Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون   سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:12 am


داستان ٽيون
1
ڏکن مَنجھان سُک، مُون تا لَڌا جيڏيون؛
ڏوريندي کي ڏُک، سُونھان ٿيڙا سَڄڻان.
٢
ھَنِ سَھانگا سُک، جي ساري عالم آئيا؛
ڏور مھانگا ڏک، جي ورتا وِرھ وارئين.
3
سينڌيون جي سُکن، تنين گوندر گھوريا؛
ڏنم ڪاڻ ڏکن، ھي سِرُ سارو سَٽِ ۾.
4
سُکِيون ڪوھ پُڇن، سنديون ڏکن خبران؟
سي ھِن وھانءِ وڃن، ڏِيل ڏکايل جن جا.
5
ڏکيون پُڇن ڏک، سُکيون پڇن سکڙا؛
ھن کي حاصل جو ٿيو، جيڪي منجھان جُکَ؛
نينھن وارن جي نُکَ، لڳي لوريءَ وارئين.
6
گوندر ڪيئن گھوريان، جنھن ڪيَس سينڌي سڄڻين؛
جان تِڪ پئي توريان، تان ڏک موچارا سُک کَـئُون.
7
جي گوندر گوشِ نه ڪن، کُھ پيون سي سرتيون؛
جَن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻـئون ھوتَ پري ڪيون.
8
گوندر گھمي جي لھان، تان سُک سَوين ساڙيان؛
آءٌ پُڻ ڪيئن پاڙيان، ڏک سکن سان سرتيون.
9
جنين گوندر گوشُ، آءٌ گھڻو تَنِ نھاريان؛
جال انھن ۾ جوش، سدا آھي سرتيون.
10
جي سارو پُڇان لوڪ، تا گوندر وارو نه لھان؛
ھھڙو ڀَلو ٿوڪُ، ڪھين ڀاڳ پرائيو.
11
گوندر ڏينھن گذار، جان تون جئين جِندڙا؛
سو ئي عھد پار، جو ئي ڪَيُئِي پرينءَ سان.
12
سُکن واريون سَوَ، ڪا ڪا ورهُ وارئي؛
ترت انھيءَ کان تَوَ، ڀڳيون آتڻ واريون.
13
آتَڻ واريون آئيون، ٿيون آتَڻُ اُجارين؛
جي گوندر گذارين، آتَڻُ تن اوک ٿيو.
14
سارو لوڪ سُکن، پوءِ رھايو پرينءَ کـئُون؛
ڏسو واهَ ڏکن، ھوتُ وھاريو ھنج ۾!

ڪافي 1
سرتيون منھنجو ساھ، ھاڙھي سي ھوت وٺي ويا!

ڪونه ڪميڻيءَ جو ٿئي، ھاديءَ ري ھمراھ.
ڀينر ھن ڀنڀور ۾، آڻيندن الله.
ھَنڌئُون جنھين ھوت ويا، روئي چمان سو راھ.
پرڏيھين تي ناھ ڪو، وريتيون ويساھ.
آھي رفيق رُڃن ۾، سندو سوزِ سپاھ.
ناھيم ٻئي ڪنھن لوڪ جو، پاڙيچون پرواھ.
معاف ”سچوءَ“ کي سي ڪندا، جيڪو ڏوھ گناھ.

ڪافي 2
اَچي ڪونه ايڏاھون، ماڻھو شھر ڀنڀور ۾!

منھن ڪري اُنھينءَ پار ڏي، ميان، ويٺي ڪيم اَلاھُون.
ڏسي حال حقير جو، ميان، اَچن منَ اَڳاھُون.
ڪو پَلُ پاڄاڻيءَ کـئُون، پَري ٿي نه پَراھُون.
ٿَر ٿَڪائِي آھيان، ميان، پَکا اَڏِج اوراھُون.
سُڻِي موٽ ”سچوءَ“ جون، ميان، آرياڻي آھُون.

ڪافي 3
وڻي ٻاروچي ٻولي، سدا تان ساھ منھنجي کي.

ھُئي پناھ ۾ يار سڄڻ جي، ٻاروچي جي ٽولِي.
ٻاروچاڻي ذات جي، گولن جي آھيان گولي.
ڪاڪيون وينديس ڪيچ ڏي، ڏونگر ڀايان ڏولِي.
”سچو“ سامَ اُنھيءَ جي، آھيان عيبن اولِي.

ڪافي 4
ڪي ايندا، ھيڏي ايندا، اَلو، وھنيان ٻاروچا!

ساٿي مون کي سچ چؤ، دوست دلاسو ڪو ڏيندا؛
ھوندا ڪي مون وٽ ھميشہ، وري ڪي پوئتي ويندا؛
ھيڪَندَ شھر ڀنڀور ۾، ساڻُ ٿَڪِي اچي ٿيندا؛
ٻاروچا سي ٻاجھ پَـئِي، آءٌ چڱي ڪي چِيندا؛
سُور ”سچوءَ“ جا، سرتيون، نال پنھنجي ڪي نِيندا؟

ڪافي 5
اڙِي جيڏيون، مون کي ڇو ٿيون پِرينءَ ڏَنھُن جھليو!

ويھان ڪيئن ڀنڀور ۾، جو روحُ اُنھن سان رليو.
ساڻُن ٿيندس سنگتي، جو ھوت ھاڙي ڏي ھليو.
پِريان سندي پارَ ڏنھن، پاڙيچُون نا پَليو.
سڄڻ سارو پانھنجو، سِر ”سچوءَ“ کي سَليو.

ڪافي 6

پانڌي، دلاسو ڏي مون، ايندا آرياڻي ڪي اوڏا!

آڌيءَ رات جو، وو، ڪيائون سانڀاھو، حال ڪيا تَن ھي مون،
ويا تا تِرڪي توڏا.
ڪيو قبول، وو، پُنھونءَ ڪارڻ، ڏک سوين نِي سي مون،
لَڪ ڏئي لک لوڏا.
محبت کـئُون تان مُنھُن نه موڙيان، پرزا ٿيان ھِت جي مون،
گَسي وڃن توڙي گوڏا.
سر تان صدقي، وو، آھ ”سچوءَ“ جو، ڪاڪيون چَون ھِت ڪي مون،
درد ڏيندو سو ڌوڏا.

ڪافي 7
آءٌ وڃان تو تـَئُون گھوري گھوري، ميان!

ڏونگر رھيس ڏاکڙا، تنھنجي ڪارڻ ڏوري ڏوري.
تو ٿڪائِي، وي، آھيان، اَچج آرياڻيءَ تون اوري اوري.
ڀلا ھن ڀنڀور ۾، تِر نه رھنديس توري توري.
مون کي وڌو مون پرين، جھڻڪ اوھانجڙيءَ جھوري جھوري.
”سچوءَ“ جو ني سُپرين، ھِنيَڙو نيو ھي ھوري ھوري.

ڪافي 8
ٻيو ڪَير حامي منھنجو ٿيندو، لَکي ٻاروچَلَ ٻاجھون!

درد منديءَ جي دل انھيءَ کي، پاڻـئون دلاسو ڏيندو.
ڪين ڇڏيندو ڇپرين، سوئي نال نِـماڻِي نيندو.
اَکڙين سان سَڀيئي ڏسنديون، اڱڻ آرياڻيءَ سو ايندو.
پاڻ پنھنجو يار پيارل، ساڻ غريبِ گڏيندو.
ڏنگاين ڏي ڪين ڏسندو، بديون تان بخشيندو.
مِھرَ پنھنجيءَ ساڻ ڪنھن ڏھاڙي، ”سچو“ سو نانءُ سَڏيندو.

ڪافي 9
آءٌ ويندي پُنھل جي پار، ميان، ٿَڪِيس ڪِين ٿَرن ۾!

مون مَن گڏي گوندرين، ڪيچي ٿِـيَم قرار.
ذات جتن جي جيڏيون، جيءُ وڌو آھي جار.
ڪندي وڃي ڪيچ ڏي، ڪنِيزاڻِي ڪار.
آھي ڪاڻ قريب جي، وڃڻ مون وڻڪار.
پُرڻ اٿم پنڌ ۾، دوست پُٺِيءَ دزڪار.
سارو ڪم ”سچوءَ“ جو آھي، اُنھن جي اِختيار.

ڪافي 10
اڄ اھو ساڳِي مون سڃاتو، آھي ٻَڙيون ٻاروچو!

اصل لاڪُون آھي اُنھن سان، ھن نماڻيءَ جو ناتو.
اچي ڏٺم اوچتو، پيچُ جَنھن مُون سان پاتو.
ڦِريس ڦيريدار جان، ڄاڻ نه مون ھيئن ڄاتو.
لٿو لحظي ھڪ ۾، اديون ڙي اوراتو.
صدقو ”سچو“ تَنھِن اُتون، عشق جَنھِن سان تو لاتو.

ڪافي 11
وڃي ڏيھ پرين، ڙي ساٿيو، منھنجو ڏجو سنيھو!

اوھان ٻاجھون سُپرين، ڏکيا ڏينھن لنگھن.
ويٺا ڏسون واٽَڙيُن، اڱڻ مانَ اچن.
ڪونه ورندي ٿو ڏئي، وندر جي ڀي وڃن.
ڏکيا اُھي ڏينھڙا، جي پاسي کان پِرين.
ڀينر شھر ڀنڀور ۾، شال ڀيرو ڪن.
ويچاريءَ نه وساريو، جا لڳي ساڻ لَڪن.
جيھو تيھو آھي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

ڪافي 1٢
ڪيچن جي ڪَڍَ ڪاهِ، متان ويھين کِين وساري!

ڏسندينءَ ڏونگر چوٽِئين، بَلوچاڻي باھ.
ڦولجِ پاڻ فقير ٿي، وندر جي وڻراھ.
ساري شھر ڀنڀور جا، لاڳاپا سڀ لاھِ.
متان ويھين ماٺ ڪري، ڏونگر ڏورج ڏاھِ.
عرض وڃي ڪر روبرو، ٻيا ساٿي ڪِيم سَنڀاھِ.
ٻانھي ٿج ٻروچ جي، ڪو تون سَڱ نه ساھ.
روح رھي ھِت ھوت ريءَ، ”سچو“ ڪنھن نه صَلاح.

ڪافي 13
ٻيو ڪير پڇي ٿو حال منھنجو، خان ٻاروچل ٻاجھون!

تو ريءَ آھيان يار سڄڻ، ميان، اُداسي اَھنجو.
جَنھين ڪَھين سان پيچ پاتوسين، غرض رکي سو نه ڪنھنجو.
خيال اسان ڏي آھي جنھن جو، آءٌ ڀي سو آھيان تنھنجو.
اَسان ڄاتو صحيح سڃاتو، عاشق آھين تُون اَسانجو.
درؤن پيھِي پاڻ پُڇَندو، آھين ”سچو“ تُون ڪِي سَھنجو.

ڪافي 14
اَکَڙيُن اِسرارُ، مون کي ڪو جو ڪيو، ميان!

اُنھن تان ڏيکاريو، ڪاڪيون ڙي ڪوھيار.
تِنھِين ڏھاڙي ڪيو، بِرھَ بي اختيار.
ڏونگر ٿو ڏورائي، چشمن جو چمڪار.
ناز نيڻن جو سَرتيون، ووڙائي وڻڪار.
سوز سڄڻ جو سَرتيون، ”سچوءَ“ کي سينگار.

ڪافي 15
يار پُنھلَ پيغامي، ڪڏھن مُڪو ڪونه مون ڏي!

روز اَزل کؤن يارَ اوھان کي، منھنجو ساھ سلامِي.
اَوھين نه ايندؤ، اَسين اينداسي، اِھا اَسانجي اَنجامي.
پِرين ڏسِجو وَڙَ پنھنجي ڏي، آھن عيب اسان ۾.
جان جُثي، جان ڪِي، ٿيندي نه طلب تمامي.
ڳالھيون اوھان جون ٻارڻُ ٻارن، وينديون سي ڪين وسامي.
ڏيئِي اسانکي ڦَٽ فراق جا، ٿئين تون يار آرامي.
درَ اوھانجي جِي يارَ ”سچوءَ“ تان، مَڃِي آھي غلامي.

ڪافي 16
پوءِ ھت ڪيئن ڪندي، ٻاجھون يار جي آءٌ!

پيرين پَوندي پِرينءَ جي، ڳچيءَ پائي گَندي.
وَھي ٿي واڪا ڪيون، نيڻن مَنجھؤن نَدي.
سَڀ پَر سَنديَن آھيان، چَڱي توڙي مَندي.
دل ”سچوءَ“ جي سَرتيون، بِرھَ تَھِين جي بِندي.

ڪافي 17
آءُ وري تون تان ويھُ، سڄڻ آءٌ تان تنھنجڙي آھيان!

آھون عاشق جون سُڻي، ڇڏ پرين پَرڏيھُ.
پکي پاڄياڻين جي ميان، آءُ پرين تون پيھُ.
اَصل لاڪون آھي ئي، ھِي ڏاھا تنھنجڙو ڏيھُ.
”سچو“ جوني سپرين، آءُ ساري ساڻيھُ.

ڪافي 18
گولن جي آءٌ گولي،
خان ٻاروچا، تنھنجي!

آءٌ نه ڪنديس ڪڏھين، ٻانھپ ريءَ ٻولِي.
سُڌ اچي لھ سِگھَڙي، آھيان سا عيبن اولِي.
ھِن ڏُھارڻ جھڙي ڪا، لھندين ڳوٺن مون مس ڳولِي.
نانءُ سائينءَ جي يار سڄڻ ڙي، ڪر ”سچوءَ“ سان سولِي.

ڪافي 19
ساٿ سلامت آيو، پکي ٻاروچَل جو.

ڏينھن فراق جا لنگھيا اسان تُون، موليٰ سو محب ملايو.
ميلاپي جو مِھر پِئي تان، واليءَ ورق ورايو.
وَڙَ پنھنجي ڏي پاڻ ڏٺائون، ويڙھو ھي يار وسايو.
ميرا لاھي اڇا ڪياسي، ھوتن تان نيھن نباھيو.
ڏيو مبارڪان سڀئي ”سچوءَ“ کي، جو سورن اڄ سِڌايو.
داستان چوٿون
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: