Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات Empty
PostSubject: شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات   شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات I_icon_minitimeWed Nov 14, 2012 3:11 pm

داستان پهريون

1
ڀَلا ئِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي؛
سَٻاجھا سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِينِ؛
مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِن ۾.
2
تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ کي؛
آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي؛
هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين!
3
مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ!
رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ؛
وِماسِيا جِن ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تِنِ هِنئون.
4
رات سَهائِي، ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گُھرجي ڀَلُ؛
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَن چَرِي چَلُ؛
مون توئِي سين ڳالهڙِي، ٻِئي ڪَنهِين مَ سَلُ؛
هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کَـرَنِ کي.
5
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ؛
پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
6
سهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.
7
چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين؛
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.
8
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
9
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
10
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جَهڙِي تو صُبوح، تَهڙِي صافِي سَڄَڻين.
11
توڏانهن گھڻو نِهاريان، تارا! تيلاهِين؛
سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرين.
12
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين؛
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نه ڪَڏَهِين.
13
تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.

وائي
وَهلِي وَنءُ مَ وِهامِي! رَهُ رات! رائِينديس پرِينءَ کي.
شَمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيء کان کامِي؛
بابُوئن سندِي باه جِئَن، ٻَران شال اُجھامِي!
پِرتِ جا پِيتَم جِي، سا ڪِينَ پروڙي عامِي؛
مونکي مون پِريُن جو، آهي دَردُ دَوامِي؛
آهيان يارُ سَيَّدَ جو، ڪانَ رهِي ڪا خامِي؛
هُوءَ جا لَنؤُ، لَطِيفُ چئي، مونکي آهي مُدامِي؛
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنهيءَ لامي؛
ڪارِي سا قِيامَ سَنئِين، هوتُ جنهنجو حامِي؛
آيَم تَنهِين لوڪَ سان، جيسِين مان چَوَن سامِي.

داستان ٻيو
1
ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪج پِرِينِ ڏي؛
اَحوالَ عاجزن جا، آکِـجِ لَڳِ اللهَ؛
روزُ نِهارينِ راهَ، اَکـيُون اَوهانجي آسِري.
2
چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين؛
مَٿان اَڱڻ اُڀرِي، پِريُنِ جي پَئيجِ؛
جِھيڻو ڳالھائيجِ، پيرين وجِھي هَٿڙا.
3
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئُون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور؛
جنهن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجھي سَڄَڻَ سِيٽيان.
4
ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حياتِيءَ هيڪاندِ؟
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رنجائي راندِ؛
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُھ ڳَرهِيان ڪن سين؟
5
هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟
اَچِي لالَنَ! نه ڏِئين، مَٿي پَلَنگَن پيرَ؟
ٿِي ورُونهڻ ويرَ، ڳُجُھ ڳَرَهِيان ڪن سين؟
6
ڪَرَهو نه ڪيڪانُ، پيرين آئُون نه پُڄڻِي؛
جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ؛
مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
7
ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ؛
منهنجو هلڻ اُتَهِين، جِتي جانِبَ جاءِ؛
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻيو وَڳُ، لاڻِي کاءِ؛
اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
8
ڪَسَرَ ڇڏ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجُھ وَڌَندِيُون؛
سَنئِين سُپيرِيُنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
ڇَڏ جھورِي، ڏي جھاٽَ، ته هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
9
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري؛
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻِي کاءِ؛
اِنَ مَئي سندي، ماءِ! مُون کي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو.
10
مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرَها!
جھاڳِيندي جَرَ پَٽـيُون، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِئين.
11
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُـتـيَس مالَ؛
ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَنءِ حالَ؛
چَندَنُ چارِيَنءِ جالَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
12
مَيا! تو مَهارَ، سڄِي پايان سونَ جِي؛
چارِيَنءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ؛
سَندِي پِيَ پَچارَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
13
اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو؛
لَڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو؛
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
14
وِهي مَنجھــهِين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري؛
ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ؛
جَڳَ سين جهڙو جَڳَ، هِنئين سين هُتِ چَري.
15
اَڄ نه اَڳينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھ هو؛
اَڱَڻَ آيو نه ڪري، پاهوڙي پَچارَ؛
جيڪُسِ مَنجھ قَطار، ڪا وَلِ چِنائين وِهُ جي.
16
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَليُن کي؛
خَبَر ٿِي کيٽَ ڌَڻيُنِ کي وِڏُوڙا واهِي؛
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏِي، وَريسِ نه وائِي؛
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسرِي.
17
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي؛
وَليُون واسَ وَرنيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ؛
چانگي چَٽِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَـئِدَ ري.
18
ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمَ پَئدَ پَلَڻَ جا؛
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَـئِين؛
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُھ سَئِين؛
اوباهيوس اَئِين! لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
19
چانگي چَئِي چُڪياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلَهي!
جنهن وَلِ گھڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آرِ لَڳياسِ؛
چوڌارِي چَندنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ؛
رُئاري رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي.
20
اُٿي اَڙائِينس، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿِيو؛
کارايان، کِـڙِيو وڃي، پَلاڻي پائِينسِ؛
ڏانوَڻِ تنهن ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگھي ڀُڻو.
21
دُو دَستِي، دُو پيرَ، سِيني سَنگَھرَ رُڪَ جِي؛
ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ؛
تنهن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!
22
ڪِنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪِيئَن ڀَنڀولِئين؟ ڪَرَها!
اَکِيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَناءِ!
وَڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئَن گھاڻي وَهِين.
23
کائي نه کَٽَڻهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سِرکَنڊَ لَهي نه سارَ؛
لاڻِيءَ جي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪيو.
24
چانگا! چَندَنُ نه چَرِين، مَيا! پِئَين نه موڪَ؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃِين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ؛
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکرِ آئُڙِي؟
25
جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ؛
مَيو تنهن ماڳاءِ، ڏِيهاڻي ڏارَ چَري.
26
لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ؛
ايلاچيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ؛
ڪَٿ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.

وائي 1
سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي؛
ڪارِيءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻَ نه رُونِ؛
موٽَڻ جنِين ميهڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ؛
جِن مُسافر سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.

وائي 2
توڻي تَڙِئين تُون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇڏيان!
مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنهن نه ڏِئين مُون؛
مُون ٻيا درَ گھڻا نِهاريا، آهِئين تُون ئِي تُون.
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاھ سائين جو رسالوـ سُر کنڀات
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر آسا
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ڪوهياري
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر سهڻي
» شاھ سائين جو رسالوـ سُر ديسي

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: