Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان چوٿون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان چوٿون   سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان چوٿون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:14 am


داستان چوٿون
1
متان وسارين، ووءِ ووءِ ڪَر وندرَ ۾؛
جي گوندر گذارين، سي تو چڱا ڏينھڙا.
2
چڱو گوندر غَمُ، جي مون پڇيو جيڏيون؛
مَنجھ ڪشالي ڪَمُ، آھي وِرھَ وارئين.
3
گوندر آھي غَرضُ، جي مُون سُڻو سَرتيون؛
فنا سڀ فَرضُ، ڪري سو سُنتَ سين.
4
گوندر جن گُذاريو، ڪاٿَـئُون سي لَھان؟
ھڪڙي رات رھان، وڃي وِرِھ وارئين.
5
گوندر جَن گذاريو، ڪاٿَـئُون لھان سي؟
حال پنھنجو ھي، وڃي ڏَسيان ڏکَن وارئين.
6
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنِين گولي؛
ھِنيَڙي ۾ ھولي، ھوندي ڏکن وارئين.
7
گوندر جن گذاريو، سُورَ پُڇَن سي ئي؛
پِرھ جِي پيئِي، تَنين مَٿي ماٽَڙي.
8
گوندر جن گذاريو، پيھي سي پُڇان؛
اُنھن لَڳ لُڇان، گھڻو آءٌ اُٻاڻِڪِي.
9
گوندر جن گذاريو، آءٌ پکي تن پيھِي؛
وٽانئُن ويھي، وٺان واسُ وِرِھ جو.
10
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنين گھوري؛
سدا مون جھوري، آھي ورھ وارئين.
11
گوندر جن گذاريو، مُنھن تَنِين مَشعَلَ؛
ڪا مون پوي ڪِل، اُنھن جِي افسوس جي.
12
گوندر جن گذاريو، مُنھن تَنِين مَھتاب؛
سنديون نِينھَن نواب، آھن ورھ واريون.

ڪافي 1
آڏو مانَ اَچن، وو، ڏسي منھنجو حال، ڀَلو!

ھو جي ڪيڙم ڪاف ۾، ڪوڪان پَونِن ڪَن.
ڪيچڙن جا ڪاڪِيون، تان رھبر واٽ رَسَن.
خبران ڏکن سنديون، اڳيون پاڻ پُڇَن.
ٻاروچان ٻاجھ پئي، چڱي آءٌ چَوَن.
پنڌَ ڪريندي پرينءَ ڏي، مَرُ پُرزا پيرَ ٿِيَن.
”سچو“ پنھنجي ساٿ سان، نماڻِي به نِيَن.

ڪافي 2
آءٌ ٻانِھن جي سا ٻانھي، آھيان عيبدار، ميان!

عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايَم، بخش اُھو مونکي جاني.
روز ازل کـئُون اَبد تائين، آھي ڳچيءَ منھنجي ڳاني.
ڏوھ ڏِنگايون ڏِس نه منھنجون، محب ڪرين مھرباني.
ڪيئن ”سچوءَ“ جي دل سا دلبر، دوست ڪَيوَ ديواني.

ڪافي 3
مون کي نال نئين، نِي، اِھو ڪيچِڙَن جو قافلو، ميان!
اڱڻ شال اچي، نِي، اھو سپرينءَ جو ساٿڙو، ميان!

پٺيءَ ھوت پنھونءَ جي، ميان، ھلڻ سان ھِنئين، ني.
پُڄاڻان پرين جي، ميان، جِند ڪيئن جِئين، ني.
وڏي ٻاجھ ٻروچ کي، ميان، اُتي چَون اِئين، ني.
”سچو“ چون سُڌير ٿي، ڀلو، پوندي مَھِر مِئين، ني.

ڪافي 4
مانَ اچن اُھي ڪاٿُون، مُئي ويا جي ماري!

سپريان ريءَ سرتيون، آھيان اُٻاڻي آئُون،
ويھان سي ڪيئن وساري.
پِرين ڏِس، وو، پاڻ ڏي، ميان، آھيان ڏُھارڻ آئون،
نيندا سي نال قطاري.
اچي اسان وٽ سپرين، ميان، اديون ڙي شال اوڏاھون،
مانَ ڪو ڏينھن گذاري.
آيا قاصد ڪيچ جا، ميان، اِئين سو مونکان اُتاھون،
يارُ سڄڻ توکي ساري.
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ميان، جَتَ ويا ھُئم جائون،
تائون سا نِتُ نھاري.
ھاري توسان ھوءِ جي، ميان، ڪي جي قول ڪيائون،
پرين اُھي سڀ پاري.
ويھين وساري وو اِتھين، ميان، ھيءَ نِڪار چَيائون،
”سچو“ دوست سَنڀاري.

ڪافي 5
ڏاڍو جُدائيءَ جَلُ، ميان، ووءِ، ووءِ، ووءِ،
مون وٽَئُون ھوتَ مَ ھَلُ.

اَچي ويھُ اَکِن ۾، پاسي ٿيءُ نه پَلُ.
ڪيچ وڻن ڪم ڪھڙو، ڳالھ سانول اِھا سَلُ.
مُئِي کان منھنجا پرين، چوريءَ يارَ نه چَلُ.
ڪري ڪَشالا ڪاف ۾، لڌم ڪوھيارَلُ.
”سچوءَ“ جي ني ساھ سان، ھُيا سي رلـمَلُ.

ڪافي 6
ڪندي سا ڪيئن قرار جيڏيون،
جنھن جو جيئڙو جَتَن سان!

وِرھ وارن کي سرتيون، ويجھو آھي وڻڪار.
ٻَڙيون، ٻاروچَل جو، نينھُن لڳم نروار.
محبت ڳِڌي نه لَڀي، خرچين لک ھزار.
ڏسنديس اکڙين سان، ڪاڪيون ڙي ڪوھيار.
ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، عشق ڪيم اِختيار.
سدا آھي ”سچوءَ“ کي، ڀينر بره بھار.

ڪافي 7
ھلان پنھل تو ساڻ،
ساڻ ھلي تنھنجي گولي گذاريندس.

ڇُلي پِيَس ڇَپرين، سَڱ ته توئي ساڻ.
ڪوجھي ڪاري ھان تنھنجي، پنھل پاڻ سڃاڻ.
توري توريندؤ ڪيترو، محبت وارو ماڻ.
توڙ نباھج تون ڌڻي، سھڻا ”سچل“ ساڻ.

ڪافي 8
ڳالھيون ڳُڻَ تنھنجا يار سَڄڻ، مون کي روز رئارن ٿا!

سِرَ تي سوز فراق جا، باري چاڙھيئي بار، سڄڻ،
ايڏانھن نيڻ نھارن ٿا.
منھنجو اندر اَڌُ ڪيو، جانب تنھنجي جارَ، سڄڻ،
مونکي ماڻا تنھنجا مارن ٿا.
پرين پاڙج پانھنجا، جي ڪَيَڙءِ قول قرار، سڄڻ،
منھنجو جيءُ جيارن ٿا.
ماڻھو شھر ڀنڀور جا، مِھڻا لک ھزار، سڄڻ،
مون کي ڏيھَ کَـئُون ڏيارن ٿا.
قاصد چون، وو، ڪيچ جا، تو ھُت سار سنڀار، سڄڻ،
توکي ”سچو“ پاڻ سنڀارن ٿا.

ڪافي 9
ڪنھن کي حال چوان ھي،
اَديون ڙي، واويلا، وو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان ھي.
مھڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوھان ھي.
سُکَن اُتي سرتيون، ڏيان نه سور سنوان ھي.

ڪافي 10
مون کي دوست ڏنيون دلداريون،
جِيَس آءٌ تان، ني، وو جيڏيون!

ٻاجھ ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيفِ جون زاريون.
سئيون سڀيئي سڄڻن، عاجز جون آريون.
لٿا فلڪ فراق جا، آءُ تا گڏ گذاريون.
توکي تان تِرَ جيترو، وار نه وساريون.
سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لءِ جھُونگاريون.

ڪافي 11
مون کي محب ويو ماري،
ڪنھن در ڏيان ھيءَ دانھڙي!

سوزُ تُنھنجو سُپرين، ڪوڪان ٿو ڪاري.
ھوت نماڻيءَ ھِنَ کي، ويھُ نه وساري.
نيو پورھيت پاڻ سان، پنھنجي ڪَڍَ قطاري.
ويو ٻاروچو نڪري، عاشق ھيءَ آزاري.
راتو ڏينھان سُپرين، ”سچو“ سَگ سنڀاري.

ڪافي 12
مون کي آڌر ڏي، ميان، سُھڻا ساٿيڙا، ڙي!

وڃي چئج پرينءَ کي، حال منھنجو ھي.
پريان سندي پار ڏھُون، قاصد اَچن ڪي.
وعدا پاڙج پانھنجا، جاني ڪِيڙءِ جي.
ھو جي ڪَيَو ڳالھڙيون، ساھ نه وسرن سي.
”سچو“ سنگت پانھنجي، نانوَ ڌڻيءَ جي ني.

ڪافي 13
ڏونگر ڇو ٿو ڏکائين، پير پياديُن جا، ميان!

پنڌ ڪَرن جي ھوت پنھونءَ ڏي، تَن ڇو روھَ رھائين.
اِھو ڏوراپو ٿيندءِ اوڏاھين، ڇو طالِبُ ٿو ترسائين.
ھيئن تو گھرجي عاشقن سان، ميان ڪا مدد ڪرائين.
ڪَر ڪو ٿورو سگَ ”سچوءَ“ سان، مُحبَن ساڻُ ملائين.
داستان پنجون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان چوٿون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان اٺون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان نائون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: