Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پهريون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:28 am


داستان پهريون
1
ساريَم اَڄ سَنگھارَ، جن ڏٺي مون ڏينھن ٿيا؛
سي لَڪَ لَنگھي پيھِي ويا، پانورَ منجھ پَنھوار؛
ھَڻِي ويٺا پَکڙا، ھُتِ سُکِ ٿي اُجَڙوارَ؛
جن جي ساہ سنڀارَ، سي اَڄ پَنھوارَ پَري ٿِيا.
2
اَڃا ڪالھُون ڪالھَ، ھُيس مارن گڏ ملير ۾؛
سي ڏينھن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجھ خوابَ خيالَ؛
اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ؛
جن جي ساہَ سنڀال، سي اَڄ پنھوارَ پري ٿِيا.
3
تڏھن مُڪئون جيڪَر، مون ڏي خاصا خابَرو؛
لَھَڻ سُڌ سَنگھارِ جِي، نَڪو پانڌِي پٺيائُون؛
پَر پَري شايد پنھوارَ ويا، جو سُڌ نه لَڌائُون؛
پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نئين ھيجؤن ھَنيائُون؛
ڇڏي مُلڪ ملير ويا، ھُنَ تَرِ تيلھائُون،
اِئين اُتائُون، ته ھِت ڏَرُ ڏريجو ناھ ڪو.
4
ڪڏھن ڏيھ ڏٺامِ، ٿي ساعَتَ ساعَتَ سومرا؛
مارو ڪالھ ملير ۾، پَر پَري اَڄ پيامِ؛
آھِن ڪينَ اُنھن رِيءَ، اَکڙيون ۾ آرامِ؛
سَدا وتن سِڪنديون، پَر سانڀڻ سُورَ ٿيامِ؛
سي پُڻ ڪين وِيامِ، جَن سان ڳَرھيم ڳالھڙيون.
5
جي ھوند اُتيئي، ھئا ماروئڙا ملير ۾؛
سُڌ لڌائون سِگھڙي، حال ٻُڌي ھيئِي؛
پَر ٿَر چڙھي ويئي، جيڪُسِ وَسئن ويڙھيچن جي.
6
پَنھوارن پيغامَ، جيڪَر مُڪا تَڏھين؛
پَر مون کان اَڄ پَري ٿيا، ويڙھيچا وريامَ؛
تيلھان مون ڏي نه آيا، ڏنھن سنگھارَن سلامَ؛
ھئا ملير مُدامَ، پر ڪو سانگِن اَچي سانگُ پيو.
7
ھِيءَ وَس ڇڏيائون، ھُن وَسِ ويا واھَڻِين؛
پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نَئين عُمَر اَڏيائُون؛
پَٽي اوريان پَکڙا، وڃي ھُنَ ٿَر ھَنيائوُن؛
پانورَ سَنديون ڪَنڌيون، وڃي اُتي واسيائوُن؛
ڇڏي مُلڪ ملير جو، ويا ٿَريچا تائوُن؛
اُڪنڊَ جن آئون، سي اَڄ پنھوارَ پَري ٿيا.
8
ٿيا پنھوارَ پري، آءٌ ڪنِ کي ڏوراپا ڏيان؟
اُنھن ٻاجھوُن مارُئِي، ٿِي مِيان ھِت مَري؛
نئين قبَر ڪَري، ڪو اوڏي اباڻَن کي.
9
جي پيڪَن پوءِ پيامَ، سي تا ڏکيا ڏينھڙا؛
ھِيئن نه ڀائڻُ ڪا ھُيَم، تا ڪي ھيئن ڪندامَ؛
پَرَ وڃِي ٿرِ ٿيام، سي سُڌ لَھندڙ سومرا.
10
پري ڏينھن پيانِ، جيڪُس سانگِن ڪو سانگُ پيو؛
پکا پانورَ ڪَنڌئين، ٿرؤن ڏور ٿيان؛
ھوند ڏوراپا ڏيان، پَرَ پَنھوار پري ٿيا!
11
پَري ٿيم پنھوارَ، جَن وري وَرَڻُ نه ٿيو؛
ڏيان ڏوراپا ڪَن کي، ٿيا سِھج ڪاڻِ سنگھارَ؛
عُمَر اُٻائون آھِ مون، جو دم تَنھنئون ڌارَ؛
اُھي اَجَڙوارَ، مانَ مِلائي مُون ڌڻِي!
12
پَرئين ٿَر پنھوارَ، جيڪُس وڏو وڇِٽُ ڪري ويا،
ڪڏھن ايندم اوڏڙا، سومرا سنگھارَ،
رڻُ ڇڏي ريڍار، مَن ڪَرن مھڙ ملير ڏي!
13
پانورَ پاس پيا، وڏا ڏوٿِنِ ڏينھَڙا؛
ٿانھر وڃي ٿَرَ ۾، ٿَريچا ٿيا؛
لَنگھي ملڪ مَلير جو، ويڙھيچا ويا؛
عُمَر ايڏي پَنڌ تي، ڪنھِين سانگ نِيا؛
قادر شال ڪِيا، مون کي ويجھا واھَڻِين!
14
اَٿم سارَ سَندين، پَرَ اَڄ پنھوار پَري ٿِيا؛
مشڪل موٽَڻ تَن جو، جي ھي لَڪَ لنگھِينِ؛
وري ھيج ورينِ، جي سانگِنِ ڪو سانگ پيو.
15
جي لويُون ڍَڪي لوءِ، ڪڏھن اِيندا ھا اَجڙي؛
اَڄ ھڻي پَکا پانورين، عُمَر ويٺا اوءِ؛
تَن پنھوارن پوءِ، موٽِي اَچڻ نه ٿيو.
16
جي ھُوند اُنھِين جاءِ، ھئا اَباڻا اوڏڙا؛
ته ھِنَئون اَڳي وَسَ ڪِيا، تَن منھنجي اَچڻ لاءِ؛
پَرَ اُتَن عِتاب نه آءِ، جي ٿوري ٿَرِ چَڙھِي ويا.
17
جي اوڏا ھوند ھيام، ماروئڙا ملير ۾؛
ته پڻ پيغام فراقَ جا، مارُنِ ڏَنھُن مُڪام؛
پَرَ پَرئين ٿَرِ ٿيامِ، ناہِ عِتاب اُنھِن تي؛
18
لنگھي مُلڪ مَلير جو، ويا پَرئين ڏيھِ پنھوار؛
تَن موٽي اچڻ جِي نه ڪئِي، اَي سومرا سردار؛
ھاڻي ساريو، ھِتِ سَنگھار، ڳَچَ ھِنيانءَ ڳَريو پَون.
19
ڇا ھُون ڇَڏيائون، نه ڄاڻان مُلڪ ملير جو؛
پَکا پانوَرَ ڪَنڌئين، نَئِين عُمَر اَڏيائون؛
اَٺَئِي پَھَر اُٻاڻِڪِي، اُنھِنِ ري آئون؛
ڪو موٽي ڪائُون، مَنَ ماڻھو مُلڪَ ملير جو!
20
اَڄ نه حوضين ھُوءِ، مارو نانھِ ملير ۾؛
ايندا ھئا اَجڙي، کَليُون کَنيو کُوھِ؛
جيڪُس مِيان پَرَ جُوءِ، اُھي ويا ويچارا واھَڻِين.
21
عُمَر اَباڻي پارَ جي، فانِي ڪَيَس فِراق؛
جي ھُئا ريجاڻين رَھاڪَ، تَنِ ٿَرِ وڃي ٿاڻا ڪيا.
22
ٿي گَڏ ڪيَمُ گُذران، جَنِين جھانگِيئَڙَن سان؛
ڪاٿي اَڄ اُھي ٿِيا، سومرا سُڃاڻُ؛
ڪاٿي پيس آءٌ اَچِي، آھِ اِھوئِي اَرمانُ؛
حَيرتَ ۾ حيران، آءٌ اِنھِينءَ تان آھيان.
23
مُون جاليوسان جَنِ، موٽِي تَن نه پُڇيو؛
حالَ ھِنَ جون خَبران، پيون، ھُوندن ڪَن؛
پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، توڙِ ھنيان اَڄ تَنِ؛
ڏيان ڏوراپا ڪَنِ، جو سَنگھار ئِي ساڻيھ ٿيا.
24
جيڪس سنگھارَنِ، اُھو ڏيھ وڻِي ويو؛
وري ھيج وَرَن، جي سانگِن، ڪو سانگُ پيو.
25
جيڪُس سنگھارَن، وري وَرَڻ نه ٿيو؛
عُمَر اَباڻَن، ھُو اَڄ ڏيہُ وڻِي وَيو.
26
ويجھائِيءَ لَئه وِجھُلان، سَندِيءَ اَباڻَن؛
اُھي ھميشه ھُئن، جي سُڌ لَھن سڀ حالَ جي.
27
ڏينھَن اُتي جا ڪي، اَڄ اَچي مون ياد پيا؛
پَھُون پنھوارن جون، صبح ويلي سي؛
اُٿيا اَچن آبَ لءِ، مٿي آنھ اُھي؛
ھئا اُڌَل جھانگِي جي، تَن سانگن ڪو سانگِ پيو.
28
آريُون اَباڻَن ري، ٻِئا تان کڻندم ڪير؟
ھي جي ڳَھَ ڳِچيءَ جا، ظالمَ ڀانيان زير؛
سَنگھارنِ ساويرِ، مِلان شال ملير ۾!
29
ايندم اَباڻا، ڏُورِ لايا جَن ڏينھڙا،
ڪير سَھندم سومرا، ري مارئڙن ماڻا؟
ھاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽِي ملنديس مارئين.

ڪافي 1
سومرا سائين توکي، وو،
ڳالھيون چونديَس آءٌ حالَ جون، ھوءِ ھوءِ!

عمر اباڻي پارَ ڏي، ڪِرڙ ڪڪوريا ڪي، وو.
ڪوڪَڙ چونڊيان ڪانڌَ سان، پٽ چڙھي پيڪي، وو.
سِڱَرَ کِيَن سڦڙا، سَئين جا سڀڪي، وو.

ڪافي 2
جاليم جن سان ٿي، وو، تا مارو ڪيڻ ويا؛
ھوءِ ھوءِ حالڙو ڪنھن سان ڳريان!

پَکا پٽي اُتھون ويا، پَرئين پنڌِ کڻي.
راتو ڏينھان روح کي، اوڏنھن گھُرَ گھڻِي.
گھڙي جا ھِت گھاريان، سا ويڙھيچن نه وڻِي.
جھليان شالَ وڃِي، اُن پَنھنجن جِي به پَڻِي.
مون من ماندو مارئين، ڄاڻي ھڪ ڌڻِي.
پکا پانورَ ڪنڌئين، ھو ويٺا حال ھڻي.
جدائيءَ کَون جھانگيئڙن جي منھنجِي بابِ بڻِي.
”سچو“ سنگھارن جا ھِت ويٺِي ڳڻ ڳڻِي.

ڪافي 3
ڪانگل ڏج سنيھڙا، مان ويراڳڻ آھيان!
اوھان ٻاجھُون آءٌ گھڻيري، مَحلَن ۾ مُسجان.
قسمت قيدالماء جي ايرادي آھيان.
چانور ڇا چورمان، آڇِن نِت نوان.
ڏَونرا پُسيون ڏيھَ جا، ساريون ھِت رئان.
زھر پيالا سوز جا، اوتيون آءٌ پيان.
اوھان ٻاجھون سپرين، مَران آءٌ ڪِي جيان!
ڏکَن ڪارڻ ڏيھَ ۾، نِپايَس اَوھان.
”سچو“ اَکڙين مَؤن، ميان، ھاري رتُ رئان!

ڪافي 4
متان منڌ مارُن تَون، وھين آسرو لاھي!

بَندُ تُنھنجي بابَ ۾، اَصلَ کؤن آھي.
سَڱُ اسان جو سومَرا، ڇِنَڻ جيھو ناھي.
پِرِين نِيندا پاڻ سان، سڳر ڏي ساھي.
نِيَرَ ھِي جي نِينھَن جا ڪير سگھي لاھي.
رکج منھن ملير ڏي، ٺاھ نه ٻِيو ٺاھي.

ڪافي5
وري آءُ وطن، منھنجا ساريون نيڻَ سِڪَن،
- موٽ سلامت سپرين!

اکڙيون اوھيرا ڪَري، واٽ ڏسيو وجھلَن.
پِريَن پرديسن لاءِ، جھوريءَ نيڻ جھِڄَنِ.
عمر اَباڻي پارَ ڏي، وڄون ٿيون چمڪَن.
ميڙائي جا مِينھَڙا، ويجھو شال وَسَن.
الله آندا مون پرين، دارون درد مندن.
”سچل“ سِڪَ سبيل ٿِي، پارئون جا پِريَن.

ڪافي6
مون تان چيو تو اڳھين، نه تون دل ڦاساءِ!

آھون دانھون ڇو ڪَرين، سَٻَر سيڻ سَنداءِ.
ڪُڇ ڪنھين سان ڪينڪي، ٻولِي ٻي نه ٻڌاءِ.
وڇڙيا گَڏُ گَڏي پِرين، ڪو والي ورق وراءِ.
ٿوري گھڻي ڏينھڙين، ڪندءِ ماڙ خداءِ.
سانگِي ويڙا سانگ تي، پنھنجي سانگِ سُڻاءِ.
پاڻوُن ڄاڻِي پِريت مؤن، ڪوھ ڪَرين ھاءِ ھاءِ.
”سچو“ سُپرينءَ لاءِ، ڪوڙين ڪانگَ اُڏاءِ.
تو پئي ساريو جن کي، تنِ ڀِي سِڪَ سندياءِ.
داستان ٻيو
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پهريون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: