Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
اسلام عليڪم ۽ خوش آمديد سنڌ چيٽ ڪيفي ۾ اسان توهان جو ڀليڪار ڪيون ٿا سدا خوش رهو مسڪرائندا رهو

We welcome you. And hope you will definitely like our Forum. being a Sindhi.!

Thanks.
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي

 
HomeHome  Latest imagesLatest images  SearchSearch  RegisterRegister  Log inLog in  
Latest topics
» make money online
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 4:05 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "NeoBux"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 28, 2016 3:57 pm by Admin

» Simple and very easy - Make Money by Clicks on View Aids "clixsense"
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeSat May 21, 2016 5:39 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The Nation News Paper
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:24 pm by Admin

» اخبار لاء هتي ڪلڪ ڪريو The News
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed May 18, 2016 5:22 pm by Admin

» سنڌ جون ڪمرشل ۽ بزنيس اهم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:21 pm by Admin

»  سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 2:08 pm by Admin

» سنڌ جي تعليم بابت اهم معلومات ۽ ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:54 pm by Admin

» سنڌ جا اهم شهر ۽ انهن جون ويبسائيٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 20, 2013 1:33 pm by Admin

» مذهب، دين ۽ صوفي ازم
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeTue Feb 19, 2013 2:18 pm by Admin

» سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 4:25 pm by Admin

» انساني حقن جون نمائنده تنظيمون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeMon Feb 18, 2013 12:19 pm by Admin

» asllammmmoalikummmm
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:21 am by me4u

» sindhiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiiii
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:20 am by me4u

» sindhi friendddddsss
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeThu Feb 07, 2013 10:17 am by me4u

» Funny SMS Urdu, Funny Text Messages
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 5:27 pm by me4u

» Pathan Messegs ,Funny SMS, Pathan Jokes Urdu, Pathan Text, Pathan SMS Jokes
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Feb 06, 2013 2:42 pm by me4u

»  سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeWed Nov 28, 2012 1:34 pm by me4u

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:29 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 12:28 pm by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - ڪافيون حصو پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:36 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - متفرق ڪلام - بيت، دوها ۽ هدايتون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:34 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ستون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:04 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ڇهون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:03 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:02 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان چوٿون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:01 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٽيون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 11:00 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان ٻيو
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:55 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پهريون
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:53 am by Admin

» سچل جو سنڌي ڪلام - جوڳ
سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:52 am by Admin

سنڌ چيٽ ڪيفي مينيو

 شاه سائين جو رسالو

  سچل سائين جو سنڌي ڪلام

 سنڌ تهذيب

 مذهب، دين ۽ صوفي ازم

  اسلامي رشتا، مڪمل مفت رجسٽرڊ

 سنڌ جا اهم تعليمي ۽ سماجهي اِي گروپَ، فَورمَ ۽ چَيٽِ رُومَ ويبسائيٽيون

 چيٽ ڪيفي روم

 گيمون رانديون

 ڪچهري چيٽ ڪيفي

 ڪمپيوٽر جي ڃاڻ

 سنڌي ٻولي، ثقافت، تواريخي ورثو،آثارقديمه

 سياسي، سماجهي، معاشي تنظيمون ۽ اين جي اوز

  سنڌ نوڪريون

 مزاحيه لطيفا، ميسيجز

Search
 
 

Display results as :
 
Rechercher Advanced Search
Make Money Online -100%

 

 سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون

Go down 
AuthorMessage
Admin
Admin



Posts : 102
Join date : 2010-11-07

سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون Empty
PostSubject: سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون   سچل جو سنڌي ڪلام  - مارئي – داستان پنجون I_icon_minitimeFri Nov 16, 2012 10:36 am


داستان پنجون
1
جوڙي پَکا جُوءِ، اَچي ويٺا عُمرَ آجڙِي؛
سَدا سَنگھارن جِي، ٿي مَٿي حوضَن ھوءِ؛
ٿيون گلزاريون گاھَن جيون، ٻِي خوب کُلِي خوشبوءِ؛
نَئِين رونق روءِ، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.
2
سدا ھئن سُکيا، ماروئَڙا ته مَلير ۾؛
شَل نه ڏينھن ڏکيا، اَچن آجَڙين تي!
3
سدا سَرھا ھونِ، ماروئَڙا ته ملير ۾؛
مٿي پنھوارن پون، مِھَر جا شَل مِينھڙا!
4
مِيان ماروئَڙن تي، مِھران وسَن مِينھَن؛
شَل نه ڏکِيا ڏينھن، اَچن آجَڙين تي!
5
سدا سي ساڻيھ ۾، سُکيا ھُئن سَنگھارَ؛
پکي مَنجھ پنھوارَ، شَل ھُئن ھميشہ سَرھا!
6
سائين سَنگھارن جو، رکج پَن پکي؛
ڪوئِي تا نه لَکي، ھُئَن سَدائين سَرھا!
7
سنگھاري ساڻيھ، شَل ھُئن سَدائين سَرھا؛
وڃَن نه پَرڏيھ، خوش گذارن اُتَھين!
8
ساڻيھ سنگھاري، سَرھا آھِن سومَرا؛
ويڙھيون ۽ واري، مَحلا ماروئَڙن جا.
9
جاتِي واريءَ ڊنو، تاتي اَڏنِ پکَڙا؛
ڀاڳين لَٿا ڀَوَ، سدا رھن او سَرھا.
10
نِوڙن ۽ نُونڌيَن، مارو چارنِ مالَڙا؛
گوڙين ۽ کِونديَن، سَرھا ٿِيَن ساہَ ۾.
11
جڏھن کِنونِ کِنوڻِيون، وَسَن مينھن مَلير ۾؛
نونديون ۽ نِوڙيون، تاتا سوئِن ٽاريُون.
12
ڀاڳيَن ڀَوَ لَٿَا، جي ويٺا پانورَ ڪَنڌئين؛
اُٺن مِينھن مَٿا، آجڙين عِيدان ڪيون.
13
وري وَسايو، مالِڪَ مُلڪ ملير جو؛
سو اڳي کَؤن اُجرو ٿِيو، سائو سَوايو؛
آگي اَگھايو، ”سچوءَ“ جو سوالُ ڪيو.
14
آھي سارَ سنڀالَ، ميان ماروئَڙن جي؛
ھِتِ ھِھڙا حالَ، ھُت عِتابَ اُنھن جا!
15
الله اوري آڻ، ماروئَڙا مَلير جا؛
يا مُون کي ڪڍي ڪوٽ مَون، نئين مُلڪ رَساڻ؛
ڀِڄَندي وڃي ڀاڻ، پِھان پنھوارن جي.
16
آڻ الله اوري، ماروئَڙا، مَلير جا؛
مون کي آندو اوچتو، ھِت ظُلمَ جي زوري؛
آءٌ تَنھن گھڙيءَ تَؤن گھوري، جنھن ھيڪاندِي ھِڪُ ٿِيان.
17
جي ريگستان رھن، تن کي سَخت نه وٺج سومرا؛
جو تنھنجو زور ظلمَ جو، سانگِي ڪِينَ سَھَن؛
مَتان پَرينءَ وَسِ وِھَن، ھو ويچارا واھڻِي.
18
جڏھن ويجھا ھُئامِ، ماروئڙا مَلير ۾؛
تڏھن ڳالھ اَحوال جي، ٿي تنھين ڪَن وِڌامِ؛
ھاڻي وَڃِي ٿَر ٿِيامِ، اُھي سُڌِ لَھَندڙ سُومرا.
19
ٿِيا پنھوارَ پري، آءٌ ڪنھن کي ڏوراپا ڏيان؛
وھَندو شالَ وِصالَ جو، وارو ڪو وري.
سونيئِي گڏُ ڪري، مُئيءَ کي ماروئَڙن سان.
20
ھُيمَ جَن سان حالَ، سي اَڄ سنگھاري سِجڪاڻ ٿيا؛
عُمَر اُنھِي پارَ جي، اَٿمَ سارَ سَنڀالَ؛
جو صبح اُٿي ساجھُرين، مارو ڇيڙن مالَ؛
پِيَسَ پَري پنوھارن کَؤن، ھَي جي ٿِيَم حالَ؛
آھي اُنھي ڪوٽَ ۾، جِيَڻُ مَنجھ جَنجالَ؛
سِگھَڙي وڃِي شالَ، پھان پکي پنھنوارن جي.

ڪافي 1
ھو جي ماروئَڙا ٻيھرَ مانَ مِلن،
شالَ الله اوراھون ڪَندن، سانگي سانگ سَندن.

ويٺي آھيان واٽ تي، مَنَ اَچو حال پُڇَن.
پَکا پَکَنِ سامھون، اوري آڻي اَڏنِ.
انھن ڪارڻ جيڏيون، منھنجيون اکيون رتُ رُئَن.
اَصل لاڪون آھي، ”سَچو“ سَگ سَندن.

ڪافي 2
مارو اُھي مِليامَ، عُمر ڄامَ، وو،
طَلَب جَنِين جِي آھي تَن کي.

ڪَرَم ڪَيائون ڪيترا، ڏوٿِي ھت ڏٺامَ.
ھِت جنَھين کي، ھُت ڀي تن کي پيو آرام.
پاڙِيائون سي پانھنجا، ميان، ڪَيئون جي انجام.
طالع وارا تن جي، گولن جا به غلام.
ڪاڏھن ”سچو“ سالڪان، ميان، ٿِئي طَلَب تمام.

ڪافي 3
ڏوراپا ڏيئِي، ڪنھن ھَٿ مُنجان، وو، ماروئين!

وساري ويھي رھيؤ، حال ٻُڌي ھيئِي.
مِڙي اَچو مون ڳَري، آھِيو جھانگِيڙا جيئِي.
لَھو سُڌِ سَنگھار جِي، جي آھيو اَتيئِي.
”سچو“ ساريَؤ ڪِين سا، جا ويڙھيچؤن ويئي.

ڪافي 4
راتِ مُڪَم روئِي،
ساري سلامَ سنگھارن ڏي.

اکيون اباڻي پار ڏي، بيٺيون جھُڙَ جھوئِي.
اَباڻَن جي آسري، لِيڙون ٿِيَم لوئِي.
ونڊن وِرڇن پاڻ سين، ڏؤنرن جِي ڏوئِي.
لِکِي ڪاغذ مُون وڌو، پَکيءَ کي پوئِي.
ڪي ڏينھن ڍويَم کيت سان، آبَ ڀَري اوئِي.
اَوھان ٻاجھؤن ڪونَڪو، ڪَل لَھي ڪوئِي.
مارو ملندو مارئِي، ”سَچَل“ کي سوئِي.
داستان ڇهون

Back to top Go down
https://sindhchat.forumotion.net
 
سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان پنجون
Back to top 
Page 1 of 1
 Similar topics
-
» سچل جو سنڌي ڪلام - مالڪوس- داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - سسئي - داستان پنجون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٻيو
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ڇهون
» سچل جو سنڌي ڪلام - مارئي – داستان ٽيون

Permissions in this forum:You cannot reply to topics in this forum
Sindh Chat Cafe' سنڌ چيٽ ڪيفي :: 

سنڌ ادب

 :: Sachal Sain Jo Kalam سچل سائين جو سنڌي ڪلام
-
Jump to: