Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان پنجون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان پنجون   سچل جو سنڌي ڪلام  - سسئي - داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:16 am


داستان پنجون
1
ڪيچَئُون آيو قافلو، مون ڪَر پُڇيائون؛
ڪَرم ڪيائون، ھن مون نِماڻِيءَ تي.
2
ڪيچَئُون اچي قافلو، مون وٽ ٿيو مِھمان؛
”سچل“ ساري ساٿ جو، ھو آرياڻي اڳوان؛
مولىٰ مھربان، نِڌر نماڻيءَ تي ٿيو.
3
ڪيچَئُون آيو قافلو، رات موچاريءَ رُوءِ؛
مڙيوئي خوشبوءِ، ٿيو سارو شھر ڀنڀور جو.
4
ڪيچَئُون آيو قافلو، کڻي کٿوري بار؛
ھر ڪَنھِن ھَنڌ ھُٻڪارَ، ڪَيَئِين سارو شھر ڀنڀور جو.
5
ڪيچَئُون آيو قافلو، رُوءِ موچاريءَ رات؛
سنديءَ جَتَن جاتِ، واسيو شھر ڀنڀور کي.
6
ڪيچَئُون آيو قافلو، کڻي عطر عنبيرُ؛
تنھن سَرھائيءَ تاثير، ڪيو ساري شھر ڀنڀور کي.
7
ڪيچَئُون آيو قافلو، کٿوري کڻي؛
تنھن جي ھُٻ ھڻي، واسيو شھر ڀنڀور کي.
8
ڪيچَئُون آيو قافلو، خوب ٿيس خوشحال؛
چڱو ٿِـيَڙُم حالَ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.
9
ڪيچَئُون آيو قافلو، ڀينَرُ منجھ ڀنڀور؛
ھيءَ ڪميڻي ڪمزور، پر پرينءَ پنھنجو وڙُ ڪيو.
10
ڪيچيڙن مون ڪالھ، دم دم دلاسا ڏنا؛
ھَي ھَي منھنجي حال، جي ويھي ھِت وساريان.
11
شال نه وسرين ھوتَ، ٻيو سڀ مون وسري؛
مون کي تائين موت، ھئين اکڙين ۾.
12
ويُم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راھ رھي؛
ٻاروچا ٻَھي، ھِت ٿي ورھُ وسائيان.
13
ويم نڪري قافلو، ھاڻي ڪيئن ڪريان؟
ويٺي ڏک ڏريان، پرين ريءَ پرڏيھ ۾.
14
ويم نڪري قافلو، ڏاڍو ڏيئي ڏُک؛
ويٺي ساريان سُک، جو ھيڪَند ھُيس ھوت سان.
15
ويم نڪري قافلو، ڪائي نه پيئي ڪَل؛
سيني اَندر سَل، اَٿم آريءَ ڄام جا.
16
ويم نڪري قافلو، اَديون آڌيءَ رات؛
ٻاروچاڻي ذات، ڏسان شال اکين سان.
17
ويم نڪري قافلو، ڪَل نه مون پيئي؛
حال سندم ھيئي، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وري.
18
ويم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راھ رھياس؛
جيڏيون آءٌ جِياس، جي مُنھن ٻاروچي ڏسان.
19
ويم نڪري قافلو، آيل، چُپ چُپات؛
ٻاروچاڻي ذات، مانَ مون سين ڪو وڙ ڪري.
20
ويم نڪري قافلو، آءٌ پيرين پيادي؛
ٿئي مُون شادي، جي منھن ٻاروچي ڏسان.
21
ويم نڪري قافلو، آءٌ پُڻ کڻان پيرَ؛
ڏک ڏيئي ويا ڏيرَ، مانَ ٻاروچو ٻاجھ ڪري.
22
ويٺي ورھ وسايان، ڪانڌَ، اچي لھ ڪَل؛
جانِي تنھنجي جَل، منھنجو اَندر اڌ ڪيو.
23
منھنجو اَندر اڌ ڪيو، فَنا ھِن فراق؛
مري ٿي مُشتاق، ڪا ڪر ور ولھيءَ جي.

ڪافي 1
مون ڏِي واڳ ورائيندا، سرتيون، سِگَھڙا ٻيلَڙا ڪوھيارا!

پَکا پَکن سامھون، اوري آڻي اَڏائيندا.
ڀينر ھن ڀنڀور جا، وري ڀاڻ وسائيندا.
سڀيئي ڏسنديون سرتيون، روندي ھوت کلائيندا.
پاڄياڻيءَ جا پاڻھين، پَکا پاڻ پُڇائيندا.
سور ”سچو“ ڙي، ھوت سان، ھِيءَ غريب گڏائيندا.

ڪافي 2
آءُ ھَلي ڏس حال، منھنجو ٻاروچل ڙي، ميان!

راتو ڏينھان روح ۾، تنھنجو خاص خيالُ.
اَوھان ٻاجھُون سُپرين، ساعت ڀايان سالُ.
مون تا نماڻيءَ سان، ڪر ڀلائي ڀالُ.
سارڻُ سِڪَڻُ اَن جو، مون کي مِلڪِ آئون مالُ.
مرشد سارو مَڃيو، ”سچوءَ“ جو به سوالُ.

ڪافي 3
پڇُون ڪِينَ پِرن، ميان، حال منھنجي جون خبران،
ساٿيو ڙي، پانڌيو ڙي!

آھي ٻاجھ ٻروچ کي، مٿي مَعذورن، ميان.
ساھ سِڪي ٿو جن لءِ، سي مون ڪي سارن، ميان.
ھِن دم دلاسا ڏنا، سرتيون مون ساٿِن، ميان.
تون ھِت ڪھڙيءَ ڳالھ ۾، تو ھُت ياد ڪرن، ميان.
تون جنين جي آسري، سي تو ڪٿي ڇڏنِ، ميان.
”سچو“ سَنگت پانھنجي، مانَ غريبِ گڏنِ، ميان.

ڪافي 4
ڪيچي ويڙم ڪالھَ، آءٌ ٿي ورھ وسايان!

مانَ نماڻيءَ ھِن جِي، سِگھِي لَھَن سنڀال.
ڀينر آھي ڀَنڀورَ ۾، جِيَڻ منجھ جنجال.
جَن لءِ ڏونگر ڏوريان، سي ئي ڏسان شالَ.
آءٌ پيادي نه پُڄان، ڏاڍا ڪافَ ڪشالَ.
مون جِياريو جيڏيون، سَندن خوابَ خيالَ.
ساڻ ”سچوءَ“ ڪَنِ سُپرين، ڀَلائيءَ جا ڀالَ.

ڪافي 5
ٻاروچي لؤن لائِي، وو مِيان، ڪوھياري لؤن لائِي!

ڳالھ نه ڳَرھڻ جھڙي، ڏاڍي سُورَ سَلائي.
سرتيون مون سان سُورَ ۾، ڀينر ڪا نا ڀائِي.
ھِيرَ وڻي سا ھانوَ کي، ڏانھُن عَجِيبن آئِي.
سِر ڏيوڻ سڄڻ کي، ”سچو“ آھي سَچائِي.

ڪافي 6
اُھي ڪاڪيون ڪوھيارا،
اَڄُ اڱَڻ منھنجي آيا!

پيھي پاڻھي آئيا، جَن ڏور ٿي ڏَسايو؛
ھَٿـئُون جَنِين ھِنيَڙو، اَديون مون ٿي کَسايو؛
جَن جي ڪارڻ جيڏيون، مون ٿي پانڌي پُڇايا.
ھُيس جَنِين ڪاڻِ آءٌ، آيَل اُٻائون؛
دل ۾ دردمنديءَ جي، وڏو ورھُ وڌائون؛
پوٿيون پَٽايَم جَن لءِ، اُھي مولىٰ مِلايا.
وعدا پانھنجا سرتيون، اُھي پاڻھي پاڙيائون؛
نِماڻيءَ جي نجھري، اَچي پَکا اَڏيائون؛
اُنھن ڪارڻ ڪاڪِيون، مون ٿي وِرھ وَسايا.
ڪَرم ڪيائون پانھنجو، ھاڻي حال ڏسي ھيئي؛
وائِي فلڪ فراق جي، ھاڻي وچَؤن ئي ويئي؛
”سچو“ گَڏيو سَڄَڻا، جنھن ٿي ڪانگ اُڏايا.

ڪافي 7
مُڪا دلاسا ڏيئي، ري سڄڻ مُون ڏي!

دوستن دلداريون ڏنيون، حال ڏسي تان ھيئي.
پَسي عيب اسان جا، مِھَر پُنھونءَ کي پيئي.
وريو ورق وصال جو، وائي ھِجر جي ويئي.
ماريون ملاقات جا، وس ڪيا ھم ڪيئي.
”سچو“ سي ئي آئيا، جِيءَ گُھريا ھَم جيئي.

ڪافي 8
آھي منھنجو سَڱ، تان پُنھَل توئي ساڻ!

آءُ اوري تون وڃ نه پري، ساھ وٺي وڃ ساڻ.
ھوت جي ني ھلڻ جو، ڪو نه پيم اُھڃاڻ.
ڇُلي پِيس ڇپرين، سڱ پنھل تنھنجي ساڻ.
لڳو آھي دل کي، ٻاروچل تنھنجو ٻاڻ.
سِر ”سچوءَ“ جو يار اَوھان تَئُون، ڪوڙين ٿئي قُرباڻ.

ڪافي 9
جنھن جي آھيان عشق اندوھي، تنھن ٻاروچي کي ٻاجھ پوي!
آءٌ حال چونديس روئي، تَنھن ڪوھيارل کي ڪَھَل پوي!

سا نه ڇڏيجو ڇپرين، جا لَعَلن تو سان لوئي.
پِريان سَندي پار ڏنھُن، قاصِد اچي ڪوئي.
سوئي ايندم سُپرين، جانب جيءَ جو جوئي.
پورھيو ڪنديس پرينءَ جو، ڳچيءَ پائي اوئي.
سَمَر ٿيڙم سُڃ جا، حُبَ توئي سان ھوئي.
اکيون عجيبن ڏي، بيٺيون جُھڙ جھوئي.
”سچو“ سگ اوھان جو، پور وڌا جنھن پوئي.

ڪافي 10
آءٌ اوھان تَون گھوري، اَڙي ڪيچيو، ساڻ نيجو!

راتو ڏينھان روح کي، آھي اوھان جي جھوري، اڙي ڪيچيو!
دائِم وڌيَوَ دل کي، ھِن ڏکَن جي ڏوري، اڙي ڪيچيو!
ويھان ويھَڻ نه ٿئي، ڏاڍي سا لايَوَ لوري، اڙي ڪيچيو!
ڪرڻ مناسب ناھي تان، ساڻ ضَعِيفن زوري، اڙي ڪيچيو!

ڪافي 11
مون کي ھيئن نه ڇَپَر ڇَڏ، ميان، اڙي ڀلو پُنھَل يار!

پرين پاڄياڻي پانھنجي، گولِي گولِن گَڏ، ميان.
تون تان صاحب سُپرين، ھِيءَ ڏُھارڻ ڏڏ، ميان.
آءٌ اوھان جي آھيان، ھُؤن ھُؤن ھڏ، ميان.
تُنھنجي صاحب سُپرين، شال نه سِڪان سڏ، ميان.
جايون جانَب پانھنجيون، اکَڙين ۾ اَڏِ، ميان.

ڪافي 12
ڪندي، آءٌ ڪوھُ رھِي رھِي، جيڏيون ھِت ھوتَن ريءَ.

اَندر ورھ وٿاڻ ڪَيا، لؤن لؤن مَنجھ لَھِي لَھِي.
ڇڏي شَھر ڀنڀورَ کي، وينديَس ڪيچ ڪَھِي ڪَھي.
ڪونھي مُنھنجو ڪوھيارلَ ريءَ، سرتيون ھِت سَھِي سَھِي.
قول پاڙيندو نِي پانھنجا، ٻاروچَل ٻَـھِي ٻَـھِي.
”سچو“ گڏيم ساٿ جا، پنڌن منجھ پَھِي پَھِي.

ڪافي 13
آءٌ ڪِي تان اوڏي آئِي، جھاڳيا مون سي جَبل جالَ.

سَل ساٿي ”ڪيچ ڪاٿي ٿيو“، ڪَلَ اَلله لڳ تون ڏي ڪائِي.
اوٺي ادا ڙي ٻُڌيئي ڪا، وري ورڻ جِي ھيڏي وائي.
شھر ڀنڀور ڏي ڀيرو ڪندا ڪو، ڏاڍي اسان سان ھوتَ لائي.
اڱڻ تنھنجي، سڻ ”سچو“ ڙي، ميان، جانِي اَچي ٿو رات جائِي.

ڪافي 14
ٻانَھڻ ڙي پَرڏيـھِي، ناھي ايذائِڻُ توکي؛
ناھي واجب پَرڏيھي، ادا، اِيذائڻ توکي!

ڏيندءِ ڏوراپو يار اسانجو، وٽ توئي جي ويھي.
پير ڦيھين ٿو نِتُ نماڻيءَ جا، ڳالھ ڪريان ٻي ڪيھي!
ھيءُ اميد، وو، ھئِي نه تو ڏنھُن، جبل ڪيئي مون سان جيھي.
جيھي ڪندين ڪوھَ! اسان سان، ڳالھ ڪنديس ھُت تيھي.
”سچو“ سڃاتو سنگَ توئي کي، آھي عادت تو ايھي.

ڪافي 15
حيلا ڪيم ھزارين، مانَ ٽِڪنِ مون وٽ رات.

ڪَرھ قطاري ھليا، بودا پلاڻي پِرڀات.
آءٌ سُتي ھو ھُليا، توڏن جي ڪيَئُون تات.
سُور ڏنائون سوکڙيون، ڏک ڏنائون ڏات.
پرين ساري موڪلِي، ڏانھن ”سچو“ سوغات.
داستان ڇهون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان پنجون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان يارهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ڏهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ستون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: