Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  CalendarCalendar  FAQFAQ  SearchSearch  UsergroupsUsergroups  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
Sat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
Sat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
Sat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
Wed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
Wed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
Wed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
Wed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
Tue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
Mon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
Mon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
Thu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
Thu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
Thu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
Wed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
Wed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
Wed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
Fri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
Fri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
Fri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
Fri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
Fri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
Fri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
Fri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
Fri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
Fri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
Fri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
Fri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
Fri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

Share | 
 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون

View previous topic View next topic Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin


Posts : 102
Join date : 2010-11-07

PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون   Fri Nov 16, 2012 10:23 am


داستان يارهون
1
اَڻ مُلِھي آھيان، ٻانھي ٻاروچن جي؛
سڀ ڇَپَرُ ڇايان، آھُن ۽ دانھُن سين.
2
ھَي وڃي ھي قافلو، چُپاتِي چَايُون؛
مُنھن ڏئي آيون، آھُون دانھون عِشقَ جون.
3
رات لھي ويا ريچُ، نماڻيءَ کان نڪري؛
ڪاڪيون ھاڻي ڪيئن ڪريان، جو ڪاڏي ٿيڙم ڪيچُ؛
پَرَ پيو پنھونءَ سان پيچُ، سو اتي رھڻ نه ڏئي.
4
سَھي جان نه سُتينءَ، جو کُڙڪ ٻُڌي کُڙڪِي وڃين؛
چِٽيان چانگنِ جون ٻُڌي، تون ڪُوڙي ڪين اُٿين؛
غافل ھِڏ گُٿينءَ، سڀِ پَرِ ”سچيڏنو“ چَوي.
5
پانڌين کَنئُون پُڇي، ٿي پَھَ، پرينءَ جا پيچرا؛
سَھلِي ”سچيڏنو“ چوي، ھِيءَ لالَن لاءِ لُڇي؛
ڪنھن سان ڪين ڪُڇي، اَٿس ووءِ ووءِ وائِي وات ۾.
6
چاڙھيون لاھِيون چُنج جِيون، ڪوڙين آھِن ڪوھَ؛
ڏئي مھٽان محبت وارئين، ڇَپَرُ ڏاڍي ڇوھَ؛
ناگھ نِسَتِ نينھن کي، ٿا رئارن روھَ؛
اَچي منجھ اَندوھَ، مَتان تون ماندي ٿِئين.
7
لاکون لاکين لَڪَّ، نبيرڻ نه ٿيا؛
ڪوڙين آھِن ڪيترا، راھُن اُتي رڪ؛
ھَي ھَي ڪارڻ حقَّ، ھِي سارو ڏونگر ڏوريان.
8
روئِي ھاريان رَت، ووءِ ووءِ واٽَڙين تي؛
جيڏيون ڪارڻ جَت، سارو وندر ووڙيان.
9
اَچج آرياڻِي، تون وري شھر ڀنڀور ۾؛
آن ري اَکَڙيَن مؤن، ٿو پَرٽِ وھي پاڻِي؛
ھوت اَچِي ھاڻِي، ھيءَ نالائِق نوازيو.
10
ھوت نه ڇڏيو ھِتِ، نِيو پورھيتِ پاڻ سان؛
تو ريءَ ٻي ڪا چِتِ، ڪانھي ڪميڻيءَ کي.
11
عمر اَجائي گذري، ڪارڻ مِٺيءَ رُوءِ؛
خام منھنجي خوءِ، ڪَر وَر ويچاريءَ جِي.
12
جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جاتِ جَتن جِي؛
وائِي تن جِي وات، سدا اَٿم سرتيون.
13
پورھيائِتِ پنھونءَ جي، آھي اَصل کؤن ھِي؛
جيڏيون جَتَن ري، ويٺي وِرھُ وسائيان.
14
آھي ڪونه غرضُ، محبوبن کي منھنجو؛
ڏيڻ سِرُ فرضُ، ”سچو“ سندن سَٽِ ۾.
15
لوھي لا غرضي، سُپيريان جِي سارَ؛
مارڻ لءِ مُشتاق جي، آھي محبن کي مرضي؛
سِر ڏيڻ تنھن سَٽِ ۾، آھي فقيرن فرضِي؛
ڪڏھان ڪو قرضي، ”سَچو“ تنھنجي نانءَ جو.
16
پيس تنھنجي پيچ، پنھون ڪين ڇڏيج مون؛
ٻانھي ڪري پانھنجي، وڃي ٻانڀڻ کي ويچ؛
مَر ڪميڻي ڪيچ، پورھيو ٻانِھِن جان ڪري.
17
روئِي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوھَ کي؛
سو شَمہ شَفق سان ٿيو، سُرخيان سارو سنگ؛
منھنجو نينھن نِسَنگ، پيو سمورو سُڪوتَ ۾.
18
اُٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ، ته لَھين سُپرين؛
ھوتاڻِن جو ھنڌُ، ڏسين اَکڙينِ سان.
19
مِلي مارڳَ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن؛
ٿورو وڏو تَنِ، تنھنجي اَچڻ جو ٿئي.
20
مِھَر مهَ لاھِ مٿام، آءٌ اوھان جي آھيان؛
جي ڪامِل سَڏَ ڪَيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
21
ٻانڀڻ جي ٻاڪار، ٻُڌي ٻاروچو آئيو؛
ورَ وسارج ڪينڪي، جا واقف نه وڻڪارَ؛
سِگھڙي لھج سنڀار، سائينءَ لڳ ”سچو“ چوي.
22
سَرواڻن مون ساڻ، ڀَلؤن ڀَلائِي ڪَئي؛
جن جاڳايو جوش کي، آءٌ اُتن قرباڻ؛
ٻاروچاڻو ٻاڻُ، تڏھن لؤن لؤن منجھ لڳي ويو.
23
ڀينَر ھن ڀنڀور ۾، منھنجو ڪارِ نه ڪمُ؛
اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ؛
ماڻھن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان.
24
ڪيچيڙن مون ڪالھ، اَڃا وڙ وڏا ڪيا؛
اُن جي ڪارڻ ڪاڪيون، ڪنديس ڪاف ڪَشال؛
ھَي ھَي ھِن جي حال، جو ھھڙا ھوت وساريان.
25
عمر اَجائِي گذري، ھَي ھَي ھھڙي حالَ؛
تائين اَڄ نه مون ٿِئي، سَندي ھوت سنڀال؛
مون کان پڇن ڪينڪي، ڪافَن جا ڪَشالَ؛
پنھنجي قربَ ڪمالَ، ڪا وَر ويچاريءَ جي ڪريو.
26
عمر اجائي گذري، ھھڙا حال ٿيام؛
چُپ چپاتيءَ سرتيون، وٽؤن ھوت ويام؛
ھو جي ڏونگر ڏاکڙا، ڦولڻ سَڀ پيام،
اَڄ صبح ايندام، ڪندا ور ويچاريءَ جِي.
27
وندر ۾ وِيھان، ڦولن پيون پرينءَ کي؛
نالِ جَنين نينھان، ھوت تنِين جي ھنجَ ۾.
28
پَرٽُ ھوت پنھونءَ کي، آڻي عشق ڪيو؛
”سچو“ سَگُ ٿيو، ھھڙن ھوتياڻن سين.
29
مِھر مَه مٿان لاھ، مون تان نماڻيءَ تَـئُون؛
ھِيءَ ڏکوئي ڏاھِ، اَڻ مُلھ آھي آنھنجي.
30
مِھَر مَه مٿان لاھ، آءٌ اوھان جي آھيان؛
جي ڪاملَ سَڏ ڪيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
31
جيھي تيھي حال سين، پاڻُ وجھڻ مون پنڌِ؛
روئي پَوڻ رندِ، پٺيءَ ڄام پنھونءَ جي.
32
ھَي ھوتا تو سندي، اَ وڙڻَ جھڙي ناھيان؛
حال پسي مون ھي، مانَ نماڻي نال نئين.
33
ساٿُ سويلو سرتيون، وڏيءَ ويل وِيوم؛
وندر جي وڻن ۾، ڦولڻ ھوتُ پِيوم؛
ٿيلڻ ٿر ٿِيوم، ھاڻي ھوتياڻِن لءِ.

ڪافي 1
مون کي تنھنجي آھِ، اَچڻ جو وڏو آسرو!

جوڙي ڇڏيم، وو، جائيون، ميان اَلا، لؤن لؤن ۾ تولاءِ!
اڱڻ آسروند جي، ميان اَلا، پير مبارڪُ پاءِ.
جڏھن ڪڏھن ٿو ڏسان، ميان اَلا، توکي جاءِ بجاءِ.
ڪين جُڙي ٻيو جِيءَ ۾، ميان اَلا، تُنھنجي سِڪ سواءِ.
ٿو گذاري گوندرين، ميان اَلا، ”سچو“ تُنھنجي ساءِ.

ڪافي 2
لڳيءَ دل جو دارون، ناھِ ڪو ڍولڻ پيارا!

عشق جون واٽان، ٻَرن لاٽان، تنھن مَؤن نڪرن درد جون ڇاٽان،
پوءِ ٿيون پَون ھي پَچارا.
عاشق ٿا ڪن درد جون دانھان، عشقَ منجھارؤن اِھي آھان،
رُئن اُھي زارو زارا.
آءٌ تان ٻانھي، تون تان سائين، پاند ڳچيءَ وچ پَلؤ پائين،
اچڻ جا ڪر قول قرارا.
ڳالھيون مون سان تو جي ڪيون، مور نه مونکي وسري سي ويون،
دم دم تنھنجِي ياد آ يارا.
ھيڪر مون کي جانِي جياريو، ڳالھِن تنھنجن ڳُجھن ڳاريو،
وصل جا ڪر وري وارا.
”سچو“ تون تان ٿِيءُ نه ماندو، پِرين تنھنجوالله آندو.

ڪافي 3
اَديون ڙي اَڄ آھِ،
اَسان مُحبن جو ميلو!

دلبر سِڪندي ڏينھن ٿيا، سُپيريان جي ساءِ.
فَنا ڪيائون فراق کي، ٻُڌو جاءِ بجاءِ.
ڏک لنگھيا سُک آئيا، لڳڙي ٿڌڙي واءِ.
جنھن ساعت گڏيا سُپرين، سا ”سچو“ ساعت سُھاءِ.

ڪافي 4
ماريو ھوتَ وڃَن اَلا، ڪنھن در ڏيان دانھڙي، ڀلو ڀلو!

ڪاڪيون، ڪڏھن ڪينڪي، منھنجي مِنت مَڃن، اَلا.
پُٺيءَ پيس جَن جي، سي ڀِي سورَ سَڃَن، اَلا.
دعا ڪَريجو جيڏيون، ڀيرو تان نه ڀَڃن، اَلا.
اھو اَٿم آسرو، ڏيندا آب اُڃَن، اَلا.
”سچو“ سھمي ڪينڪي، روحُ ته کانءُ رُڃَن، اَلا.

ڪافي 5
ھُتَئؤن ھوتُ ھَلي، ڙي، دوست دلاسو ڏيندو!

وجھج ڪم ڪريم تي، ٻي ڳولج ڪا مَ ڳلي،
پاڻھين پُٺيءَ تو ايندو.
پَکا پَکن سامھان، تنھنجي ماڳ مِلي،
اوڏا آڻي اَڏيندو.
اَچڻ سندي اُن جي، ويندو روحُ رلِي،
ٿورو ٿورياڻيءَ ٿيندو.
جا ڳُجھي ھوتن مَنَ ۾، سا ساٿِن ڳالھ سَلي،
پُنھل پاڻ سان نيندو.
مھرَ پنھنجيءَ سان تو پرين، اِنھيءَ ڀَت ڀلِي،
ڙي ”سچو“ نانءُ سَڏيندو.

ڪافي 6
ذري ذري ڪَن چَشمان چُور،
نِين اسان کي ٿيون وَھلور!

تَن مَن سڀ تاراج ڪَرن ٿيون، ديدن جو آھي ھي دستور.
خوني وتَن خيال پنھنجي سان، کَسنِ شھزادن شَعور.
ناز نياز سان ھِڪي واري، چاڙھن سوليءَ تي مَنصُور.
ساڻ ڏسڻ جي مشتاقن سان، ڪَيفِي ڏاڍو ڪَن ڪَلُور.
”سچو“ ڪير ويچارو آھي، وجھن ڦيري دل، ڪَرِن فَتُور.

ڪافي 7
پاڻِھي پئيوَ سُڌ سورن جي، وو، عِشق لڳيوَ جي اَديون!

ساري خبر وڃي تَن کَنئُون پُڇجو، جي وِرِھ سڄڻ جي وڍيون.
ڪين لِڪن سي لوڪَ اڳيون، جي آھِن ڏکَن جون ڏَڌيون.
مُحب مسافِر ٿيا جَنين جا، ڪُوڪان اُھي لَک ڪنديون.
ورِھَ ولوٽيا جي وھنديون تَن جي، نيڻؤن نِيرَ جون نديون.
پارؤن پِرينءَ جي سڻو سڀيئِي، لوڪ ڀَلِي ڏي بَديون.
اڳيون پويون سڀ معافي ڪيون، تنھن محب ”سچوءَ“ جون مَديون.

ڪافي 8
اوري آڻ سي اوري، ڙي الله، جنين ڪاڻ سِڪيَس سال!

ڏسُ نه مون کي ڪو ڏئي، ڏيھ رھيس آءٌ تان ڏوري.
واٽَ جنھين کؤن لنگھيا، گھوري ھِيءَ جندڙي گھوري.
ھيڪند تون ڪر ھوت جي، ساڻ ٿَڪيءَ ڪنھن ٿوري.
ساھ ”سچوءَ“ جو تنھن ڏھاڙي، ويا چاڪَ وجھي چِتُ چوري.

ڪافي 9
ڏينھن پُڄاڻؤن آئين، ڀلي آئين، ڙي يارَ مُنھنجا!

اڱڻ اسانجي ھوتَ ٻاروچا، پيرَ جي اَڄ پائين، ڀلِي پائين.
پَري اسان کؤن يار پرين ڙي، ڏينھن ڇو لائين، ڪيئن لائين؟
ڏوھ ڏنگايون يار سڄڻ ڙي، ڪيئن ڀُليءَ ڏنھن ڀائين، ڇو ڀائين؟
ھيئن نه گُھرجي يار توکي، چِتُ چُڪيءَ تؤن ٿو چائين، ڪيئن چائين؟
عَرش ڪرسيءَ تؤن اَچي اُتاھين، مَن ”سچوءَ“ جي تون مائين، ڀلي مائين.

ڪافي 10
تُنھنجي پانڌي پيغامَن، اَلا، منھنجو جيءُ جياريو!

ھِي تان تَنُ توان ڪيو، اَڙي ساٿِي سَلامَن.
تو تَؤن آءٌ قربا ن ٿيان، ڏنھن آئين عجيبن.
مَنھنجو چِت چَريو ڪيو، ھِن نينھَن جي نياپن.
درد منديءَ جي دل کي، ڪيو قابو ڪلامَن.
ڪيائون ياد حقير کي، اَسر ئي ايامن.
ڪَيئون مِھرؤن پانھنجي، گوش ڏي غلامن.
مُنھنجو وِرھُ وڌايو، ان جي اَنجامن.
جيھو تيھو آھي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

ڪافي 11
ڪري سانگ پِرين وري آيم اُھي، ديس اَساڏڙي، اَلو اَلو!

وري وطن آئيا، ڀينر ٿيڙم ڀَلو ڀَلو.
پريَن اڳيؤن پيشوا، ھاريون مون سان ھَلو ھَلو.
اَصلَ لاڪؤن آھي اُنھن سان، روح منھنجي جو رَلو رَلو.
اُنھن ٻاجھُون ناھِ ڪو، ڳولڻ مونکي ڳَلو ڳَلو.
سِر سڄڻ جو لوڪ کي، ساھيڙيون نه سَلو سَلو.
”سچو“ سچيءَ سِڪ ۾، شال نه پوندو وَلو وَلو.

ڪافي 12
ناھي ھِنَ درد جو دارون، توئِي وٽ يارَ طَبيبا!

تِرُ تفاوت درد نه ڏيندءِ، ڇوڙين جا سِيرَ سَرارُون.
ڦَڪِي ڏيڻ سان ھَي وڃي ٿو، ھِنيَڙو ھاڻي ھيڪارُون.
سوز گداز، نِي وي، غم فراقان، لائن ٿا قول قَطارُون.
دوا دردَ جِي سوئِي ڏيندو، جو ايندو پرين جي پارُون.
ناز ڀَرين جيون يار ”سچوءَ“ جي، ھِن تان ساھَ سنڀارُون.

ڪافي 13
منھنجو شرم سَڀوئِي آھي، جيڏيون تان پِير مُغان تي!

وري ڏٺائون پاڻ ڏي پاڻِھين، نا ته ھئا حالَ اسان ھي.
اُھي پاڙيائون پاڻِھي پانھنجا، ھو جي قول ڪيائون ڪي.
جَن پياريو پُر پيالو، شالَ ساقي جِيَن سي.
سَدا اُھي وسَن اسان وٽ، جانِي جيءَ جا جي.
سر ”سچوءَ“ کي ڏَسيو ڏيھاڙيون، پنھنجي يار ھَٿؤن ڏي.

ڪافي 14
ڏنِي ڏيکاري، ڙي ميان، صورتَ سُپرينءَ جِي!

حَسن حُسين جي ڪارڻ، زاري، ڙي زاري.
ورتَم ساري لوڪَ کؤن، ڀينر ڙي بيزاري.
مُحبت محبوبن جي، مون اَصل اِختياري.
چوان حقيقت حال جي، ھيءَ سڄڻ کي ساري.
ھِت ھُت ڪندا ڪاڪيون، اُھي مون سان موچاري.
”سچو“ سدائين گُھرجي، يارن جي ياري.

ڪافي 15
ڏيئي مون ڏيکاري، لَڙي وريو ويو در تؤن دلبر!

ڏٺُم اَکِڙين سان، ھوءِ ھوءِ حسن ھزاري.
وسُ نه ھِن جو ڪو ھُيو، ھوشُ نئين ھَسواري.
دينَ ڪفر اسلام کؤن، بِرھَ ڪئِي بيزاري.
ڪنھن در ڏيان آءٌ دانھڙي، مونجھ اِنھيءَ مون ماري.
سوز سَفيران لايون، ھِن چُڪيءَ کي چوڌاري.
حاجت ھن جِي نه ھئي، جا قاتِل فوجَ قراري.
گھڻي مدت کان پوءِ اَچي، دوست ڏني دلداري.
باسيائون تان بِرھَ جي، ميان ”سچوءَ“ کي سَرداري.

ڪافي 16
پرين اوھان کـؤن پوءِ، ھِت راتيون رھنديس ڪا؟

پُٺيءَ اِيندي تانھنجي، لالَ وري ھِن لوءِ،
پوءِ سورَ سھنديس ڪا؟
واعدا ويڙا وسري، ھوتَ ڪيَوَ جي ھوءِ،
ٻئي ٻول ٻَھنديس ڪا؟
پِرين تنھنجي پار ڏنھن، قاصِد اچي ڪوءِ،
وري ھِت ويھنديس ڪا؟
سچو سِڪَ اوھانجي، ھِنيَڙي ۾ ھوءِ ھوءِ،
ٻئي ٺاھَ ٺھنديس ڪا؟

ڪافي 17
مون ۾ عيب اَپارَ، سَڄَڻ تُنھنجي ٻانھڙي آھيان!

ٻانھِن جي آءٌ ٻانِھي آھيان، ساري سڀ ڄمارَ.
ھُئان ھميشہ ھوتَ سان، شالَ نه ٿيان ڌار.
ھِي سِر صَدقي تو تؤن، سِسي ساڻ ڪپارَ.
اوڇَڻ ڪنديس اَکيون، پٿر ڪنديس وارَ.
پاڻُ تو ئي تَؤن صَدقي، سِسِي ساڻ ڪپار.
ساھَ ”سچوءَ“ جو سوگھو ڪِيڙو، رکي ياراڻو يارَ.

ڪافي 18
سو ڏاڍن جو آھي ڏيھُ، جاتي نِينھڙو وو نيڻن لايو!

جاتي پھُچ نه پکيءَ جي ميان، سو سيڻن جو ساڻيھُ.
جي ٿِي وڃان در دوستن جي، ميان، چُمان پيرن کيھُ.
جي ڪوٺيو ڪُھن سُپرين، وڃي پَکڙي تَن جي پيھُ.
”سچو“ عاشقُ جي آھين، واڍوڙين وڃي ويھُ.

ڪافي 19
ڀلو، آءٌ تان يارَ سڄڻ جِي، ٻانِھي گولِي آھيان!

آءٌ نماڻِي عيبَن ھاڻي، ڏوھَن ۾ آءٌ تان اولِي آھيان.
جيھِي تيھِي آھيان، ڙِي جيڏيون، جانب جِي آءٌ تان جھولِي آھيان.
پَل پَل پُڇَن حال مُنھنجڙو، ڳالھ انھيءَ جي تان ڳولِي آھيان.
ھيڏي ھوڏي نه وڃان، مُحبن جي آءٌ تان ٽولِي آھيان.
ڏِسُ ”سچوءَ“ ڏي سُپرين، نا ته ڇَپَر ھِت ڇولِي آھيان.

ڪافي 20
اَديون اُھي اَڄ آيا، ڏيھُ جَنين لءِ ٿي ڏوريان!

ڏيو مبارڪ سرتيون مونکي، مولا سي مُحب مِلايا،
چرخو ڪيھو آءٌ چوريان؟
در پيھي سي، وو، آئيا، سائين اَلا، جَن لءِ مون وِرھَ وسايا،
پاڻُ مَٿانئن گھوريان!
پَر ڏيھِ ويا ھا، وو، مون پرين، واليءَ سي پوءِ ورايا،
تَڪِ ڪيھا ٻيا توريان؟
”سچو“ اتي، وو، دوستُ گَڏيوسي، ڏينھن گھڻا جَنھن لايا،
وندر ڪنھن لءِ ووڙيان.

ڪافي 21
ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئيان!

وس نه آھيان پانھنجي، واڪو ڪَيمُ بيوَس،
مين ديوانڙي ٿَئيان.
لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نه اَچي رَس،
حالَؤن ھُڻ مين ڳَئيان.
مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نه اَچي ڪَس،
قابو عَشق ڪَئيان.
بِرھ واري باتِ کؤن، ”سچو“ نه ڪَري بَس،
مِھڻا ڏيَن سَنئيان.
جھولڻو

Back to top Go down
http://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون
View previous topic View next topic Back to top 
Page 1 of 1

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: