Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ستون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:39 am


داستان ستون
1
مون جاليو سان جَن، موٽِي تَن نه پُڇيو؛
حال ھن جون خَبران، پَيون ھوندين ڪَنِ؛
تان ڀِي مارو مَنِ، وارُ نه ڪَڏنھن وِسريا!
2
توڙي ھو نه پُڇن، آءٌ گھڻو پُڇان تَن کي؛
عُمَر آءٌ مَڇُڻ، تَن کَؤن وڃان وِسري!
3
ٿي پُڻ وَسايامِ، ڪَڏھن مارُئين مينھَڙا؛
سي ڏينھن ڏاڏاڻي ڏيھَ جا، اَڄ ياد عُمر آيام؛
ھِت پنھوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيھا لقَب لايام؛
ھِن لحظي لَنگھايامِ، شال اِھي اَوَسر ڏينھڙا.
4
اِھي اَوسر ڏينھڙا، ھِت جالڻ آيم جالَ؛
کَٿيرا خوش حالَ، ھُت ميان ھون ملير ۾!
5
اَڄ سنگھاري ساريا، مون مينھَن وَسندي سومرا؛
ڳوڙھا ڳاڻاٽي بنا، ھِن ھَنجُنِ مَون ھاريا؛
ياد ڪَريندي تن کي، ٻارڻَ ڄَڻُ ٻاريا؛
ھِتِ ”سَچوءَ“ سَنڀاريا، ھُت سنڀارَ ”سَچوءَ“ جي!
6
ساريم اَڄُ سَنگھارَ، مِينھن وسندي سومَرا؛
جيڪي ڏينھن ھُئاسي گَڏُ ۾، دَم نه ٿياسي ڌار؛
ڪاٿي اَڄُ اَسين ٿيا، ڪاٿي اَجڙوارَ؛
وڌو قِسمت قيدالماءَ جي، پَري کان پَنوھارَ؛
تيلھان مون اَڄُ آئِيو، روئَڻ زارو زارَ؛
پَلپَل ھِت پَچارَ، ھُت به سانگيڙن جِي!
7
ڪَڏھن سانگِن ساڻُ، ٿي گَڏ وسايَم مِينھڙا!
اَڄُ قِسمت قيدالماءَ جي، پيو ھِيءُ پَرياڻُ؛
ھِت ڪَريان پُرزا پاڻُ، پَر ٿي لوئِيءَ جي لَڄَ مران.
8
وِسري ڪِينَ وڃان، مِيان ماروئڙن کَؤن؛
وسِرڻ سَنديون ڳالَھڙيون، مُورؤن تا نه مَڃان؛
آھي اميد اَڃان، پکي مَنجھ پَنھوار جي.
9
شالَ نه وِسارينِ، ھُئان يادِ انھن کي؛
عُمر اَباڻن جيون، ڳالھيون ٿيون ڳارين؛
ساھ رڳون سارين، مَن پَھچان پنھوارن کي.
10
لويون رنگارنگِ، ڪَن ساھيڙيُون ساڻيھ ۾؛
سي اَساوريُون اَڳريون، عُمَر پَھرِن اَنگِ؛
تاڪون تنھنجي تابَ کَؤن، جھانگِي پيٺا جھنگِ؛
ھِن ويچارا واھَڻِي، تن کي وٺُ نه تنگِ؛
سي ڪِيئن ڏِيَن پيرُ پلنگِ، حال جني جا ھِھڙا!
11
پَئي جيءُ جَنجال ۾، ساڻيھ سنڀاريُون؛
وسِرن اُھي ڪين ڪي، جي مَھلان موچاريُون؛
پَر قسمت قيدالماءَ جي، ڪَيون ھي ڪاريُون؛
ڪاٿي اَڄُ آءٌ ٿيس، ڪاٿي سَنگھاريُون؛
اوڏنھن نِھاريُون، وڃان سا وھلُور ٿِي!
12
عُمَر شالَ نه لائِيان، لَقَب لوئَڙئين؛
پاڻِي پِيَن پَٽَ ۾، اَبُون اوئَڙئين؛
ڏؤنرا ڏوئَڙئين، ونڊن ورھائِن پاڻ ۾.
13
شالَ نه لَقَب سومرا، لوئَڙئين لايان؛
پَٽ مَٿي ھِيءَ لوئِي، مُور نه مَٽايان؛
جا کَٿِي کيتَ ڌنارَ جي، ڀلِي سا ڀايان؛
مَري مَلھايان، سارو مُلڪُ مَليرَ جو.
14
عُمَر اڇا ڪَپڙا، ڪاڻياريُون ڪَن ڪِيئَن؟
جِھڙي آيَسِ جِيئَن، شل تِھڙي مارُن ڏي وڃان!
15
ڪِيئَن ڪاڻياريون ڪَن، ڪَپڙا اَڇا عُمَر ڄام؟
ٿِين پَنھواريون پَٽ ۾، مِھڻي ھابُ مُدامَ؛
آھيان سومرا تو سامَ، ته لوئِيءَ جي لَڄَ رھي.
16
ھِن لوئِيءَ جي لاڄَ، شالَ رھجِي اَچي سومرا؛
ته مَرُ ٻُڌي خوش ٿِين، ريگستاني راڄَ؛
سا نه کائي کاڄ، جا قيد ڪَئِي تو ڪوٽَ ۾.
17
توڙي لوئِي ھِت ڇِڄي، وڃِي تَھباران ٿئي؛
ته ڀِي پِھنديَس پَنھوارن جي، عُمَر ڀاڻِ ڀِڄِي؛
جھَانگِن لاءِ جِھڄِي، مان اَڌ مُئِي ٿِي آھِيان.
18
توڙي ھوءِ ڇِنِي، تا ڀي لوءِ لوئِيءَ سان وڃان؛
اَچِي عُمَرڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪِين ڪِنِي؛
سائِي سانڍيَم ساھ سان، جا ڏاڏاڻَن ڏنِي؛
اُھا نينديَس ڀاڻِ ڀِنِي، مِينھن وَسندي سومَرا.
19
اَبَر ٿِيا ۾ اُڀَ، ۽ واءُ لڳو اوڀارَ جو؛
”سچو“ چوي ٿيا سومرا، چَڱا سانگِنِ سُڀَ؛
پَر چِت اَندرَ ۾ چُڀَ اَٿن تنھنجي زور ظُلم جا!

ڪافي 1
اِھي نِياپا ڪو نيئِي، منھنجا مارُن ڏئي!

اَچڻ اَوھان جي وسَ وڏائِي، ڪوڙين سي ڪِيَڙم ڪيئِي.
ڏکَ ڏوراپا ٿا منجو اسان ڏي، حالَ اَسان ھِت ھيئِي.
قسِمت ڪو جو قَلَم وَھايو، پَري اوھان کان پيئِي.
لوءِ اوھان جي ڏنھُن لوئِي جا آنديم، لِيڙان ھِت ٿِي ويئِي.
ڳالھيون سَنگھارن جون سُڻ ”سچو“ ري، ساہَ سِيباڻيُم سيئِي.

ڪافي 2
ڪانگڙا قريبَن جا، توکي ڪالَھ اُڏايو ڪَن،
وَٽئُون وِيڙھيچن!

آسروندي آھيان، مَن ڪو ڀيرو ڪَن،
وَٽئُون ويڙھيچن!
پَکا پَکَن سامھون، اوڏا مانَ اَڏِن،
وَٽئُون ويڙھيچن!
”سچوءَ“ جي به سَرير ۾، دونھان روز دکَن،
وَٽئُون ويڙھيچن!

ڪافي 3
اِھي اولانبا آيا،
مون ڏي مارُن جا، ميان!

ڏيھُ ڏاڏاڻو ڪِيئَن وِساريُئِي، ڏينھَن اِتي تو لايا.
ڪَھڙِيين ڳالھيين ويڙھيچن ڏنھُن، مُنھن ڦيريُئِي مايا.
پَھَر پنھوارن ريءَ ڪِيئَن ٿِي گھارين، عُمَر ساڻُ اَجايا.
تُنھنجي ڪارڻ راتو ڏينھان، سانگِي سي ھِت سِڪايا.
وَسُ نه مُنھنجو سُڻُ ”سچو“ ري، ڏکيا مون ڏينھن لَنگھايا.

ڪافي 4
آيَم راتِ عتابَ،
ڏاڍا سخت سَنگھارن ڏنھَن!

مون کي عُمَر ماريو، جھانگيَڙن جي جوابَ.
”ويٺينءَ اِتي مارئِي، کائِي خوب ڪَبابَ“.
ھِت سارو ڏيھُ ڏَڪائِيو، عُمَر جي تِکَ تابَ.
موليٰ تا معافِي ڪيا، ”سَچو“ سَڀ حِسابَ.

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: