Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان ٽيون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:32 am


داستان ٽيون
1
جھانگيئڙن لَئه جِيءُ، ھِت عمر آھ اُٻاڻڪو؛
نَئِي گَڏائج اُن سان، حال منھنجو تا ھيءُ؛
سانگيئڙن ۾ سيءُ، آھ اَڃا توڻِي تانھنجو.
2
ڪونه وري آيو، ماڻھو مُلڪَ مَلير جو؛
جو کِيئن جون ڏئي خبران، ساٿِي سَوايو؛
ڏورائيءَ ڏوٿِن جي، ھيءَ مون کي مُنجھايو؛
ميان ماروئڙن جي، ھِت طعنن تپايو؛
ڪر سومرا سايو، ته وڃان ويڙھيچن ڏي.
3
قاصد آيو ڪونڪو، ۽ ڪو نه لکيائون خط؛
جيڪُس ھُيس ڪينڪي، ريگستانِن رَتُ؛
پنھوارن پاھَتُ، تيلھان مون سان نه رکيو.
4
قاصِد آيو ڪونه، ريگستاني راڄَ ڏَھُون؛
جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سونَ-
ليھه پتو روحَ کي، ھُت ھَي ھَي جيڪس ھو نه!
ڇيھون ھِتي ڇونه، ٿيان اَھڙن عتابن سان.
5
پنھوارن پيغامَ، اَڄ ڏئِي مُڪا مُون مَڻين؛
”ڪڏھن آيا ڪينڪِي، تو ڏنھن ھِت سلام؛
”کائِي اتي محفوظُ ٿئين، طرحين طرحين طعامَ؛
”پيرُون چونڊئي پَٽَ جا، ٿي ڪڏھِن لاڙيو لامَ؛
”ڏسي عيش اِنعامَ، اَڄ اُھي ويلان وِيَڙئي وسري!“
6
پَري ٿين نه شالَ، ھُئن اوڏائِي اَجڙي!
اُٿي ويٺي اُن جا، اَٿم خوابَ خيال؛
سدا سانگيڙن جِي، مون کي ساہ سنڀال؛
ھِتِ مون ھھڙا حال، ھُتِ عِتاب اُنھن جا.
7
عمر مون ڏي آئيا، اَباڻئون عتاب؛
”ٿيئن اتي تون مارُئي، کائِي خوش ڪبابَ“؛
ھِت مون اکيون پنھنجيون، جھليون روئِي آبَ؛
جھوريَس ھِن جواب، ويڙھيچن وساريو.
8
مُنجن ھِيئن چَيون، مون ڏي مارو، سومرا؛
”وڃي عمر ساڻ تو، ڳالھيون ڪالھ ڪيون؛
”سي پُڻ پنھوارن ۾، پَڌر ھَتِ پيون؛
”اِھي پَچارون تانھنجون، ويڙھيچؤن نه ويون؛
”کيتن ھاڻ کنيون، پکيُون ملڪ ملير مَون.“
9
ڪو نئين نِياپو، منھنجو ماروئڙن ڏي؛
”مون ڏي اَوھان موڪليو، ڏيئي ڏوراپو؛
”ته لوئِي لاھي سِر ڪَيُئي، سونَ رُپي ڇاپو؛
”مون کؤن وسري ڪين ويو، آھي جھڻ اُھو جھاپو؛
”اِينديَس سِگھي ايڏھين، لاھي لاڳاپو؛
موليٰ ميلاپو، ڪندو سِگھڙو سنگھارن سان.“
10
آءٌ پُڻ ڇا ته چوان، موٽِي ماروئڙن کي!
”ھَئي ھَئي ھِن جي حال جِي، ناھي ڪَل اَوھان“؛
ھِت اُنھن ري سومرا، نِتُ نِتُ سورَ نوان؛
پَکي شالَ پھان، مان وڃي پنھوارن جي.
11
کڻي ساڻ کٿِي، جا آنديم مُلڪَ ملير ڏنھن؛
سا اَڄ توڻِي تا سِر ت‍ؤن، لَحظو ڪين لٿِي؛
لوئِيءَ سنديءَ لَڄَ کؤن، مون ڍڪيا پٽَ نه ٿي؛
ھِت سُورن آھ سَٿي، اَئين ٿيون ڏوراپو ڏيو!
12
ايڏانھن اِيندياس، ڪنھن مھل موچاريءَ ماروئا!
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنھن، سا ڇن نه ڇڏيندياس؛
توڙي تَھباران ٿِيئي، تَه بِه مور نه مٽيندياس؛
اَچي ڏوٿيڙن کي، اَڃا ڏوراپا ڏيندياسِ؛
ته ڪيئن وِساري ويھي رھيو، ٿوراھِين ٿيندياسِ؛
مَنَھيون، مَنَھَن سان اِتي، آڻي اَڏيندياسِ؛
ڳالھيون ڳرھيندياس، سرتن سان ساڻيھ ۾.
13
الله اَباڻن سان، مون کي گڏُ ڪرئين!
جي ويا ٿَر پَرئين، سي موٽي آڻ ملير ۾.
14
عمر اَباڻن ري، آءٌ تان ڪوجھِي آھيان؛
ھيءَ لوئِي نه لاھيان، جا آھ نِشانِي اُن جِي.
15
جا اَباڻن ڏني، سا لوئِي ھَڏ نه لاھيان؛
ڪنديِس ڪين ڪِني، وٺي وينديس ويڙھ ڏي.
16
عمر ڏيھ اَباڻي، مون چڱا ڏينھن گُذاريا؛
ھِت اَچي ھاڻي، پيو ھِنيڙو ھَلاڪت ۾.
17
عمر اَباڻؤن وڇڙي، ڪنھن اعراضي آندياس؛
وڃي خوشيؤن کائيندياس، پَڪا پيرون پانھنجا.
18
ڪائِي پلڪَ پَري، شال عمر اَباڻؤن نه ٿيان!
ذري منجھ ذري، ھُئن پڇندڙ حال جا.
19
جڏھن ھُيس اَباڻين، مَحل نه ماڙيون مون ڏٺا؛
لَئي ۽ لاڻين، ھيون پيھيون پنھوارن جون.
20
ڦَٽِي ڦوڙائِي، آءٌ مِيان ماروئڙن جي؛
ڏنيون مون کي تو ھتي، آھن ماڙيون جوڙائي؛
ويھان وچ نه انھين، ٻُڙو ٻوڙائي؛
ھِن ھنڌن ۾ سومرا، ٿو لکيو لوڙائي؛
جنھن آندم ٽوڙائي، پکن مؤن ته پنھوار جي.
21
ريگستاني راڄَ جِي، آءٌ ڳالھ ڪريان ڪيھِي!
ڪَنِ پچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويھي؛
ته ”ايندي ماروئين مارئِي، شل پَکن ۾ پيھي“؛
اُڪنڊ مون ميلاپ جِي، آھ جھانگن کي جيھي؛
منھنجي تن تيھِي، آھي سِڪ سنگھارن جِي.
22
مان اُنھن کي ساريان، ھو بِي سارن مون؛
جي راضي ٿئين تُون، ڏي موڪل ماروئڙن ڏي!
23
مان اَباڻن ساريان، ھُت اَباڻا سارين؛
واٽان نِھارين، منھنجي اَچڻ سنديون.

ڪافي 1

پَلپَل پونم پُور، عمر تن ماروئڙن جا.

دمدم منھنجي دل ۾، مارُن جا مذڪُور:
سرتيون سورن جا.
سانگيڙن کي سدا مان ساريان، ھنيڙي ھونم ھُور،
پل پل پنھوارن جا.
منِ مَچائي ”سچو“ ويا سانگِي، دونھن جا دستور،
خاصَن کورن جا.

ڪافي 2
پاڙيچون نِي پِرين جو، مون کي پُور اڄ نِي پيو.

انتر جنتر مَون ٿي، ھَي نيھڙي نيو.
جيڪي چيو نجوميءَ، سو تا صحيح ٿيو.
چرخو ڀَڃي چيھاڙيون، مون ٿي ڪاڪيون ڪَيو.
ھِن جان ٿئي جميعت، لالَن جي پائي ليو.
ڪو ڏس اچي پريئن جو، ھِن ڏاھ کي ڏيو.
جي در اچي سو دلبر، تا جيءُ، ”سچوءَ“ جو جيو.

ڪافي 3
مارو مون کي نه وسارين، آھيان اُنھن جي! ميان.

درد جنين جو دل کي، ڪَرم سين اُڪارين.
اٺ ئي پَھر اوڏھين، ٿا نيڻ نھارين.
ھردم طَلب جون تَن اندر، تارون تنوارين.
”سچو“ سارين جن کي، سي ڀي تو سارين.

ڪافي 4
ھلي ھھڙي حال، ميان،
وڃي ڏوٿن کي ڏسان!

پيڪَن مون پھچائين، ڀلا پنھنجي ڀالِ.
منھنجو ماروئڙن ريءَ، جِيڻ آھي جنجال.
ھھڙي وڇوڙي جي، ڪنھن سان ڳرھيان ڳالھ.
ھُئڻ سدا خوش سومرا، مارو پنھنجي مالِ.
”سچوءَ“ جي ته سَرير ۾، مارن جِي آھ قالِ.

ڪافي 5
ڏوٿن کؤن نه ڏور، آھيان جيڏيون.
آءٌ اوڏي ان کي! سائين الا.

ناھيان ٻاھر تن کؤن، ميان، ھڪڙوئِي دم دور.
”اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِرہُ“، دوسن جو دستور.
ھِي مڙيوئِي آھي تان، ميان، مارن جو مذڪور.
”سچو“ سا پُڇ ڳالھڙي، ميان، مارن جِي مَستور.
داستان چوٿون
Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ستون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: