Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

  شاه سائين جو رسالو- سُر پورب

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

 شاه سائين جو رسالو- سُر پورب Empty
PostSubject: شاه سائين جو رسالو- سُر پورب    شاه سائين جو رسالو- سُر پورب I_icon_minitimeThu Nov 15, 2012 12:36 pm


داستان پهريون
1
ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛
آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيهو، وِچ مَ وِساريجِ؛
اَللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجھو ڳالِهائيجِ؛
چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.
2
آءُ اُڏامِي، ڪانگَڙا! پارانڀانِ پَچارِ؛
ويـهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ؛
جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
3
پارانڀانِ پَچارِ، مٿي لامَ لَطِيفُ چئي؛
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اَوَان جِي ڪارِ؛
جي ڏِٺي ۾ ڏيٺارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
4
وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا! لَنئُن لاتِ؛
وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
5
ڪانگَلَ! سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرڏيہِ وِيا؛
جنِين رِءَ جَهانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ؛
اللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڪَجِ ڳاراچو ڳوٺِ؛
جي ڏَمِرِيا ڪَنهِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
6
پِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ؛
ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پکِي! تُنهِنجا پَرَ؛
گُھمِي مَٿان گَھرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
7
ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
پِرين مانَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!
8
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِھجِ اَڱَڻُ؛
تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.
9
آندِيوُن ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ؛
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيون سَرَهائِيُون ساهَ؛
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهِنجا سابِ پِيا.
10
ڪانگَلَ! تُنهِنجِي ڇانگَ، جَڏو جِيُ جِياريو؛
مٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِئين سِرِ ٻيلانگَ؛
اُڏِرُ مٿان ڦانگَ، ته گَھرِ آوَنِ سُپِرِين.
11
ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجِي ڏي مَحِبُوبَ کي؛
”لالَنَ! لايَـئِي ڏِينهَڙا، ڪَنهِن سِٽاڻي سانگِ؛
اَوان رِءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِهَ وَسائِيان.“
12
رِءَ پِرِيان پَرديسَ ۾، وِرِهَ وَڌِي ڪِي وَسَ؛
اَکِـيُون پارِ پِرِيُنِ جي، ٿِيوُن گامَ نِهارينِ گَسَ؛
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَرُون.
13
زاغَ! تُنهِنجِي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون؛
اُڏامِجِ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُون؛
ڪَجِ وينَتِـيُون وِتَرِيُون، ٻاجھائِجِ ٻَهُون؛
ته ”لالَنَ! ڪونَ لَـهُون، جِھو تو جَهانَ ۾.“
14
قَرِيبَنِ جو ڪانگڙو، مٿي ٽارَ ٽِلي؛
کَـڻِيو کِنياتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِيو کِلي؛
لائِي جَنهِن لالَنَ سان، مُنهِنجي باتِ بِلي؛
سو وَرُ چَشِمَنِ سان چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.

داستان ٻيو
1
تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي؛
پِرِيُنِ پاٻوهَڻَ سان، ڏُورِ ڪَيا سَڀِ ڏُکَ؛
ماڙُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَا ڪيا.
2
سامي چائِيـين، سُکُ طَلبِئين، سِکِـئين نه، سامِي!
اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي؛
گُـرَ کي تُون نه گَڏِئين، چائِيـين اِنعامِي؛
دائِمُ مُدامِي، پورو رَهِجِ پِرِينءَ سين.
3
پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ؛
سُيَمِ نه سَنياسِيُنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ؛
ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نه معذُورَنِ جا.
4
مٿي راهَ رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون؛
هي گَھرُ گھورِيائُون، آڳانڍِيائُون اڳِيان.
5
پُورَب پُورَب تَبِ ڪَرُون، جَب هِنئَڙي آوَنِ پُورَ؛
سِڪَندي کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ؛
مارِيَسِ تَنهِن سُورَ، جِئَن ساڄَنُ سُڄي، نه مِلي.


Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
شاه سائين جو رسالو- سُر پورب
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
»  شاه سائين جو رسالو- سُر ڏهر
»  شاه سائين جو رسالو- سُر رپ
» شاه سائين جو رسالو
»  شاه سائين جو رسالو- سُر بلاول
»  شاه سائين جو رسالو- سُر پرڀاتي

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Shah Abdul Latif Bhittaie Jo Risalo شاه سائين جو رسالو
-
Jump to: