Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو Empty
PostSubject: سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو   سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 2:24 pm


داستان ٻيو
1
ڪوڙيين قرباني، ٿيان ھوت پنھونءَ تان؛
ساھ سِري صدقي ڪريان، سندن مھماني؛
ھي جوڀن جواني، ٿي اَجائي گذري.
٢
جبل جالون جال، سو مون ڏورڻ نه ٿئي؛
وڏا وڻ وڻڪار جا، ڪافن ڪوھَ ڪشال؛
ھي مون ڏسي حال، ٻاروچو ٻاجھ ڪري.
3
ٻاجھ ٻاروچا ڪر، مون ٿَرُ ٿيليو نه ٿئي؛
ويچاريءَ جي ور، ڪر بلوچا بَئبان ۾.
4
اَچج آري ڄام، ڪو مُنھن موڙھيءَ جو ڪرين؛
مون کَـئُون مير مُدامَ، ھي ٿر ٿيليو نه ٿئي.
5
آءُ تون پنھون يار، ڏسي حال حقير جو؛
ھن نماڻيءَ نِڪار، ھي ٿر ٿيليو نه ٿئي.
6
ھن دم آري آءُ، ناھيم حال ھلڻ جو؛
مون نماڻيءَ کانءُ، ھي ٿر ٿيليو نه ٿئي.
7
ڏيھ سندو ٿيو ڏور، رھبر ٿيءُ رُڃُن ۾؛
مون ويچاريءَ مُور، ھي ٿر ٿيليو نه ٿئي.
8
ڇپر تان مَ ڇڏين، آءُ ھوتياڻي جَتَ ۾؛
ھن ڪميڻيءَ ڪَڏين، ھي ٿر ٿيليو نه ٿئي.
9
ھَٿان ويل ويام، ڪاڪِيون ھاڻي ڪيئن ڪيان؟
ٿيلَڻ ٿَر ٿِيام، ھاڻي ھوتياڻِن لءِ.
10
جي ھئي ڪميڻيءَ ڪَل، تا صبح ويندو ساٿڙو؛
تان مون تنھن مھل، پُرزا پُرزا پاڻُ ڪيو.
11
ھَي ھَي ڪارڻ ھوت، ڏونگر ڏورڻ آئيا؛
ميان تائين موتَ، ووءِ ووءِ تان نه وساريان.

ووءِ ووءِ تان مَ وسار، متان ماٺ ڪري وھين؛
ٿيو پِرُ تنھين پار، جاتي ٻِيو ناھِ ڪي.
13
ڪيم وساري ويھُ، ووءِ ووءِ ڪر وندر ۾؛
پڇڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پاڙي پاڙي پيھُ؛
ڏيھ- ڌڻيءَ جو ڏيھ، حاصل ٿئي جَت سين.
14
متان وھين ماٺ ۾، منجھ جلديءَ ڄُل؛
ھتي ويھ نه، ھل، تان ڪِي پڄين پنڌ کي.
15
ويھ نه وساريج، متان ماٺ ڪري وھين؛
قولُ اھو پاڙيج، ھو جو ڪِيڙئي ھوت سان.

ڪافي 1
ويجھا شال رھن، ميان، ڏور لايا جن ڏينھڙا!

سگھا منھنجي سپرين، پکي مان پَھن،
وڏا طالع تَن جا، جَن جي راڄ رھن،
ھِن منھنجي حال جي، سِگھَڙي سُڌ لھن،
طعنا ڏيو تَن جا، ڏاھيون سڀ ڏَھن،
”سچو“ صدقي تن تَئُون، جي ٿا ڪيچ ڪھن.

ڪافي ٢
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان ٻيو نه ڪندي،
منھنجو پيچ پُنھل سان آھي!

آءٌ جنھين جي آھيان، سو تان مِھَر نه لاھي!
ڪيو ڪميڻيءَ ھوت سڄڻ سان، سڱُ سِياپو ساھي.
ھٿ وڃي پَئِي ھوت جي، وَس نماڻيءَ ناھي.
سوال ”سچوءَ“ جو اھو آھي، نِينھُن سَندن نيباھي.

ڪافي 3
ھوندي سڀ پَرسائِن ساڻ، جيڏيون،
ھِيءَ پورھيو بَندِي وڃي ڪيچ ڪندي.

ڪالھ ڪالھوڻي سپرين، اڃا مون وٽ مھمان.
لڳي ڪافَن ڪيچ جي، پُرزا ڪنديس پاڻ.
اُٺن، اوٺارن تَئُون، آءٌ ڪاڪيون ڙي قربان.
ھڻي ويَڙو نڪري، ٻاروچو مون ٻاڻ.
ويھڻ مون کي وِھُ ٿيو، چِيٽڪ ڪيڙس چاڻ.
”سچو“ سوز فراق جو، ڏئي ويَڙم ڏاڻ.

ڪافي 4
ڀينر ھيئن نه ڀايون، ته ھوت ڪندا ھِھڙي!

عشق تا آتش جھڙو، لالن وڃي لايُون.
ڏينديس ٻاروچن ريءَ، ڀنڀور کي باھيُون.
سَرتِن سُڌ نه سور جي، ھي تَن وڃن ٿا تايُون.
ڏِئون ڏين ٿيون ڏِيلَ کي، سنديون جتن جايُون.
”سچو“ وڃن ساٿَڙو، چُپ چُپاتِيون چايُون.

ڪافي 5
آءُ اڱڻ منھنجي آري، توکي صاحب ساريان ٿي!

وندر جي نِي وڻن ۾، ميان اَلا، ھوتَ مِلِج ھڪ واري،
توکي گھڻو نھاريان ٿي.
پرين وَڙؤ، وو، پانھنجي، ميان الا، دوست ڏيو دلداري،
سارو ڏينھن سَنڀاريان ٿي.
دوست اوھانجي، وو، درد سان، ميان الا، ڳچيءَ پائي ڳاري،
سارو روھ رئاريان ٿي.
ڪڏھن ايندين، وو، تون پرين، ميان اَلا، ”سچوءَ“ ڪج ستاري،
ھت ھنجون ني ھاريان ٿي.

ڪافي 6
مون کي ھوتن ھاڻي، ڪوٺي پنھنجو ڪيو!

جَت گھڻا ٻيا جڳ ۾ سائين، مُنھنجو ھوت آرياڻي،
ڪنديس ڪونه ٻيو.
لکين پُڇن پرينءَ کي، آءٌ تان ڪير نماڻي،
سندن نينھن نيو.
جيھِي تيھِي در دوستن جي، عاشق ھيءَ اگھاڻي،
سارو ڪم ٿيو.
ڪيائون ڪناري پانھنجي، ھيءَ تان پاڻون ڄاڻي،
جڏو جيءُ جِيو.
پرين ڪيو پنھنجو، سچو سڱُ سڃاڻي،
وچئون ورھُ ويو.

ڪافي 7
پرين نه ڇڏج ٻئي پار، ساري تنھنجون ڳالھيون رُئان آءٌ!

اَڱڻ آسَروندَ جي، والي ايندين ڪھڙي وار؟
ماري ھِن مشتاق کي، ڪانڌ نه وڃ ڪوھيار.
آھين جنھين تون آسرو، سا ويچاري تون نه وسار.
نماڻيءَ جي نِجھري، آءُ گھڙي ھڪ گھار،
ڪيئي ”سچو“ سان واعدا، سي پروَر لءِ تون پار.

ڪافي 8
شال اوڏاھون ايندا، وٺي خاصيون خبران، خبران!

مون ھن نماڻيءَ کي، اڃا دلاسا ڏيندا،
پرين پاڻھين پاڻ سان، ھيءَ گولِي گڏيندا.

محبت مون مسڪين سان، شال نباھي نيندا،
ڏک سک ڀائي سپرين، ھن ڏکيءَ سان ٿيندا.

ڪيچي ڪڏھن ڪينڪي، ھيءَ ڇَپَر ڇڏيندا،
جيڪي اڳيون پويون، بديون سڀ بخشيندا.

پَکا پَکن سامھون، آڻي اوڏا اَڏيندا،
ٻاجھ ڀريا ٻاجھ مَئُون، ڪري ”سچو“ سڏيندا.

ڪافي 9
نٿي وڻي ڳالھ ڪا ٻي، ڙِي جيڏيون، مون کي نٿي وڻي!

آءٌ نه ڪنديس، وي، اھڙي، ڀلو ميان،
ڪيچن جا مون سان ڪي.
اَوھان مِڙن ۾، وي، مست جو ٿيڙس،
پيالو عشق جو پي.
اوھين مڙيئي، وي، عقل واريون،
آءٌ جو بيراڳڻ ٿي.
”سچوءَ“ پڄاڻا، وي، سپرين، ڀلو ميان،
ڪوھ ڪنديس ھِت ڪي.

ڪافي 10

اصل اسانجِڙو آھي، ننگ ٻاروچل توتي!
ڇڏڻ مناسب ناھي، ننگ ٻاروچل توتي.

ھيءَ ڪنيزڪ ملھ خريدڻ، سڱ نٿي ڪو ساھي.
ذرڙو جنھنکي ذوق تنھنجي جو، ڇَپَر تنھن کي ڇاھي.
جيئن ھلائين تيئن ھلان ٿي، ڏور وڌي تو ڏاھي.
ھيءَ پاڄاڻي پرين سان پرتيوَ، باب سنديو توڙي ناھي.
جيھي تيھي يار اوھان جي، ڇڏڻ لائق ناھي.
ٿرين برين يار ٿڪيءَ کي، رس ڪوھيارل ڪاھي.
ساھ ”سچوءَ“ جو در تنھنجي ڏانھن، ھَڏ نه آسرو لاھي.

ڪافي 11
حال ھلڻ جو مون ناھي، آءٌ تان ڪيچ پھچان ڪيئن؟

ناتو نماڻيءَ جو، اَصل توسان آھي،
ھيءَ ھوت نه ڇڏج ھيئن.
تون تان صاحب سپرين، سڱ نٿي ڪو ساھي،
ڪر جاني وڻيئي جيئن.
پسي حال حقير جو، آءُ ڪوھيارل ڪاھي،
ڪر ”سچو“ پنھنجي سيئن.

ڪافي 12
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو!

ھيءَ ڪنيزڪ مُلھ خريدڻ، ڪين ھٿـئون مون ٿيو.
حرف اسان تي آھ اصل جو، وقت ويسرَ ۾ ويو.
پلئي پائي مَديون، پيش پُنھونءَ جي ھي پيو.
”سچو“ ڪوٺي پانھنجو، پاڻ قريبن ڪيو.

ڪافي 13
اديون ڙي آھيان، ٻانھي سا ٻاروچل جي!

ڏکيا سکيا ڏينھڙا، شال لالن ساڻ لنگھايان.
ھِنيَڙي کي ھن جيڏيون، ڪھڙا سور سلايان.
وندر سنديءَ واٽ تي، چاھَؤن سِر چَلايان.
ويھان آءٌ ڪيئن ويسَلِي، ويندا ڇو نه وراريان.
ڪيھي پئي تان ڪيچ ڌڻن ڏي، ”سچو“ ميڙ سنڀايان!

ڪافي 14
ويھي آءٌ ڪوھُ ڪندي، جيڏيون ڙي ڀنڀور ۾!

چونديس حال حبيب کي، ڳچيءَ پائي گَندي.
ڪُٺي سا ڪيڏي وڃي، جا برھ تنھنجي بندي.
جيھي تيھي حال آھيان، ”سچو“ صاحب سندي.

ڪافي 15
ڇڏي ھوتَ حجتَ، ميان ڙي، ٿيس آءٌ نانءِ نماڻي!

اچي مون کي ڪينڪي، ڇڏي لوڪ لذت، ميان.
وڌو آھي مامري، مون کي تان محبت، ميان.
ويا نِڌر کان نڪري، اوٺِي رات اُچٽ، ميان.
سُورَ تُنھنجا سپرين، رُڳا ئِي راحَت، ميان.
مون کي ٿيلَڻ آئيا، پيرن سان پَربَت، ميان.
”سچو“ سڪ اوھان جي، واڳيو ۾ وحدت، ميان.

ڪافي 16
ٻانھي ٻاروچل جي آھيان، وي آھيان!

پريان سندي پار ڏنھُن، آسرو ھڏ نه لاھيان، وي لاھيان.
صورت وارا سُپرين، آءٌ نِـماڻي ڇاھيان، وي ڇاھيان.
ھُو تان سائين، آءٌ تان گولِي، سڱُ نه ساڻن ساھيان، وي ساھيان.
ڏينھن لنگھيم ھِت ڪيترا، ڪيچ وڻن ڏي ڪاھيان، وي ڪاھيان.
ھُئڻ ”سچوءَ“ جو آھي، تنھين سان، اُنھن ٻاجھون ناھيان، وي ناھيان.

ڪافي 17
ڙِي جيڏيون ھاڻي شال ٿئي، منھنجو پاڙو پرينءَ سان!

مان مُئِي تان گھورِي، جاني شال جِئي.
ھِنَ تان پُورُ پِرائيو، ھاريون ھوت وئي.
ٻاروچي ڪا ٻاجھ پَئي، ھِيءَ تا نالِ نِئي.
سارو مطلب مون ٿِئو، پُٺِيءَ ھوت پِئي.
شال ”سچوءَ“ کي سُپرين، ڏوراپو نه ڏئي.

ڪافي 18
آءٌ ڪيچ ڪندِي، وڃي پورھيو پِرينءَ سان، ڙي جيڏيون!

جيھِي تيھِي يارَ سڄڻ جِي، چڱِي توڙي مَندِي.
آءٌ تَنِين جِي آھيان، بِرھَ جَنِين جِي بَندي.
چونديَس حالُ حبيب کي، ڳِچيءَ پائي گَندي.
اَڻ مُلِھ ٻانھي آھي، سڀَ پَر سائِن سَندي.
”سچو“ ساريائِي دلڙي، رَمزَ تَنِين جي رندي.

ڪافي 19
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان حال پُنھل سان ڪندي!

اصل لاڪون آھيان سائين، بَلوچاڻي بَندي.
وَسُ ناھم وارَ جو سائين، آھيان سائِن سَندي.
ڪَندي وڃِي ڪيچ ۾، دانھون سي درد مَندِي.
سُڌ لھندا سي وري، بِرھَ جَنين جي نِي بَندي.
”سچو“ اَڳئؤن سڄڻين، ڳچيءَ پائي گَندي.

ڪافي ٢0
سارو ڏينھن روان ري، ھيس جيڪِي ھوت پنھونءَ سان وعده!

ٻُڌڻ وارو ناھ ڪو، جنھن کي حال چوان، ري.
قاصد اچي ڪو اوڏانھون، پيرين تَنھن پَوان، ري.
ڏکايو تان ڏيل کي، اَديون اڄ اوھان، ري.
اُنھن ٻاجھون سَرتيون، نِت نِت سورَ نوان، ري.
ماريُون محبوبن جي، طلب ناھي توھان، ري.
غرض نه رکان لوڪ جو، ھِڪُ سائين ھُئن سَوان، ري.
”سچو“ ٻاجھون سوزَ جي، ٻيون لاتيون ڪين لَوان، ري.;.
داستان ٽيون
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل سائين جو ڪلام سسئي داستان ٻيو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سسئي (داستان پهريون)- سچل سائين جو ڪلام
» سسئي - سچل سائين جو ڪلام
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: