Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - هير رانجھو

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - هير رانجھو   سچل جو سنڌي ڪلام  - هير رانجھو I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:51 am


داستان پهريون
1
ڇڏي ملڪيت مال، رانجھو رِڻُ چڙهي هليو؛
قسمت ڪَيُس ڪنگال، نه ته حاڪم هو هزار جو.
2
حاڪم تخت هزار جو، قسمت ڪيو ڪنگال؛
مسڪينيءَ جو مردَ کي، خطرو نڪو خيال؛
محبت مستانو ڪري، ههڙو ڪِيَڙس حال؛
پُڇي جھنگ سيال، حُب نه تخت هزار جِي.
3
مالڪ اُنهيءَ مُلڪ جو، رانجھن مان راجو؛
الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو؛
عشق ڪَيم آجو، دنيا جي ڪُلَ دردَ کان.
4
مالڪ تخت هزار جو، رانجھو آءٌ راجا؛
ڪانِي مون کي قلب ۾، قربَ هئين ڪا جا؛
ڏکن جا ڏاجا، لکيا هُيَم لوح ۾.
5
شاهِي هُيم شان، دلبر پنهنجي ديسَ ۾؛
اُتان آيس اوچتو، کڻِي سورن جو سامان؛
ڇا منجھارؤن ڇا ٿِي آيس، اهو اٿم اَرمان؛
حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هِتي ڪيو.
6
رانجھو هُيس راءُ، مالڪ پنهنجي ملڪ جو؛
اديون عشق انڌو ڪيو، پَيَڙم ڪِين سَماءُ؛
گُھورن ڪيم گھاءُ، هِتي اَچِي هِيرَ جي.
7
اَچڻ اوکو مون هُيو، هاريون آندم هِير؛
پنهنجي لِکِئي پاڻَ کي، پاڙڻ پَئي تقديرَ؛
ڪانه هلٖي تدبير، قسمت قيد الماءَ سان.
8
جوڳيا ويسَ ڍڪِي، لاٿم سڀ لباسُ؛
پَٽ پٽيهرَ بافتا، نپٽ ڪيم ناسُ؛
ڪيو نينهن نِراسُ، دنيا جي درد کان.
9
مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو؛
عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئيٖن.
10
چوچڪ ڌيءَ چَريو، مون کي ڪيو ماءُ؛
پَيَڙم ڪونه سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.
11
شاه هزارِي هوت کي، محبت ڪيو ميهارُ؛
عاشقن کي عارُ، ڪهڙو آهه قريبَ کان.
12
مور نه محبت کان مُڙان، هتي اَچِي هاڻ؛
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.

13
ڳئون چاريندس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ؛
اها روح رهاڻ، مَنَ ڀِي ميلي محب سان.
14
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳَليين ٿِيس ڳنوارُ؛
من مون ملي يارُ، لَهنَ ڏولا ڏيل جا.
15
نورنگ ندورو، کيڙو وجھان کوهَ؛
رانجھو منهنجي روحَ، سدا وسي ٿو سرتيون.
16
کيڙي نا ميڙي، موليٰ مون کي جيڏيون؛
جھَنگ سڄو جھيڙي، ته به رانجھن منهنجي روحَ ۾.
17
کيٖڙو وجھان کوهِ، نورنگ ندورو؛
دل اَٿم ديرو، هزاريءَ جي هوت جو.
18
واحدَ شالَ وجھين، چڱي چوچڪ چت؛
پَرور رکين پَتِ، سدا سِڪَ وارئين!
19
ريجھي روح رانجھي سان، کيڙو کَپَڙتالُ؛
وِڌؤن وجھٖي وچ ۾، چوچڪ ڏسُ چنڊالُ؛
مادر مِهڻا ڏئي جھجھا، جھيڙي جھنگ سيالُ؛
مٺو مون مِهوالُ، مون کان مور نه وسري.
20
هَر هَر ويٺو هِير جي، رانجھو ڏسٖي راهَ؛
ويٺو وڄائي وَنجھُلِي، چاهون تي چناهَ؛
سانڍيو وتي ساهَ، �سچل� سور سڄڻ جا.

ڪافي 1
جو جوڳي زلفن وارو،
سو سامِي مون تان ڪين سُڃاتو!

ڳَل ڪئي ڪفنِي دست پَهوڙا، مشعَل مُنهن مُوچارو.
انگ ڀڀوت بنائي آيو، بيک پئِي وڻجارو.
ٻئي لباسَ ڪو رانجھو اِيندو، ڇڏي تخت هزارو.
سببَ اِنهيءَ کَون ڪين سُڃاتم، ماريو مُئيءَ لئه وارو.
�سچو� سُڃاتو رانجھو آهي، جڏهن جمال سَليائين سارو.

ڪافي 2
جو اڱڻ پيهِي اَڄ آيو،
سو سامِي مون تا صحيح سُڃاتو!

بيراڳيءَ جو بيٖک ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو!
سَر جھَٽائون جوڳِن واريون، تنهن لِڱين بسمو لايو.
مُرليءَ مست آواز اُنهيءَ جي، منهنجو روح ريجھايو.
رانجھو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي مِلايو.
عطر عبير اِنهيءَ جي ڪارڻ، مون تا مُشڪ مَلايو.
پياري هِي سِر پاڻون ڄاڻي، �سچوءَ� کي سمجھايو.

داستان ٻيو
1
لوڌي ڪَڍيائون لوءِ مان، رانجھَنُ رمزدار؛
جاٽي هليو جان تي، جوڳن جو جنسار؛
مُرلِي مَڻيادار، چوريون وتي چاهَ مان.
2
اَلستِي آواز ڪو، منهنجي ڪَن پيو؛
هِردي اندر هِيرَ جي، آهي ڪونه ٻيو؛
مُرليءَ مست ڪيو، جوڳيڙن جي جيڏيون.
3
ڪاريهَر قتِيلَ، گودين وڌا گودڙئي؛
مَنڊيو وتي مَنڊن سان، نانگ نسورا نِيلَ؛
رانجھَن جي رسِيلَ، مُرلِيءَ مستانا ڪيا.
4
مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريهرن ڪَرَ؛
ٻِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَرَ؛
زهري منجھ زهَر، جوڳِيڙي جھَٽي وتا.
5
جن کي اَديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريهَر؛
تَن جي خاص خَبَرَ، جاچيو جوڳيڙن کان.
6
جاچيو جوڳِيڙَن کان، تن جي خبر خاصُ؛
نانگن ڪيا ناسُ، سِنگھَڻ سان سَوَن مٿي.
7
ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛
ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جهِين ڏَرُ نه ڏيههَ ۾.
8
سَپ سُڃاتئون ڪِين ڪِي، جوڳن ماري جکَ؛
جَنين سِنگھيو ڪَکَ، سَڀاڳا سي ئِي ٿِيا.
9
ڪُنڍَلَ ڪَنَن ۾ وجھِي، خان ڇڏي خانِي؛
جوڳيسَرُ جانِي، راوِيءَ طرف رَوِي هليو.
10
راوِيءَ طرف رَويو، جوڳيسَرُ جوان؛
هيڪر هِيرَ اُڪيرَ ۾، مَرد ٿيو مستان؛
سورن جو سامان، �سچل� ساڻ کڻِي هليو.
11
ڇڏي چاه چنابَ جو، راوِيءَ ڏانهن رويو؛
مُرليون سُرليون، ونجھَليون وڄائيندو ويو؛
ٿانِيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پُر ۾.
12
جوڳي آيو جُوءِ ۾، مَرڪڻو مَڻدار؛
مرلي مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار؛
ڪاريهر ڪَرَدار، نِيلا ناٿَ نوائِيا.
13
منڊَڙا، مَڙهي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛
پڙهيو سو پڙهي، مَنڊَڙا محبوبن تي.
14
تُنبيون تَن تَڻي، جوڳي آيو جوءِ ۾؛
ڪنهن جي قُربَ ڪڻي، رانجھو روليو رُڃَ ۾.
15
نيٽِيءَ نورنگَ پور ۾، ويهڻ وههُ ٿيو؛
ڏوراپا نه ڏيو، جنهنجو چاههُ چناههَ سان.
16
نيٽيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ ٿيو وههُ؛
قِسمَت ڪاريا ڪَمَڙا، مانڍيءَ لڳو مِنههُ؛
ورهَؤن ڪَڍي وههُ، ورههَ سندي واسِينگ جو.
17
هاريءَ ٻڌي هيرَ، مُرلِيءَ ڪَئي مَگنُ؛
�سچو� وسري ڪِين ڪِي، ويچاريءَ وَچَنُ؛
لانگوٽيءَ لَگنُ، لِکيو جنهن جو لوحَ ۾.
18
هُتي ڪير هُيس، هتي آهيان ڪيرُ!
سالم اهي سيرُ، �سچل� سِڪَ ڪَرائِيو.

ڪافي
آءُ اسانجڙي ديري،
توکي گھڻو ساريان ٿي.
نا تهَ مُحب مَران ٿي.

تون تا ميڏا، مين تا تيڏي، کُههِ گھتان سڀ کيڙي،
هِت گھُنگھَر گھاريان ٿي.
اَڱڻ ساڏي آءُ پيارلَ، لَههِ پَوَن سڀ جھيڙي،
تولئه هَنجُون هاريان ٿي.



Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - هير رانجھو
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - سنڌي پورب

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: