Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر رپ Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر رپ    شاه سائين جو رسالو- سُر رپ I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:28 pm

داستان پھريون

1
گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳـرَ پَنڌڙَو.
2
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻين؛
مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِينءَ جي.
3
گُوندَرَ ھَٿَ نه پيـرَ، وِرِهُ مَنجِھينِ وَھَڻو؛
ڪُڙهِ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيـرَ؛
مُون جِئَن گھاري ڪيـرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟
4
اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين.
5
ڳَرَنِ ۾ ڳَرَھيج، روئي ڪَجِ مَ پَڌِرا؛
تان سُوراڻي سَھيجِ، جان لا ھِيندَڙُ ڪو لَهِين.
6
ڳُرَ ۾، ڳُجھو روءُ، پَڌَر وِجُھ مَ پَرِينءَ ري؛
سُورَنِ سُڀَرُ ھوءُ، ھِنئَڙا! ڪُمَ ڪَنَنِ جِئَن.
7
جاءِ نه سَڄو ڏِينھُن، ھِنئَڙو اوٺي وَڳَ جِئَن؛
مُون پِرِيان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نه ڪَيو.
8
پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نه رَھي پِرِينءَ ري؛
جِئَن جھوريءَ کان جَھلِيانسِ، جِھڄِيو تِئَن جھوريءَ پَوي.
9
ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُھڙُ نيڻَنئُون نه لَهي؛
اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
آءُ سَڄڻ! لَـھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
10
مُون مَنجھيئي مِينھُن ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين؟
سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِرِيان جو نه لَھي.
11
جُه سي سَنڀِرِ جَنِ، سَهَ تنين سين اورِيان؛
لُنؤ لُنؤ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئَن.
12
چَتُـرُ رَھي نه چِتُ، ويڻين واڳِيو نه رَھي؛
رَئيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنئَڙو واٽَ وِرِکَ جئَن.
13
چوري چوري چِتُ، جان نَئينءَ وِھاڻِيءَ نِڪِران؛
نِينھُن گُھرائي نِتُ، پِريان سَندي پيـرَ ۾.
14
چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نه وِسِري؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.
15
چيتاري چَونَدِياسِ، ڳالِھيُون سَڀوئي سَڄَڻين؛
جُه مُقابِلِ ٿِياسِ، ته سَڀِ وَڃَنِمِ وِسِري.

داستان ٻيو
1
سَڄَڻَ سان نه ڀيٽَ، ڳُجُھ ڳَرھِيان ڪِنِ سين؛
ڳالِھيُون اِنھيءَ ريٽَ، سَلا ٻَڌي مورِيُون.
2
ڳالِھيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيوُن؛
پَرَ سين مُون نه ڪَيُون، گوشي پِرِين نه گَڏِيا.
3
گَونِي ۽ گُونِي، پِرِين پَٽائين گَجَ جِئن؛
جي مَنَ مـجُوني، سي ڪِئَن وَڃَنِ وِسِرِي؟
4
اَندَرِ اَندَرِيُون، جِئَن سي وانجِھيءَ لَٺِ ۾؛
مُون تَنَ تيترِيُون، ته ”ڪِئَن مِلِبو سَڄَڻين؟“
5
جِئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ واريءَ گاڏُئان؛
ھِنئَڙو پِرِيان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نه نِـبِـري.
6
سَٻَرُ سِيُّ پِيو، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
نه مُون ڪانڌُ، نه قُوتُ ڪي، جوڀَنُ وَھِي وِيو؛
تنِـين حالُ ڪِھو، نِڌَرَ جنِـين نـِجُھرا؟
7
اُتَرُ اوتُون ڏي، نه مُون سَوَڙِ نه گَبـَرو؛
سِيُّ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نـِجُھرا؟
8
اُتَرُ ڏِني اوتَ، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
چارَئي چُنِـيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي.
9
نِينھُن نھِائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍڪِئين؟
ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، ته ڪِئن پَچَندا ٿانءَ؟
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَھڙِي.
10
نِينھُن نِھائِينءَ جِئَن، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍَڪئِين؟
ڄَرَ ڄيري ڇَڏي، ته رَڇَ پَچَندا ڪِئَن؟
تُون پڻ ڪَريج تِئَن، جِئَن ڪنڀارَڪَرِن ڪَمَ سين.
11
نھِائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين!
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
12
نيڻَ نِهائِين جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان؛
اُجھامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين!
13
ڪي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽيءَ پائي مَنِيو؛
تَنھن مان تِرَ جيتِري، جي پَئي خَبَـرَ کـرَنِ؛
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي!

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
» شاه سائين جو رسالو-سُر کاهوڙي
» شاھ سائين جو رسالو 'سر ڪلياڻ
»  شاه سائين جو رسالو-سُر ڪاپائتي

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: