين ٿو باھِين باھِين.
ڪَڏھن مَنصُوري دمُ اَناالحق، ڪَڏھن ڏَسين ٿو ڦاھِين ڦاھِين.
حاظر ناظر آھين اسان سان، ڪِيئَن چوان تان ناھِين ناھِين.
اَستَغفِرُالله ڳالِھ اِھائي، جو ڪُجھ مُون سان تون ناھِين ناھِين.
”سچو“ جي عاشِقُ آھِين اسان جو، ٿِج نَه دردَ جون دانھِين دانھِين.

ڪافي 13

تو ۾ تَندُ تنوار،
ٻُڌين نٿِي ٻوڙِي، الا!

ڳالِھ اِھائِي ناھي سَلَڻَ جي، خَرچين سَو لکَ ھزارَ.
ساٿِيَڙن، ميان، ڪيا ھي سَڏڙا، لاھي سَڀ مَيارَ.
دم غنيمَت جا ھِت آھِن، ڏينھَن دنيا ۾ چار.
”سَچلُ“ آکي عِشق مَنجھارؤن، تڳان تُنھنجِيءَ تار.

ڪافي 14
مَحبوب ڳولي ڏسُ مَنَ ۾،
مَنَ ۾ تون، ڏسُ دل ۾ تون.

واہَ ڪاريگر سازُ بَنايُئي، ”ڪُن فَيَڪُون“ جي ڪُنَ ۾.
بي فائِدو بازارگُھمين ٿو، گُلَ ڦُلَ باغَ بَدنَ ۾.
چوريءَ چوريءَ سَير ڪَرين ٿو، تُنھنجو چاند چَمَنَ ۾.
”سَچَلَ“، سائين صَحي ڪَر ڄاتُم، يار گَڏيو ڪَکَ پَنَ ۾.

ڪافي 15
مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي!

مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون ”سَچَو“ صفاتِي.

ڪافي 16
پاڻُ سُڃاڻڻ آيو، ڙي، سڄَڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو.
ڪَم نه ھُيَڙس ڪو ٻيو!

پاڻَون ڄاڻِي پاڻ سان، ھِت لَؤن تان لائِڻ آيو.
عَرش مَنجھارؤن اُلَهِي، ھِت ورہُ وسائِڻ آيو.
سولِيءَ تِي مَنصُورٿِي، ھِت سِر سَلائِڻ آيو.
مِصر جي بازار ۾، ھتِ مُلھ وڪامَڻ آيو.
”سچو“ ري سنسارَ ۾، ھِت پير گھمائڻ آيو.

ڪافي 17
توڙي پُٺيءَ لڳي سارو جَڳُ، تان ڀي ڇا ٿيو؟
ناھي مَڃتا ۾ مَطلبُ.

نَفِي، سِري، خفي، اخفا، توڙي جاري ٿِيئي قلب.
ڳالِھيَن ڪِئي ڪِين ٿِئي، مَنصُوري منَصَب.
ڪاڻ تماشي ڪِيتَرا، پُڇن پار عَرب.
ڪَري ڏيکارين ڪيترو، عالَمَ کي به عَجب.
نَفلَ نمازان وردَ وَظِيفا، اِھو ڪوڙ ڪَسَب.
دائرا دَعوتَ جا ڦرِين، ڪَرين تَسخِيرات طَلب.
ٻاجھَون عشقَ اللهَ جي، ”سچو“ ٿِئي نه سَبب.

ڪافي 18

چَئون ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!
يا تُون آھِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاھ ٺھائِين ٿو.

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُغ برھمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُنھن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.
ڪاٿَئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.
ڪاٿئين پيرين آھِين پيادو، ڪاٿَئِين بور بَڇائِين ٿو.
ڪاٿئِين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پَٽائِين ٿو.
ڪاٿئِين زربفت قبائون، ڪاٿَئِين لِيڙا لڙڪائين ٿو.
ڪاٿَئِين ڏيئِي شرعي فتوىٰ، ڪاٿئِين مَنصُور مارائين ٿو.
ڪاٿئِين ھَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏھيسر سڏَائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئِين لَڇمڻ لَکائِين ٿو.
ڪاٿِئين نمرود ابراھيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسىٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي بادشاھ مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.
ڪاٿِئين مفتي تون ”خدائي“، ڪاٿئين ”اَنَاالحق“ فرمائين ٿو.
Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
وحدت - سچل سائين جو ڪلام
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: