Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 سچل سائين جو ڪلام -حقيقت

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: سچل سائين جو ڪلام -حقيقت    Thu Nov 15, 2012 1:42 pm


داستان پھريون
1
ھُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، ھِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛
نَفيءَ ۽ اثبات کَئُون، پَري خيال پِيو؛
”سچو“ سَچُ ٿِيو، ٻي ٻانَھپ ٻولِي ناهِ ڪا.
2
”سَچُو“ سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجھان ڪَثرتَ ڪُلُ؛
الَف مَ‍ئُون آدَم ٿِيو، ڪَري ھنگامون ھُلُ؛
ھِندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنھِن ڀلُ؛
”خَلَقَ الاشيَآء فَھُوَ عَينُھَا“ اِھو آڻ عمَلُ؛
ٿِجِ گلابِي گُلُ، مَرُ مارِنِئِي مَنصُورَ جان.
3
قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي؛
روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ؛
سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ؛
اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛
رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ؛
”سچو“ ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين.

4
سائرَ مَنجھ سَھسَ، گھيڙا گھِڙڻ آئِيا؛
ڪو سِرُ سِيڻاھِيو ڪَڍي، ماٺي کَئُون مَسَ؛
”سچو“ لَنگھي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَھ ۾.
5
اَچِي اَوَ تڙياءُ، گھِڙيس گھوري جِندڙِي؛
چڙھِيَس ڏَاڍي چَاہَ مَئُون، مَستِي مَوجَ مٿَاءُ؛
تَڙَ لَهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگھي پيِس شَھ ۾.
6
جي وَڃِي شَھ پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛
ڇا تانگھي ڇا تارِ۾، ٻڏي پَوَن ٻيا؛
جي وِچؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.
7
گھِڙَن جي گھيڙاءُ، تانگھو عِشقُ تَن جو؛
جن کي عشَق عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛
جي سُورَ چکَنديُون ساءُ، ميھَرُ سي ماڻِينديُون.
8
اسان پِرِين وِچَ ۾، وَھي ٿو دَرياھُ؛
آھي ڪونَه اسانجو، ھاديءَ ري ھَمراھُ؛
سُپيريان تَئُون سَاھُ، ”سچوءَ“ تان صَدقي ڪِيو.
9
ڏاھا ڏوريون پنڌُ، متان ڀائين پِريَن جو؛
حَبِيباڻو ھَنڌ، وڃِي ڏِسِج اَکڙيَن سان.


10
پِرين مُنھنجا پَارِ، تون ڪِيئن ھِت ويلا ڪَرين؟
قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻُ تو درڪارِ؛
ڏسِي وَرج سگِھڙو، دوساڻِي دَربار؛
لڳِي اَٿَم لَونءَ جِي، عَجِيبن سان عَارِ؛
ڏاترَ مُون ڏيکار، صورتَ سانگِيَڙَن جِي!
11
اَسان پِريَن وِچَ ۾، دور وھي دَرياءُ؛
ڇوليُون ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛
سُڻي آھان آءُ، مِيان ھِن مُشتاقَ جُون!
12
اسان پرين وچَ ۾، جَرُ وھي جاري؛
ھِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻيون وِيريُون ڏي واري؛
ھُت ساجَن جا سارِي، سا دَھلي ڪِينَ دَرياءَ کَنئُون.
13
مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِي ڪِتابَتَ؛
ڏُکَن جي ھِنَ ڳالَھڙيءَ، مُنجھائِي مَصلحتَ؛
ڪِيو فَنا فرض سُنتَ، سِڪَ تَوھان جيءَ سپريَم.
14
چَري چَري مَ چئو، چَريو آھي لوڪُ؛
جو چَرئي لَڌو ٿوڪُ، سو ”سَچُو“ آھِ نَه سڀ ڪنھن.

ڪافي 1

سالِڪ راہَ سُڃاڻِي، پاڻُ نَظَر ۾ آڻِين.

جاءِ نَظَرجِي آھِين اَصلَ کَئُون، يارَ يَقيناً ڄاڻِي؛
پاڻُ وڃائِج نُور نَظَر۾، تَه وسرئِي ٻِي آکاڻِي؛
فنا کَئُون اڳي بَقا نَه ٿِيندين، جِيئَن پارو۽ پاڻِي؛
صورتَ مَنجھان ٿِي بي صورَتَ، وِچئُون گَرد اُڏاڻي؛
ھادِيءَ حقيقَتَ ھيءَ سَمجھائِي، ”سَچو“ ساھَ سيبَاڻِي.

ڪافي 2

لَئون اَچِي پاڻ لاَ يَوَ، ناته مون کي ڪَل نه ھوئِي.

اصلَ لاڪُون عِشق لائِڻ جِي، ڳالِھ اِھا خوش آيَوَ؛
دَردَ فِراقَ جي ڏِنيو اَمَانت، اِھا سانوَلَ سيبايوَ؛
عَرشَ ڪَرسيءَ جا ڪِين قبولِي، اُھا اسان ڏي ھوت ھَلَايَوَ؛
ڳالِھ پُرجَھڻ جھڙي نا ھُئي، پاڻَ سَڄَڻَ سَمجھايَوَ؛
ڏينھَن اُنَھيءَ جي، يارَ ”سَچوءَ“ کَـئُون، سچي ڳالِھ سَلايَوَ.

ڪافي 3

تُنھنجو دَردُ اصلَ کَئُون، اِختيار ڪَيوسين ميان؛
تُنھنجي سُخنن سَچَن اُتي، اِعتبار ڪَيوسين ميان.

ڪِي ٿا پُڇَن پِرينءَ کي، ڪُرسِيءَ يَا عَرشَ اُتي؛
تُنھنجي اکين مَنجھان سُھڻا، اِسرار ڏٺوسين ميان.

ڪي تا تابع تجليّ، يا شُعلِي نوري يارو؛
اسان صورَتَ ھِن ۾ تا، دِيدار ڏٺوسين ميان.

تنھنجو حُسن ٻِنَھي جھانين، يار سَڄڻ سَھِي ڪيوسين ميان؛
تُنھنجي سچيءَ ڳالِھ ھِنَ تي، اِقرار ڪيوسين ميان.

ھو جو ڪَيَڙوَ مون سان، سو پانھنجو وعدو پاڙيو؛
سِر ساھُ صدقي، صدبار ڪيوسين، ميان؛

”سچو“ سَگ دروازہ، آھي روز اَزلَ کَـئُون ميان؛
تو پِيرَ عبدالحَق جو، پيزار ڪيوسين ميان.

ڪافي 4

وڃِي اَکيون ڪاٿي لايُئي،
حالَ حقِيقتَ جي سان.

فِڪراِنھِيءَ ۾ ميان ٿِي فنا تون، پاڻُ پَنھنجو ڀايُئي؛
اِھڙيون ڳالھيون سُڻ ري عاشِقَ، سارو سو عشق وڌايُئي؛
محبت وارو دل جي اندر، ڏاڍو ڪو مَچُ مَچايُئي؛
کَنيئي پَلڪ ۾ پاڻَھي، ڀولي ڪَنھن نه ڀُلايُئي؛
جي ٿِئين عاشِق يار ”سچو“ ري، اِئين سو عِشقُ ڪَمَايُئي.

ڪافي 5

ڪَلَ نَه پَوندي ڪائِي،
عَجب جيھي اسرار ُاُنھِي جي.

ھُئي حَلاجَ ذرو سڌ سِرَ جِي، تَنھِن سِسِي ڪوڏَ ڪَپائي؛
لاھي حِجابُ حجابُ وڌائِين، ھِيءَ حِرفَتَ يارَ ھَلائِي؛
”سَچو“ سو ئِي صاحب آھِين، پر سڀ ۾ ذات سَمائِي.

ڪافي 6

جِھڙو ھيءُ عجائب آھِ،
ناھي عجب ٻيو ڪو اِھڙو؛

ھيڏي ھوڏي نه ڏسين، مُنھُن پاڻيءَ ۾ پاءِ؛
پوءِ تصور ھن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛
اکيون پَٽي جي ڏسين، ھادِي آھي ھَر جاءِ؛
”سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، ھيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.

ڪافي 7

اِھو ڏاھيون ڏَس آھِ،
سانول اِتي وسي ٿو.

ڦولھي لَھج پاڻ مَئُون، پَري نه پيرا پاءِ؛
دائِم آھي دوستَ جي، تُنھنجي جيءَ ۾ جاءِ؛
ڪَنھِن جي ڪارڻ ٿِي ڪَرين، ھاري ڙي ھاءِ ھاءِ؛
سوئِي ڏسندڙ، سوئِي سُڻندڙ، پاڻَ ئي ڳالھيون ڳاءِ؛
سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪِي ڙي ڪَنھِن لاءَ؟
”سَچو“ ويڏو ساھَ کَنئُون، ڪير چَوي تا ناءِ!

ڪافي 8

ھِي ڇَڏيج ھو وٺيج،
متان ڪا ٻِي ڳالِھ پُڇيج.

دُوئيءَ واري دامَ کَئُون، پِھريون طالِبُ پاڻ ڪَڍيج؛
مُرشِدَ جِيئن فَرمائِيو، واقف سو تان ڏَسُ وَٺيج؛
سِر سَھِي ڪَرِ پانھنجو، ٻئا آڏاڻا ڪِيم آڏيج؛
لاري لڳُ نَه ڪَنھِن ٻِئي، عاشِقَ اِنھيءَ پنڌ پئيج؛
ويسَھُ واريءَ واٽ تي، ”سچو“ ڙي تُون سِر سَٽيج.

ڪافي 9

پاڻَھين پارؤن يارَ، قاصِدُ مون ڏي اَڄُ آيو!

اَچَڻَ سَندي اُن جي، اُٿِي ويا آزارَ،
ٿورو ڪيڏو تَن لايو.
ڏنا دلاسا دل کي، رھبر راتَ ھزارَ،
سَندن روحَ جو رايو.
ھيڏي ھوڏي نَه وڃي، اَچج ۾ اِعتبار،
محبت مِڙيوئِي مايو.
اَچڻ جا مَحبوبَ ڪَيا، پَڪا قولَ قَرارَ،
”سچو“ توڏي ھُئُنِ سَعيو.

ڪافي 10

ڀَلي ڪَري آئين، ھِت تون گُھرجين يار!

ھِت تُنھنجِي گُھرَ گَھڻِي ھُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!
جاڏي تاڏي جَلوو تُنھنجو، عَجب تُنھنجا چَمڪارَ.
ھِي ڀي ھو ڀِي ھِڪُ، ديسُ تُنھنجو چَئِين ڪُنڊين چوڌار.
اَچِي ٿئين ھِڪُ ”سَچوءَ“ سان، لاھي ٻيائِيءَ بارُ.

ڪافي 11

عاشِق مَرندا ڪِينڪِي، رھندا ڪِينَ مَڪانَ ۾.

ديواني درياءَ جو، پِيتئون پيالو پُر ڪَري،
اَجرمَنجھ اَمر ٿيا، اُھي گَڏيا ڪِينَ جھانَ ۾.
غيبَ ۾ جي غَرق ٿِيا، تَن گھاء گَردَن ۾ لڳا،
ٻولِي ٻولن ٿا ٻِي نڪا، اُھي رَھن ”اَلاَمانَ“ ۾.
ڪيئِي پَڙھندي سالَ ٿيا، روزا نمازون نَفل نِي،
تَن ڪُٺَن ڪَلَ ڪانه ڪا، باطونَ جي بيانَ ۾.
چِين ولايت گھر ڪَري، گَھڙِي گھارن ڪِينَڪِي،
پَسَن ھادِي حَق کي، رھن ٿا بئبانَ ۾.
ھَر دم آھي دم دوستَ ڏي، اھي سُونھَنَ ٿا سَر انجام ۾،
سو ”سچوءَ“ کي ئي مليو، ھي گُر اچي ته گِيانَ ۾.

ڪافي 12

ڪِيئن وساري تو ويھون ويھون،
پِريان سَندي پارَ جِي، ووميان.

ساھَ سَنيون تان يادِ ڪَيُون، سي آھِن عجائبَ جيھون جيھون.
ڪھڙيين ڳالھيين عاشِقِ اَسان کي، ڏُکَ ڏوراپا ٿو ڏيھون ڏيھون.
اِھي عتابَ تون رکين ٿو ڪيھا، پَکي اسان جڙي پيھون پيھون.
ھِنَ پڄاڻؤن مَتان اَسان تي، ڳالھيُون رکين تون ايھون ايھون.
”سچو“ اسان جو تون، اسين تنھنجا، ڳالھيون ڪرين تون ڪيھون ڪيھون.

ڪافي 13

آءُ ڪانگا ڪَرڳالِ.
آھِن ڪيھيون اَسان جيون ڳالھيون.
مون سان ڪري جي ڪالَھ وئين، اُھي تان وعدا پال.
ھِنَ غريب سان پِرين گڏائج، بِرہَ ڪِيَس بَيحال.
ھيڏي اچڻ جِي ھُئِي اُنھن کي، ڪا تان قيل مقال.
ٻاجھ پَويئي وي ٻاروچا، نِج نِماڻي نَال.
ياد ڪَرن تا ھُتِ توئي کي، وجُھ نَه جيءُ جَنجال.
”فَاذڪُرونِي اذڪُرڪُم“، پَئين تُون ڪيھي خيال.
قولَ پِرينءَ ڪَيا جي توسان، سي تان سَڀ بَحال.
دل ٻَڌل آھي توءِ پِريَن جِي، ”سچو“ تُون پاڻُ سَنڀال.

ڪافي 14

پاڻَ پُنھون آءٌ آھِيان،
اڙي ڀينَر ڀُلي ناھِيان.

ٿِيو ٿِيون مُنڪِرڳالِھ اِنھيءَ کَئُون، چَو تَڏھِن ٻيو ڇاھِيان؟
ڪيچ ڀنڀورڀِي وسَنوَ اسانجي، ڪَھڙي طَرف آءٌ ڪاھيان؟
ھَر ڪو چَوي تا سَھسِين عاشقَ، نانءُ پاڻَ ئِي تَئُون لاھِيان،
ھِت ھُت آھي صورتَ منھنجِي، ٺاھ نه ڪو ٻيوٺاھِين،
پَنھنجو پاڻَ ئِي سان يارَ ”سچو“ ڙي نِينھُن اِھوئي لايان.

ڪافي 15

مَحبوبُ مِٺو آھي مَنَ ۾،
معشوق مِٺو آھي مَنَ ۾!

بيفائِدو بازار گُھمين ڇو، اَٿَئي بُلبُل باغ بَدَن ۾؛
ٻِيائِيءَ سان ٿو ٻاھر ڳولين، نه ٿِئي بَرَ بَحرَ ۽ بَنَ ۾؛
چِھرا چوريءَ چليو ڏسئين ڇو، اَٿئي سو چاند چَمَنَ ۾؛
زلفَ زنجيرَ کَئُون زاھِدَ ڀَڳا، اُھي ظاھِرپَرَستَ ظن ۾؛
عاشِق سَوين اَحوالَ ۾، آکِن اَناالحَق اُنَ ۾؛
سَت زيورَ سينگارَ ڪري نِي، دوست آيو درسَنَ ۾؛
”ڪُل يَومٍ، ھُوَ فِى شَانِ“ آيو ورنھَ ھر ڪَنھن ون ۾؛
دلبَرَ ديرو دائم دل تي، ڇو ديکين درپَن ۾؛
ڪري ٿو آھُون ڪِينَ سُڻي ٿو، اَٿَئي قُدسِي ڪلام ڪنَ ۾؛
مُرشد ڪامِل سانولُ سُپرين، آيو صاف صحن ۾؛
فيض ”فاروقِي“ فائَقَ بَخشيو، فھمائي ھِن فَنَ ۾.

ڪافي 16

سِگھَڙي لهج سَنڀالَ،
ھادي ھِنَ جي حالَ جي.

ڪوتَھ ڪَريو قَال کي، آڻي ۾ اَحوالَ؛
سگھو موٽِج سُپرين، تو ريءَ ڪَيَم ڪَشالَ؛
فَنا ڪَريو فِراق کي، ويجھو ڪريو وِصال؛
گھڻا لايوَ ڏينھڙا، ماريَس ھِنَ مِثالَ؛
اَوھان ٻاجھون سُپرين، ھِھڙا ٿِيڙم حال؛
اَڱَڻ ھِنَ جي آءُ تون، ”سچوءَ“ مَڃ سوال.

ڪافي 17

زاري ڀينَر زاري،
اڳيؤن عَجيبَن جي، آھي اسان جي!

روز اَزل کَئُون عاشقَن جِي، سُوريءَ تي ھسوارِي،
شاہ مَنصور حلاج حُسَينِي، سُوري ڪِيئن سينگاري،
ھِيءُ ٿئي گُم اُھو ٿئي ظاھِر، چُپ چُپان چوڌاري،
”سچو“ ساھ سِري ڪر صدقي، سَرسُ وٺين سَرداري.

ڪافي 18

ٿو دوستِيءَ جو دَمُ ھَڻين، پَر ڪِيئن ڪُسِي قُربان ٿئين.

مَھَند مَنصُوريءَ جي تُون، مَنجھ مَعرڪي مَردان ٿئين.
وري صحِي ”اَنَا سِرہٗ“، تَنھِن اسم مَئُون انسان ٿئين.
جي تو پوري سُڌ سِر جي، حيرتَ انھيءَ حيران ٿئين.
نعرو ”اَنَاالحَقُ“ جو ھڻِي، ٿِي مرد سر ميدان ٿئين.
جي دم سُڃاڻين پانھنجو، تُون دين، تون ايمان ٿئين.
ھِي پَنڌ سو پُرزا ٿئي، جي نينھن جو نيشان ٿئين.
”سچو“ يَڪايَڪ، يَڪ ٿئين، تون شمع، تون پروانو ٿئين.

ڪافي 19

مين ماھي دي لڳِ ماري،
ماري آئون ڦِر جياري.

چَونديَس پيش پِرينءَ جي، حال حَقِيقَت ساري.
جا نالو وٺَندي نِينھَن جو، تَنھن کي اِيندي شَھَر نِڪاري.
دم نَه رھندي دوستَ ري، شَوقُ سَندو شِڪاري.
مَستَن کي محبَتَ جي، آھي ڳِچيءَ ۾ ڳاري.
جي اَول ماريو پوءِ جيارن، تَنين گَڏ قطاري.
چڱِي ٿِيَڙس چِت ۾، دوستَ ڏني دلداري.
”سچيڏني“ کي عِشق جِي، صاحِب ڏي سَرداري.

ڪافي 20

عاشِقَ ڪَيَئي اُداسِي،
وہَ واہ ڳالِھ خاصي.

لَؤن لَؤن مَنجھ روز ازل کنؤن، آھي وِرھ اَوھان جي واسِي.
”عشق نار احِتَرق“ سُڻِي اشارتَ، ھيءَ دل تا ڪِينَ ھِراسي.
ھيڏي ھوڏي ڪين وياسي، بات اھِا اسان باسِي.
برھَ اوھان جي ڪِيو بيراگِي، ”سچو“ رنگ سَناسِي.


ڪافي 21

ھُت تا ڪير ھُياس، ڀَلو ميان، ٿِي آيس ڪير، نه ڄاڻان.

نانءُ ٻيو ھُت ھو منھنجو، سائين الا، ھِت ٻِئي نانءَ ٿياس.
اچڻ نَه ھو ھِت مُنھنجو، سائين الا، پَرَ ڪَنھِن تا خواھش کنياس.
ھُت ھُيَس مَعشوقيءَ ۾، سائين الا، ھِت عاشِق ٿِي آياس.
ھَي ھَي ھُئِي ڪانه ڪا، سائين الا، ھِت مَنجھ پَروڙ پياس.
”سَچو“ سارو سَچ ٿيو، سائين الا، وِچَئُون ”آءٌ“ وياس.

داستان ٻيو

1
جي اچين تان اَچُ، نَه تَه ھِت پُورَن پَڇاڙيو؛
محبَتَ ٻاريو مَچُ، سِيني مَنجھ ”سچوءَ“ جي.
2
ڪِيم مَھِينا لاءِ، آءٌ ڀَلا ڀُلِي آھِيان؛
اَچِي اَکڙيُون کَڻِي، ”سچوءَ“ کي سَرچاءِ؛
جانِي جوڙيَم جاءِ، تو لڳ اَکَڙيُن ۾.
3
چَشمَن جِيءَ چمَڪارَ، ساھ مُنھنجو سوگھو ڪِيو؛
ويھي واٽَڙيُن تي، رُئان زارو زار؛
ھوت اَچِج ھيڪار، اَڱَڻ آسروند جي.

4
ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافِر؛
اِنِھيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سَمجھي ”سَچيڏنو“ چوي.
5
روئَڻ کان نه رھن، آيَل اِھي اکِيُون؛
سڀڪنھن ويل وَھن، اَٿن اَثر اوھِيرن جا.
6
لَحظو نَه لاھِين، بارَ مَٿَن بَرسات جا؛
اکين کي آھِين، اَثَر اوھِيرن جا.
7
بادلَ وارا بارَ، چشمَن تي چڙھيا؛
رئن زارو زار، اَٿن اثر اوھيرن.
8
آئي نِي مُند مِينھَن، آھي اَکڙين کي؛
رُئن راتو ڏينھن، اَٿن اَثر اوھيرن جا.
9
آھِ اِھا ئِي تاتِ، آگم اَکڙين کي؛
ڏينھنَ اَئُون رات، اَٿَن اَثر اوھيرن جا.
10
آگم اَکڙين کي، سدائين آھِين؛
سي ڪِيئن اوڳائِين، جن کي اَثر اوھيرن جا.
11
اَکِين کي آگمَ، ھِن سَدائين سَرتيون؛
گُوندر گڏيون غَمَ، اٿن اثر اوھيرن جا.

12
لايون پِرت پَسن، آئون آگم اَکين ميڙيا؛
سي تان ڪِيئن نَه وسَن، جن کي اثر اوھيرن جا.
13
ڏسن ۽ رئَن، اِھا عادت اَکين کي؛
سي سرِھُون شالَ ھُئن، جن کي اثر اوھِيرن جا.
14
آھي ريجھ رئڻ، آيَل اَکڙين کي؛
ھُئي تَن ھُئڻ، جن کي اَثر اوھِيرن جا.

ڪافي 1

آءُ ته ”مان“ ”تون“ وَڃي، يارَ،
ٻِي ڳالھ ڪَر مَ ڪائِي.

ڳُجِھي ڳالھ ھاديءَ واري دل تي دائم،
فراموش ٿِي ٻي ورونھن وائِي.
بَحَر تي جا لَھَرلڳي ٿي،
اَسان پاڻ بازي اصل کَـئُون بَنائِي.
آھي ھُوءَ حيرَت ھُو جي جِسمَ تي،
حَرفُ حَقَ جو آھي صورتَ سَڀائي.
لَٿو جُھڙ جو ھو نَظَرَ ۾، ظاھر ٿيو سِجُ،
ٿِي اَڄُ سراسر سھائِي.
آھي ”سچو“ سَچُ تحقيقَ ڄاڻِين،
جَنھن مَست ماريو دم خدائِي.

ڪافي 2

سچا سي سخن ھاديءَ جا، يارو، اڄ ياد آيا سي؛
تَنھِن ڏينھَن لاڪُون اڄ تائين، اُھي بَرچشمِ چايا سي.

ڪَيوَ تان قولُ سائِين ھي، مِڙن آڏو پَڪو مون سان؛
ھونداسين دَم بَدم توسان، اِنھيءَ وعدي وٺاياسي.

ڏيو ھِي تن طَاعَت ۾، گَڏيو ھِي جان جانان سان؛
پَري ڄاڻيجو پاڻِيءَ کي، لاڙي ھِن يارَ لاياسي.

روزا ڪيئي، نفل نِـمازان، توڙي سَو ورد وظيفا؛
سَڀيئِي لڳَ ظاھِر آھن، سبق ساڄن پَڙھَاياسي.

پَئو جي خيال خاصي ۾، سڃاڻو پانھنجِي صورتَ؛
ٻڌي، ٻولي، ڏسي ٿو ڪير، فڪرَ ٻيا سڀ ڦَلاياسي.

ويٺو مَنجھ بادشھ محلي، ٻولي ٿو ڪِيئن اُھي ٻولِيُون؛
اُھو بادشاھ اُھو بنگلو، نه ٻي ڀولي ڀُلاياسي.

جيڪي ڪيا دوستن مون سان، اُھي ڳڻ تان نَه وسرَن ٿا؛
ھُئا گڏ جي حبيبن سان، چڱا سي دمَ لَنگھياسي.

شڪر اَلحمدلله ٿو پڙھان لکَ بار شڪرانا؛
اُھي پيھي پَکي آيا، جَنِين لءِ پَنڌَ پُڇَاياسي.

”سچو“ سگ آھي دروازي، ازل جي روز سائِين جو؛
پَنھنجو سي ڪِيئن ڇَڏيندا ھي، توڙي عَيبن اُٺاياسي.

ڪافي 3

ڇو ڪَرين ٿو اَرمان،
جيڪي آھين، سوئِي ٿيندين!

اُتر، اُڀَر، اولَھ، ڏکڻ، سَر زمِين ڇا اُھو آسمان.
پاڻُون ڄاڻِي پيرَ گُھمايَـئِي، ٿي صورتَ ۾ انسان.
اُٿَڻ ويھَڻ ڄاڻِ اِھو ئِي آھي، ”ڪُلَّ يَوۡمٍ ھُوَ فِى شَانٍ“.
”ڪُلُّ شَيءٍ يَرجَعُ اِلىٰ اَصلِہٖ“، قادرَ ٿيو فرمان.
ھاديءَ حقيقَتَ ھِيءَ پُرجھائِي، ”سَچو“ تون سُلطان.

ڪافي 4

بِرھ جي بازار،
جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
سودو جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛
جي ڪَنھن چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛
”سچو“ اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي ڪَار.

ڪافي 5

پانھنجا وعدا پاڙيا، سانولَ سائِينءَ!

ھو جي ڪِيائون اصل اسان سان، سي قولَ نه يار وساريا؛
ڏينھن اُھي مون کَـئون تا نه وسِرن، جي مون گَڏ گُذاريا؛
سُخن سَچائِيءَ يارَ سَڄَڻ جا، سي ھِنَ ساھَ سنڀاريا؛
اُنھن ڪارڻ شَھر بحر ھي، مون تان نِتُ نِھاريا؛
دوستَ ”سَچوءَ“ جا دور ھئا جي، سي واليءَ ھِت ورايا.

ڪافي 6

جو ٿو ڳولين يار، سو تان تو ۾ آھي!

ڏونگَرَ ڪيڏا ڏورئين، چَؤ تون ڪَنِي لاءِ؟
ھيڏي ھوڏي نه وڃين، پاڻَ ئِي ۾ مُنھن پاءِ؛
دل واري خاني ۾، سَندي جانِبَ جاءِ؛
اِھڙيءَ اوڏائِيءَ جي، ”سچو“ ڪَلَ نَه ڪَاءِ.

ڪافي 7

سَل سوداگَرَ يارَ ڙي مِيان،
ڪَھڙي ديسؤن آئين آئين؟

ظاھِر ٿِئين تُون وو اَچِي زمِينَ تي، کَڻِي کَٿوريءَ بارَ؛
ھَلِي اُتاھُون وو اَچِي اِتاھِين، ھَنجين سو پُوتَئي ھَارَ؛
طَرحين طَرحين وو اَچِي ڪَيَئي ھِت، صورتَ جا سِينگارَ؛
شاھ آھين وو يا ته گُماشتو، لايَئي ڪَڍ قَطَارَ؛
اَچِي پِياسي وو سُڻُ ”سَچو“ ڙي، شوقَؤن مَنجھ شُمارَ.

ڪافي 8

جھُليو جَن تي حالُ،
اُنَھن کي آءٌ ڪِيئن نه سُڃاڻا!

مَڃِن ماضِي ڪِينَڪِي، نَڪو اِستقبال؛
لِڪو ناھي لوڪَ کَـئُون، اُنھن جو اَحوال؛
جي مُون پُڇِيو جيڏيُون، آھي ورھ وصال؛
ووءِ ووءِ ٻاجُھون تن کي نڪو قيل نه قال؛
”سچوءَ“ سُڃاتو تن کي، جن کي عِشقُ ڪَمال.

ڪافي 9

مُون کي عِبرتَ آھي، اَھڙي حالَ جي،
ھاريون حيرتَ آھي، اِنھيءَ ڳالِھ جِي.

ڪاٿَئِين ڏاڍو، ڪاٿَئِين ھِيڻو، ڪاٿَئِين جوڙ جَڻيا ٿو پائي؛
ڪاٿَئِين ڪوري، ڪاٿَئِين موچِي، ڪاٿَئِين سيد سَڏائي؛
ڪاٿَئِين تارڪ، ڪاٿَئِين سارقُ، ڪاٿَئِين مُک مِلائي؛
ڪاٿَئِين شاھِي، ڪاٿَئِين سِپاھي، ڪاٿَئِين حُڪم ھَلائي؛
ڪاٿَئِين ڪافِر، ڪاٿَئِين مومِن، ڪاٿَئِين سوريءَ سِرُ ھَلائي؛
ڪاٿَئِين گُسائي، ڪاٿَئِين سَنياسِي، ڪاٿَئِين بُتَ بَنائي؛
ڪاٿَئِين سامِي، ڪاٿَئِين اِنعامِي، ڪاٿَئِين تِلڪ لڳائي؛
ڪاٿَئِين قادر، ڪاٿَئِين نادر، ڪاٿَئِين ”سَچو“ نانءُ سُڻائي.

ڪافي 10

پِريَن سان پَتِ پَري، ڙي جيڏيون، منھنجي!

دعا ڪَريجو جيڏيون، وري سو ھوتُ وري؛
ڏونگَر مُون ڏورائِيو، سَندي ذوق ذري؛
صحي سُڃاتم پاڻَ کـئُون، پُنھون ناھي پَري؛
تو ڪِئن سَري سُپرين، تو ريءَ مون نا سَري.

ڪافي 11

وٺِي خَبَر خاطو آيو، خَير صَلاحَ جي مون ڏي.

پارِ ڀنڀورَ جي اَڄُ صُبحاڻي، تان ھو ڌڻِن کي سَعيو.
طرف تنھنجي آھِ اصَلَ کَـئُون، روحَ سندن جو رايو.
نِينھَن جي نياپَن ڄَڻُ اسان کي، محبَن ساڻ ملايو.
ٿيان قربانِي آءٌ تَنِين تَـئُون، جَن تان نِينھُن نِباھيو.
اِيندئِي اُھي جن جي ڪارڻ، ويٺي تو ورھ وسايو.
پيو پِرينءَ وٽِ، ھاڻي تُنھنجو، ”سچو“ ڙي پَنڌُ سَجايو.

ڪافي 12

جَن لائي توڙِ نِباھِي، آءٌ صَدقي وڃان تَن تَـئُون!

شَابس آھي اکَڙين کي، جن وئِي دل ورائي.
ڀَلِي ڀاڄِي پِريَن ڏَنهُن، اَڄُ اَسان ڏي آئِي.
راتو ڏينھان آھي ئي، واتِ اُنَھن جي وائِي.
ڏيھاڙِي ڏسَڻ سان، مَحبت آگ مَچائِي.
ووءِ ووءِ وائِي وات ۾، ”سچوءَ“ آھي سَدائِي.

ڪافي 13

سُھڻي سَڄَڻَ سان نِينھڙو لايوسي!

وردَ پَڙھِيَم ٿي وچَ ۾، اَديون ڙي، آڏو عَشق آيو سي.
سَڀ وساريئين ڳالِھيون ڏسڻ سان، اديون ڙي، ڏاڍو پُور پرايوسي.
ٻَن وجِھي ٻيون ڳالَھڙيون، اديون ڙي، ڳليءَ ڳليءَ يارُ ڳايوسي.
اول وقَت عجِيب جي، اديون ڙي، اِنَھيءَ گُھورَ گھايوسي.
”سَچوءَ“ سَوَ مبارڪان، اديون ڙي، چاھَؤن سِرَ تي چايوسي.

ڪافي 14

شوريدن کَـئُون حال،
پڇج وڃِي پوءِ ھوءِ ۾.

مجلس وڃج اُن جي، تان ڏسني خاص خيال.
اَگھ لَھج اُن جي، تان تو وڻ ٽَڻ آھي وصال.
ورقَ وسارج وچَ جا، تا فارغ ٿئين في الحال.
عقل اُڇلج آبَ ۾، تا بِرہُ ڪَرئي بيحال.
جي تون وسھين وسيلا، ھي ”سچو“ سَچ سوال.

ڪافي 15

ساري ڏيھُ نَه ڏي ڙي،
پانھنجِي دل سَمجھ سَنڀالين.

ڳالھ پُڇين جي پِرينءَ جي، حَرف حالَئي جا ھِي ڙي.
اُڇل نَه ٺِڪر ڀِتَر جان، نِينھُن پاڻَ ئِي سان ني ڙي.
ھاريُون، انھيءَ حالَ جو، قُرب سُڃاڻن ڪي ڙي.
پاڻھين آھِن پَڌرا، ”سچو“ سالِڪ سي ڙي.

ڪافي 16

تُنھنجي حُسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، اِنھيءَ ڳالھ ڳاريا،
ھزارين ھزار!

اُھي يارَ آيا، نيزن جي نِوايا، نِيئي سِر سلايا،
تنھين تو اگھار.
جَنھِين موج آئي، تَنھِين سُڌِ سَڀائِي، ڪيھي ڳالھ ڪائي،
لنگھيا شھسوار.
ڪَمر جا ٻَڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نَـئِي سِر ڏنائون،
لاٿائون مَيَار.
مَڇَڻ ھَٿ ھَڻي سي، اِھا ڳالھ ڳَڻي سي، تريءَ سِر کڻي سي،
ڪيائون نِثار.
جن موجن چڙھيا سي، لَھرن لُڙھيا سي، ”اَنَاالحقُ“ پڙھياسي،
کنيا ھِن خُمار.
ھِي نعرو ھنيائون، ”اَنَاالحَقُ“ پَڙھيائون، نَـئِي سِر سَليائون،
ٿيا گم غبار.
مَئي جا پيتائون، ھي سھرا ڳُتائون، وڏي وک وڌائون،
پاڙيائون قَرار.
پھلوانَ پاسي، نه ٿيندا ڪَڏھان سي، اِھا باتِ پاسي،
ھَليا حُڪمدار.
مُلڪان مُلڪَ ۾، مَلڪَ ۽ فَلڪَ ۾، سڻو سڀ خلَقَ ۾،
پَئِي ھِيءَ پَچارَ.
منجھئُون حُبَ ھلياسي، مَاري چوٽَ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي،
تَنھِين ھِي تَنوار.
اِھا اعتباري، سُوري جَن سواري، عجب خوشي خُماري،
ڪُٺن جِي قَطارَ.
نِشانا کوڙيائون، مُنھن نا مُوڙيائون، ٻئِي ھَٿَ ٻڌائون،
ڪُٺا قُربدار.
ٿِي مَنصورَ مَستِي، ڪيَئِين گُم ھَستِي، ھَنيائِين دو دسَتي،
تپش جِي تَرار.
ٿي شِبليءَ شابس آءِ، سُورن جي سَراپاءِ، ڍڪيائين لِڱن لاءِ،
وجودَئُون وسار.
مُلا سو قاضي، کڙي ڪيائون بازي، منجھن گنؤ غازي،
کڙا ھا جونجھار.
ھنيئين پير جَنھن تي، ڌنڻين سِرُڀِي تنھن تي، نه سُڌ ھي سڀن تي،
ٿِئين سَچُ سچار.
”سچو“ سِڪَ تَنھِين جي، جذب جاءِ جَنھِين جي، نه پرواھ ڪنھين جي،
رکي نِي سنڀار.
وڍي سِر ڀڄاڻون،”اَناالَحق“ واڻون، اھو سِر سُڃاڻون،
آڻيو اِعتبار.
ھنيائين ھَڪل ھِيءَ، وئي تان شڪل ھيءَ، نه حاجت عقل ھيءَ،
جَليا جلوہ دار.
ڏنئون مُنھن مَتاري، نه ڪاڏي نھاري، سٽيو سِر سچاري،
دليون دوستدار.
سچي ڳالھ ڪيائين، نه ڪوڙي چيائين، نِباھي نينھن نيائين،
ڪارڻ ھڪ نظار.
باھِن ۾ وڌائون، پوءِ لھرين لوڙھيائون،”اَناالحق“ ٻڌائون،
ٿي ھَي ھي ھونگار.
ڀِي بغداد سارو، مڙيو بَھت ڀارو، منجھن نَر نعرو،
ھڻي ھوشدار.
”سچو“ عشق ايندئي، اچي ڏاڻ ڏيندئي، ”مَن وَ مَا“ نِيندُئِي،
ڪَندُئِي گل بھار.

ڪافي 17

ھٿئون پيتو مون تان پير مُغان جي، جام شرابون شوري.

دَور کارائي دل کي ٿو، چشمان ڪيف ڪَڪوري؛
اصل کَـئُون منصور جو اُنھيءَ، ڪاٽيو ڪنڌ ڪوري؛
نشي منجھ نواز ٿي، گھوريون ھي سر گھوري؛
جنھن ساقيءَ سُرڪُ پياريو، آءٌ ڪيئن پُڄان تنھنجي ٿوري؛
پِنھان ڪيائين پاڻ کي، چِت ”سچوءَ“ جو چوري.

ڪافي 18

مونکي آھن ياد، مِٺيون تنھنجون ڳالھيون ڳالھيون !

ھي نماڻي ڏوھن ھاڻِي، دوست پھچائين داد؛
پرين پنھنجي پار جو، عشق ڪرين امداد؛
”سچو“ آھي اوھان جو، تَنھن جي دوست ڪريو دل شاد.

ڪافي 19

مين ماري،
محبت تنھنجي ميان!

ورتم دڳ درد جو، تنھن سڀ ڪا واٽ وساري؛
گِلا ۽ غيبت جي، سِر تي کنيم کاري؛
چنڊ اُڀري آئيو، ويئي سڀ اَنڌاري؛
مِڙني مِٽِياڻن ۾، نِينھن ڪئي نِرواري.

ڪافي 20

جا چوڻ جيھي ناھ،
سائي ڪيئن چوان؟

ڳجھي آھي ڳالھڙي، ڪنھن ڪَل نه آھي ڪاءِ؛
اوڏي ناھ پَروڙ کي، ويجھي نه ويساھ؛
ھُئڙي سُڌ حلاج کي، تنھن سِسي ڪوڏ ڪپاءِ؛
پوڻ آھي اونھن ۾، جتي ھوءِ ھواءِ؛
”سچو“ سِر نه سَلڻ جو، سو تان سڀ منجھاءِ.

ڪافي 21

جنھن دل تي آھي جوش،
سا دل سورن سان سنري.

آءٌ ھڏ گھوري اُن تَئُون، جنھن تي جوش خروش؛
ڳالھ ڳرھڻ ڪھڙي، خلق اڳـئُون خاموش؛
اثر اُھي عشق جا، اول وڃائي ھوش؛
سالڪ سُک نه سرھا، گوندر ڏي ڪن گوش؛
”خَلَقَ الۡاِنسَانَ عَلىٰ صُورتِہٖ“ پادشاھي پوش؛
”سچوءَ“ سوريءَ وڃاڻا جي، مَي ۾ ٿيا مدھوش.
Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
سچل سائين جو ڪلام -حقيقت
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: